• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آيا اڱڻ عجيب

رحيم بخش

ايڊيٽر
آيا آس ٿيام منهنجا ٻاروچا ڀنڀور ۾ پسي پهر پنهون جي منهنجا نهسين نيڻ ٺريام
گوندر وسريام سکن شاخون ڪڍيون۔
آيا اڱڻ عجيب مون نصيب ڀلا اهي اڱڻ چما يا عجيب چما
سنڌ سلامت جي ساٿ کي السلام عليڪم
هڪ عجيب ۽ نهايت خوشي جي خبر ته هن ساٿ جا سرواڻ جناب سائين عبدالرشيد سمون صاحب ۽ منهنجو پيارو ڀاء زاهد حسين سومرو صاحب هن عاجز جي گذارش کي مانُ بخشي مون مسڪين جي اڱڻ تي آيا حقيقت ۾ ڇا خوشي جي ڪيفيت هئي سا لفظن ۾ نه ٿي سمائي سگهجي بخدا هي ميل لکندي اکيون آليون آهن ته وري ڪڏهن قرب ٿيندو سندن قرب ڀري ڪچهري مان دل نه پئي ڍاپي ليڪن وقت جي بي رحم لمحن ملاقات کي محدود بنائي ڇڏيو ٻيو افسوس ته مان سندن خاطر خواه آڌر ڀاء نه ڪري سگهيس جو سائين جن مزي سان نه ناشتو ڪيو نه ماجهاندو ان لاء مان سائين جن کان معذرت خواه آهيان۔ خبر نه آهي الائي ڪهڙا سپنا ذهن ۾ سمائي هيتري تڪليف وٺي آيا ۽ ڪهڙو تاثر کڻي راهي ٿيا بهرحال مان ته سندن ملاقات کان بيحد محظوظ ٿيس مان سندن بيحد احسانمند آهيان سندن احسان لاهي ته نه سگهبو ليڪن ڳائبو ضرور وري به التجا آهي ته ڪوتاهين کي درگذر ڪرڻ فرمائيندا۔ وري ملڻ جي آس سان الله سڄي ساٿ جو حامي وناصر ۔الله حافظ
 
Back
Top