564 اٽيچمينٽ ڏسو شمشير الحيدري جو وڇوڙو : تون ياد وري آئين محمد سليمان وساڻ سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين، سر عام هر بات چوندا رهياسين، اوهان ڪيترو ئي ڌتاريو، دٻايو اسين رات کي رات چوندا رهياسين. ٻه سال اڳ سائين شمشير الحيدري سان گڏ تاجل بيوس جي پهرين ورسي جي موقعي تي جڏهن چوڪنڊي جي قبرستان تي حاضري ڀريسين ته خبر ناهي تاجل جي مزار تي بيهي دير تائين ڇا سوچيندو رهيو ۽ ان دوران سندس هي تصوير ڪيمرا جي اک سان محفوظ ڪري ورتي هيم. ان ئي ڏينهن هو چئي رهيو هو ته منهنجوموت تاجل جهٽي ويو آهي ۽ منهنجي حياتي اصل ۾ تاجل جي حياتي آهي. اڄ 10 آگسٽ 2012 تي ساڳيو شمشير هميشه هميشه لاء چوڪنڊي جي قبرستان ۾ تاجل سان گڏ ابدي آرام ۾ هليو ويو آهي. اڄوڪي ڏينهن صبح جو اٿڻ سان اها اڀاڳي خبر ملي ته شمشير لاڏاڻو ڪري ويو. عمران درويش سومري جي ڪيل فون کانپوء مان ويهي شمشير جون يادون ساريندو رهيس. مونکي ياد آيو ته 2011 جو سنڌ سلامت ڪيلينڊر ڏيندي جڏهن مان سائين شمشير کان ڪيلينڊر بابت راء ورتي ته خوش هيو، چيائين ته اهڙا ناياب ڪم ادارن کي ڪرڻ گهرجن پر ساڳي وقت اهو به چيائين ته سنڌ سلامت وارا شايد منهنجي موت جو سامان پيا تيار ڪن، حيران ٿيندي پڇيم ته اهو ڪيئن؟ پاڻ کلندي وراڻيائون ته ڪيلينڊر ۾ ڇپيل تصويرن ۾ صرف شمشير زندهه آهي باقي ته گذاري ويا آهن. مان ڪجهه چوان ان کان اڳ ئي مرڪندي چيائين ته مذاق پئي ڪيم ........ پر شمشير جي اها مذاق الائي ڇو مونکي سچ ٿيندي نظر اچڻ لڳي جو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سندن طبيعت خراب رهڻ لڳي. هيء خبر ملندي ئي مان سائين شمشير جو موبائل نمبر ملايو ٻئي طرف سندس پُٽ سليم ڳالهائي رهيو هو مان ساڻس ڏک جو اظهار ڪندي پڇيو ته هو هن وقت ڪٿي آهن ۽ تدفين جو ڪهڙو فيصلو ڪيو اٿن. هن ٻڌايو ته 15 منٽن ۾ آغا خان اسپتال مان نڪري ميت کڻي شاهه خراسان روڊ تي غسل لاء وينداسين ۽ پوء بدين روانا ٿينداسين جتي سندس تدفين ٿيندي. مان جلدي تيار ٿي آغا خان اسپتال روانو ٿيم، پرائيويٽ ونگ جي ٻاهران ڪي ٽي اين جي گاڏي ۽ ايمبولينس سان گڏ سائين شمشير جي فيملي موجود هئي ٻيو ڪير به ڪونه پهتو هو. سندس پُٽ فتح علي حيدري مونسان ملي روئڻ ۾ پئجي ويو ۽ سندس نياڻيون به روئي رهيون هيون ۽ منهنجون اکيون به ڀرجي آيون. ڪجهه ئي دير کانپوء ميت رواني ٿي. منهنجي آفيس ڇو ته آغا خان جي ويجهو هئي اتي وڃي ٻيهر سليم کي فون ڪيم جنهن ٻڌايو ته فيصلو ٿيو آهي ته بابا جي تدفين تاجل بيوس جي ڀرسان چوڪنڊي جي قبرستان ۾ ڪجي. دوستن کي اطلاع ڏئي اسان سندس پاڪستاني ڪوارٽر واري گهر پهتاسون، جتي سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ عام ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد موجود هئو. هر وات تي شمشير جي ڪهاڻي هئي، سڀ ڪو ساڻس گذاريل پل ۽ سندس ڪيل ڪم بابت ڳالهائي رهيو هو. علي بابا ٻڌايو ته مونکي شمشير ئي اڳتي آندو، هن ئي مونکي علي بابا جو نالو ڏنو ۽ مونکي پهريون دفعو ڇپڻ سان گڏ منهنجي رهنمائي ڪئي. تاج جويو، رکيل مورائي، نظر محمد ڳاهو، الطاف اثيم سميت ڪيترائي ماڻهو شمشير تي ئي ڳالهائيندا رهيا. مان ٻڌندو رهيس ۽ هڪ دور تي سوچيندو رهيس .... شمشير جو دور. ان دوران شمشير جون يادون اينديون رهيون ۽ مان سوچيندو رهيس هڪ اهڙي خوبيء تي جيڪا اڄ جي سنڌي اديبن ۾ نه هجڻ جي برابر آهي، هو ڪڏهن به پاڻ کي سڀ ڪجهه نه سمجهندو هو ۽ هر ڪنهن کي مان ڏيندو هو، ننڍي سان ننڍو ۽ وڏي سان وڏو ٿي پيش ايندو هو. شمشير ڪڏهن مايوس نه ٿيو هو پر هو انهن ڏکن ۽ دردن کي پنهنجي طاقت بڻائي سدائين اتساهه ڏياريندو هو. مونکي ياد آهي ته سندس وڇوڙي کان چار ڏينهن اڳ جڏهن مان آغا خان اسپتال ۾ ساڻس مليس ته هدايت بلوچ جيڪو آمريڪا ۾ هيو ۽ نثار ابڙو جيڪو مڪي ۾ هيو ٻنهي جا سلام ڏنم ۽ چيم ته سائين نثار 15 آگسٽ تي سنڌ اچي رهيو آهي، پوء سچل ڳوٺ هلي ڪچهريون ڪنداسين. منهنجي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ پڪڙي چوڻ لڳو ته ها يار .... سچل ڳوٺ ته پنهنجو ڳوٺ آهي، اتي ضرور ڪچهريون ڪبيون ۽ نثار کي چئجان ته مان 15 تائين هلي ويندس..... پر موت جي فرشتي کيس ايتري مهلت به نه ڏني. مغرب کانپوء جنازي جو قافلو مختف گاڏين ۾ چوڪنڊي طرف روانو ٿيو، شمشير جو پاڪستاني ڪوارٽرس ۾ رهڻ وارو سفر ختم ٿي چڪو هو ۽ تاجل سان چوڪنڊي ۾ هڪ نئين دور جو آغاز ٿي رهيو هو. ان دوران مختلف فون ايندا رهيا ۽ خبر پئي ته حيدرآباد، بدين، ٺٽي کان علاوهه سڄي سنڌ کان آيل اديب ۽ شمشير جا چاهيندڙ چوڪنڊي ۾ گڏ ٿي چڪا آهن. گلشن حديد ۽ سچل ڳوٺ کان وڏي تعداد ۾ ماڻهو اتي پهچي چڪا هئا. قافلو شاهراهه فيصل کان ٿيندو چوڪنڊي پهتو جتي ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد نظر اچي رهيو هو. تاجل جي ڀر ۾ شمشير جي آخري آرامگاهه تيار ٿي چڪي هئي. هر طرف شمشير تي ڳالهيون ٿي رهيون هيون، انهن اڻ کُٽ ماڻهن ۾ ڪجهه نالا ياد اچن پيا جن ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ، ساجد جوکيو، نذر محمد ڳاهو، شفيع محمد ڄاموٽ، امداد حسيني، تاج جويو، بدر ابرو، عبدالغفار تبسم، مشتاق ڦل، آڪاش انصاري، اسحاق انصاري، ڊاڪٽر ايوب شيخ، جاويد سومرو، بدر اڄڻ، علي بابا، سميع بلوچ، ستار ڀٽي، الطاف اثيم، پروفيسر اعجاز قريشي، پروفيسر سليم ميمڻ، اشفاق ميمڻ، گل حسن ڪلمتي، الطاف سومرو، ذوالفقار بهڻ، تاج محمد وساڻ، اصغر باغي، اياز جاني، ولي محمد روشن، علي حسن چانڊيو، خدا ڏنو شاهه، رياض چانڊيو، حريف چانڊيو، نذير لغاري، رکيل مورائي، نور محمد ميمڻ، امتياز دانش سميت ڪيترائي ماڻهو موجود هيا مان صرف انهن ماڻهن جا نالا ڏئي سگهيو آهيان جن سان ملي سگهيس. جڏهن سندس جنازي کي لحد ۾ لاٿو ويو ته ان وقت هڪ عجيب ئي ماحول پيدا ٿي ويو جڏهن آسمان مان هلڪي برسات ۽ رحمت جي ڦڙ ڦڙ وسڻ لڳي جنهن مٽيء کي معطر ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ جي مٽيء جي مهڪ ۾ شمشير ڌرتيء جي ڀاڪر ۾ هليو ويو . دعا کانپوء گلن جون چادرون چاڙهيون ويون ۽ شمشير جون يادون کڻي هر ڪوئي واپس روانو ٿيو. شمشير الحيدري هڪ گهڻي پاسائي شخصيت جو مالڪ هو، جنهن ادب، شاعري، ڊرامه نويثي ۽ صحافت سان گڏ سماجي ادران ۾ ڪم ڪندي انهن کي ٺاهيو. هو هڪ خود دار انسان هو. شمشير ڪا شخصيت نه پر هڪ ادارو هو . هو زندگيء ۾ ڪڏهن مايوس نه ٿيو ۽ سدائين هن سان ملندي هڪ اتساهه ملندو هو. هو پاڻ ته مفلس ئي رهيو پر هن سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادارن کي امير ڪري ڇڏيو. سندس وڇوڙو اسان وٽ هڪ وڏو خال پيدا ڪري ويو آهي. هو وڇڙيو ته ضرور آهي پر هو وسرندو ڪونه. هو جسماني طرح ته اسان کان وڇڙيو آهي پر سندس تخليقي ڪم اسان سان گڏ رهندو ۽ هر قدم تي اسان جي رهنمائي ڪندو رهندو. ڪٿي آ شمشير جو چنگ چوري زمانو ته ڀلجي ويو چارڻ جون ڳالهيون ____
هڪڙو شمشير هو زماني ۾ تحرير : سليمان وساڻ 10 آگسٽ جو صبح سنڌ ۽ سنڌي ادب لاء هڪ ايڏي ڏکائتي خبر کڻي آيو جو اکيون اشڪبار ٿي ويون. سنڌي ادب جو ستارو سائين شمشيرالحيدري ڊگهي علالت کانپوء آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. شمشير الحيدري جو تعارف ڪهڙن لفظن سان ڪجي، هو دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر، آزاد نظم جو بنيادڪار، منفرد گيتڪار، با شعور ناٽڪ نگار، باوقار اسٽيج سيڪريٽري، خود دار انسان، سماجي ورڪر ۽ ان سان گڏ سند يافته حڪيم پڻ هيو. هو هر فن مولا هو، هو مست هو، ملنگ هو، ڀوڳائي هو، محفل جو مور هو، تڏهن ئي ته چيائين: شمشير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي محفل کي مچائيندو هن جو ئي سخن شايد اين جي وي ۽ نور محمد ھائي اسڪول ۾ داخلا نه ڏيڻ وارن کي ھي خبر نه ھئي ته هي ٻار اڳتي هلي وقت جو وڏو شاعر ٿيندو ۽ سنڌي ادب جو هڪ روشن منارو ثابت ٿيندو. شمشير علي ولد رسول بخش جعفري، 15 سيپٽمبر 1931 ۾ بدين ضلعي جي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس پرورش سندس مامي نذير حسين حيدري ڪئي جيڪو بدين جو تمام گهڻو سماجي ۽سياسي حيثيت رکندڙ ماڻهو هو. جنھن کان متاثر ٿي پاڻ حيدري سڏرائڻ لڳو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول بدين چار درجا پڙھيو ۽ پنجين درجي ۾ سنڌ مدرسه ڪراچي ۾ داخلا ورتي پر اتان تنظيمي سرگرمين ڪري مدرسه ۽ بورڊنگ ھائوس مان بيدخل ڪيو ويو جنھن ڪري ست درجا پاس نه ڪري سگھيو. ان دوران اين جي وي ۾ داخلا لاءِ پھتو ته کيس داخلا کان جواب ڏنو ويو، نور محمد ھائي اسڪول ۾ به کيس داخلا نه ملي سندس چواڻي ته نور محمد هاء اسڪول ۾ بغير داخله جي ڪجھ ڏينھن ويٺو رھيس، آخر ٽنڊي باگي واري لارينس مدرسي ۾ داخلا ملي جتان ميٽرڪ ۾ فيل ٿيس وري سپليمينٽري امتحان ۾ به فيل ٿيس جنھن ڪري 1950 ۾ پڙھائي کي خيرباد ڪيم اھڙي طرح ميٽرڪ نه ڪري سگھيس. پوء حيدرآباد ۾ نوڪري دوران ئي محمد عثمان ڏيپلائي صاحب سان گڏ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان پهريان اديب سنڌي ۽ پوء اديب عالم سنڌيء جا امتحان پاس ڪيا بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيء مان سنڌي ادب ۾ بي اي آنرس ۽ ايم اي ڪيائين. روزگار جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي کاتن ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪندڙ شمشير شروعات منشيء جي حيثيت ۾ 1950 ۾ رائيس مل بدين مان شروعات ڪئي.ھن بعد ۾ ٽيليفون آپريٽر، ريونيو ۾ ڊويزنل ڪلارڪ، ايگريڪلچر ڪوآپريٽوڪريڊٽ بينڪ ۾ مئنيجر جي نوڪري ڪئي. روزانه ھلال پاڪستان کان ادبي لکڻين جي شروعات ڪيائين ۽ اتان ئي ادبي بورڊ ۾ ڪلارڪ جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو پوء ٽه ماهي مھراڻ رسالي جو اسٽنٽ ايڊيٽر پڻ، نئين زندگي جو 11 سال ايڊيٽر 1977 تائين رھيو،ان بعد يوٿ افيئرس ڊويزن جو پراونشل چيف گريڊ ۾ 19 رھيو ۽ 20 گريڊ جي لاءِ سندس سمري وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو وٽ ويل هئي وئي جيڪا محترمه جي حڪومت ختم ٿيڻ ڪري رولڙي جو شڪار ٿي وئي ۽ ايئن ان عھدي تان 1991 ۾ پاڻ رٽائر ٿيا. شمشير سنڌ جي ترقي پسند ادب جو شهسوار هو. هو نه ڪنهنجي اڳيان جهڪيو نه وري سندس قلم لکڻ کان رڪيو. ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران جڏهن هو مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ته اها اخبار جنهن جو مالڪ آمرن سان گڏ حڪومت ۾ ويٺو هو ان اخبار جي پرچي اچڻ جو ماڻهو انتظار ڪندا هئا ۽ اخبار هٿو هٿ وڪامجي ويندي هئي. اهو اخبار جو نه پر شمشير جو ڪمال هو. 50 پئسن جي اخبار 50 رپين ۾ وڪامبي هئي ۽ اخبار جون ڪاپيون وڪامجڻ بعد فوٽو ڪاپيون ڪرائي هاڪر وڪڻندا هئا. مهراڻ ۾ پاڻ ڀيڙ تي ڏونڪو جي عنوان سان ڪالم لکندا هئا ۽ صدر ضياء جي مارشلا خلاف لکندا هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ستت ئي کيس اخبار ڇڏرائي وئي پر هن اصولن تي سوديبازي ڪانه ڪئي. هو سدائين سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سازشن جي خلاف لڙيو آهي ۽ لکندو رهيو آهي ۽ هو سچ جو ساٿاري رهيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ رهندي هن ٽه ماهي مهراڻ جي اسٽنٽ ايديٽر جا انتطام سنڀاليا ۽ ترقي پسند ليکڪن خاص ڪري شيخ اياز جي شاعري کي تمام سٺي نموني ڇاپيو. انکاسواء پاڻ ادبي سنگت ۾ رهندي ون يونٽ جي خلاف مئوثر تحريڪ جو حصو رهيو خاص ڪري سنڌي بوليء تي لڳايل پابندين خلاف هنن انڊر گرائونڊ تحريڪ هلائي. سنڌي ادبي سنگت کي جياپو ڏيڻ ۾ سندس نالو اڳ کان اڳرو آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي بنيادي ميمبرن مان هجڻ سان گڏ تنظيم جي آئين ۽ ڍانچي کي ٺاهڻ ۾ به سندن وڏو ڪردار رهيو آهي. سندس شاعري جي شروعات آزاد نطم سان ٿي ۽ پاڻ کان جڏهن به پڇبو هيس ته چوندو هو ته مان شاعر ناهيان بس ضرورت تحت شاعر ٿي ويو آهيان. هو چوندو هو ته هن کان شاعري لکرائي وئي آهي. خاص ڪري ٽي وي پروڊيوسر ڪو ٽائٽل گيت يا ڪو نظم جي فرمائش ڪري کيس لکڻ تي مجبور ڪندا رهيا هئا. جڏهن شمشير کان پڇبو هو ته سندس پسنديده شاعر ڪهڙو آهي ته سندس جواب عجيب ملندو هو، هو چوندو هو ته منهنجو پسند جو شاعر ڪوبه ناهي مان ئي پنهنجو پسنديده شاعر آهيان. شمشير اعليٰ پائي جو ڊرامه نگار پڻ هو. سندس ڊرامه خاص ڪري پي ٽي وي تي گهڻو مقبول ٿيا. شمشير جي ڊرامن ۾ تفريح سان گڏ سنڌي ثقافت ۽ سنڌي روايتن جو عڪس نظر ايندو آهي. ٽيليوزن تي هو سچ ته ڄڻ سنڌي جو بانيڪار آهي، هن ئي سنڌي پروگرامن جي شروعات لاء فنڪار، سازندا، شاعر هٿ ڪري محترم عبدالڪريم بلوچ جي حوالي ڪيا هئا. شمشير ٽي وي جي سنڌي پروگرامن جو پهريون اسڪرپٽ رائيٽر ۽ پهريون ڪمپيئر پڻ آهي. حيثيتون: سيڪريٽري: سنڌي ادبي بورڊ، 3 سال سيڪريٽري : سنڌي ادبي سنگت، 11 سال ميمبر : فلم سينسر بورڊ، 3 سال ميمبر : اردو ڊڪشنري بورڊ، 3 سال باني ميمبر: سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ميمبر : آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ميمبر : پريس ڪلب ڪراچي ميمبر : پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل سرپرست : سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ڇپيل ڪتاب : انسان ڪامل (شخصيتون) 1953ع ڪاروان ڪربلا (تاريخ) 1954ع لاٽ (شاعري) 1962 ع تنهنجون ڳالهيون سڄڻ (ترتيب) 1961ع تاريخ سنڌ : ڪلهوڙا دور (ترجمو) 1963ع سوکڙي (ترتيب) 1964ع آمريڪا جو سياسي سرشتو (ترجمو) 1963ع بهترين سنڌي ادب (افسانا) 1669ع سنڌ ۾ آزاد نظم جي اوسر : 1984ع سنڌي شاعريء جو اڀياس تاريخ جو ڪچرو : شاعري 1995ع سجاڳ سانگهڙ : گزيٽيئر Sindh Update (انور پيرزادي سان گڏ : انگريزي ۾) 2003ع Flame & Flute : انگريزي ۾ شاهه بابت سهيڙ پيار جا نو گيت (جرمن شاعري جو منظوم ترجمو) ڪاڪ محل (ڊرامو) Poet for all Time (سهيڙ ۽ ترتيب) ٻارن جا گيت(روشن تارا پروگرام) لاٽ : ٻيو حصو (تياريء هيٺ) ٽيليويزن لاء 150 کان مٿي ڊرامه، اسڪرٽ ، ڊاڪيومينٽريز ۽ گيت لکيا اٿس. مليل اوارڊ : پاڪستان ٽيليوزن ٽي اوارڊ سنڌي ادبي سنگت سنڌ سنڌي اڪيڊمي : دهلي مارئي : دهلي سمبارا ٽاپ ٽين سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ٽرافي ۽ گولڊ ميڊل عوامي آواز سٿ ماهوار نئين زندگي بزمِ جنگ پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل 2 اوارڊ صدارتي اوارڊ (پرائڊ آف پرفارمنس) شمشير اڄ اسان ۾ ناهي پر سندس ادبي ڪم سان گڏ سندس ڪردار تي سنڌ سدائين ناز ڪندي رهندي. هو خوددار انسان ڊگهي عرصي تائين ڪينسر جهڙي موذي مرض سان مقابلو ڪندي نيٺ اسان کان موڪلائي ويو. __
محترم ڀاءُ سليمان، اوهانجا ليک ۽ مضمون انتهائي معلوماتي ۽ وقتائتا هوندا آهن، خاص ڪري سنڌي شخصيتن کي ڀيٽا ڏيڻ ته ڪو اوهانکان سکي، جيتوڻيڪ سائين محترم شمشير الحيدريءَ تي لکيل هي ليک ڄڻ ته منهنجي حيانوَ تي لکيل آهي پر پوءِ به شايد آءُ ايترو سهڻو لکي نه سگهان هان، جيترو اوهان پيرائتو ۽ معلوماتي لکيو آهي ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا، مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔ محترم سائين شمشيرالحيدري تي لکڻ منهنجي لاءِ ائين آهي ڄڻ ڪنهن سمنڊ ۾ گوتا کائڻ ۔۔۔ سندس شخصيت تي لکجي يا سندس ادبي خدمتن تي لکجي يا سندس سماجي ۽ سياسي خيالن تي لکجي يا وري سندس جي پدري شفقت تي لکجي ۔۔۔۔؟؟؟ جنهن طرف کان به لکبو ته ڪتابن جا ڪتاب ڀرجي ويندا ۔۔۔ پر پوءِ به هو ٿورن لفظن ۾ ته تمام پيارو، سهڻو، ماٺيڻو ۽ کلمک انسان هو، ” مولا تي ننگ آ“ جي سين ۽ سدا سندس وات هئي ۔۔۔ پئسا نه هجن ته نه هجن، بخار ۾، بيماريءَ ۾، ڪمسپرسيءَ ۾، غربت ۾، بک تي بس ” مولا تي ننگ آ“ ان سچي خالق جي آڏو هٿ ڦهلائڻ سندس فطرت هئي انسان جي آڏو هٿ ڦهلائڻ سندس شان کان ٻاهر ۔۔۔ قلم جو پورهيو ڪري پيٽ پالڻ سندس وڙ هو ۔۔۔۔ مون پنهنجي حياتيءَ ۾ جيترا سهڻا انسان ڏٺا آهن انهن ۾ سڀ کان اعلا ۽ افضل انسان هو ۔۔۔ ماڻهون سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج، ڪنهن ڪنهن ماڻهون منجهه، اچي بوءِ بهار جي شمشير الحيدري پاڻ بهار هيو ۽ سندس پاسي ۾ گذرڻ وارن کي بهار جي خوشبو ايندي هئي ۔۔۔ رب العالمين کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا ڪري ۔۔۔ آمين
شمشير الحيدريءَ جي وڇوڙي سان سنڌ ادب جي دنيا ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي ۽ هڪ مدبر محقق ڪهاڻيڪار، شاعر کان محروم ٿيڻ تي اسان سنڌي ادب سان دل سان تعزيت ڪريون ٿا۔۔۔
افسوس هاءِ هاءِ۔۔ اڌما اندر پيو کائي، شمشير رهيو ناهي، هڪ ئي ته حيدري هو سو به ويو موڪلائي۔۔ ماڻهو تو ڪو غضب هو، سڀني کي ويو رُلائي۔۔ ويڳاڻي سنڌيت آ، شمشير تو سواءِ۔۔ تنهنجي وڃڻ جو صدمو، اللهُ شل ڀُلائي۔۔ اي سنڌ تو سان ناتو، شمشير ويو نڀائي، هي مست بس سنڌين جي، ويو درد کي وڌائي
شمشير الحيدريءَ جي وڇوڙي سان سنڌ ادب جي دنيا ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي ۽ هڪ مدبر محقق ڪهاڻيڪار، شاعر کان محروم ٿيڻ تي اسان سنڌي ادب سان دل سان تعزيت ڪريون ٿا۔ ادا سليمان وساڻ صاحب اوهان کي شابس هجي جو اهڙي پيرائتي ۽ تفصيلي معلومات ونڊ ڪئي اٿو ، لک ٿورا۔ مهرباني۔
14 آگسٽ رات 8 بجي کان 12 وڳي تائين، ريس ڪورس ڪراچيءَ ، پاڻيءَ جي وڏي ٽانڪيءَ جي سامهون وراي گهٽيءَ جي ٽئين کاٻي پاسي واري گھر(راشدي ڳوٺ) ۾ انيس انصاري اڪيڊميءَ پاران ، سنڌ جي برک شاعر، مُحقق ۽ ليکڪ مُحترم مرحوم و مغفور جناب شمشير الحيدريءَ جي ياد ۾ هڪ ميڙاڪو ٿيو جنهن جو انتظام حسب روايت انيس اڪيڊمي ڪراچي ڪيو ۽ اڄ اُن ميڙاڪي جي ڪوريج سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيشن (ساوا) جي مُنتظم اعلى پنهنجي دوست مُحترم اسدالله چانڊئي جي تعاون سان ڪئي. انشالله ان ميڙاڪي ۾ ڀيٽا ڏيندڙن جا ڦوٽو اڄ ئي شايع ڪيا ويندا. هن ميڙاڪي ۾ سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن (ساوا) جي منتظم اعليٰ عبدالرزاق ميمڻ ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل گهڻن ئي مهمانن شرڪت ڪئي. مُحترم شمشيرالحيدريءَ کي جن ليکڪن، برک شاعرن ۽ دوستن ڀيٽا ڏني اُهي هي آهن صدارت سندن فرزند جناب سليم حيدري.2. جناب امداد حُسيني. 3. جناب بدر اُڄڻ 4. جناب عبدالغفار تبسم 5. جناب بيدل مسرور 6. جناب ڊاڪٽر ايوب شيخ 7. جناب فتح مُحمد برفت (چيئرمين سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ ڪراچي يونيورسٽي 8. جناب ڪامريڊ سجاد ظهير 9. جناب آفاق ڀٽي 10. جناب منظور اُڄڻ سنڌي ادبي سنگت گمبٽ 11.جناب عابد اظهر 12. ڪمپيئرنگ ڪئي جناب رکيل مورائي 13. فوٽوگرافي ڪوريج ڏني جناب اسد چانڊيو (پي آءِ اي) 14. ڪئمرا رڪارڊنگ جناب انيس انصاري شمشير الحيدريءَ سان عقيدت ۽ مُحبت ڪندڙن دوستن کي اپيل آهي ته پسند ڪرڻ سان پنهنجا ڪامينٽس ڏئي کيس ڀيٽا ضرور ڏين ته جيئن اسانجي هيءَ ڪوريج جيڪا پوري دُنيا جي سنڌين تائين وڃي ٿي کين خبر پئي ته اسان پنهنجي ليجنڊس جو ڪيترو مان رکون ٿا۔ (ادار) ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن، ريسرچ سينٽر (نيو سعيد آباد) سنڌ ۽ اُن جي ٿنڪ ٽيم. (سنڏي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن(ساوا). 580 اٽيچمينٽ ڏسو
ادا سليمان، سهڻي سهيڙ ۔۔۔ شمشير جو وڇوڙو هڪ تاريخ جو وڇوڙو آهي، ادب جي ان سمنڊ تي لکڻ لا اسان کي صديون گهرجن۔
شمشير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي محفل کي مچائيندو هن جو ئي سخن شايد سائين شمشيرالحيدري جي شخصيت تي تفصيلي معلومات ، سهڻي ڀيٽا ،سائين جي وڇوڙي جو خال ڀرجڻ اوکو آهي ، اهڙيون شخصيتون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن ،سليمان سائين جس لهڻو ۔
تون ياد وري آئين ..... سائين شمشير الحيدري جي ٻي ورسي جي موقعي تي چوکنڊي قبرستان ۾ سندس مزار تي حاضري.