توحيد جو نظريو بدلجي ويو آهي نالو الله جو، نالي الله جي پر در الله ج کان سوا ٻيا؟

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏12 آگسٽ 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جيسين توحيد تي عمل ڪرڻ وارا نه ٿيندئو ڇا به ڪريو ڪُجهه به حاصل نه ٿيندو
    ڪرڻو ڇا آهي، نه ڪا ڪوڏر هلائڻي آهي نه ڪه ڪا کاٽي کڻڻي آهي، نيڪو ڪار نيڪ ڪم به پيا ڪن پر اهي نيڪيون اوڙاهن ۾ انهن ڪري آهن جو سندن توحيد جو نظريو بدلجي ويو آهي نالو الله جو، نالي الله جي پر در الله ج کان سوا ٻيا نه جنهن جو حڪم، نه ڪنهن نبي کان روايت، نه ڪنهن نبي جي ساٿين پيروي ڪئي بس اسان آهيون جو پنهنجي هٿ جا ٺاهيل خُدا چونڊي اُن جي پرستش پيا ڪريون، نه ته الله ج ڪنهن نبي حڪم ڏنو، نه ڪنهن اصحاب ، ولي الله يا بُررگ چيو بس جيڪو چريو ٿيو اسان اُن جي قبر جوڙي ٻه ٽي ساوا مُقبرا ڻاهيا ، ٻه ٽي جهنڊا هڻي پاڻ به پوڄا دان ٺاهي ان تي ويهي رهياسون، الله جي مخلوق کي هيرائي، کاري، ريجهائي اُتي آندوسون ۽ انهن جي ڏنل پئسن مان عيش ڪيو سون، ڪو چريو الائي مُسلمان هو، الائي ڪڏنهن نماز به پڙهيائي يا نه ڪنهن نه ڪنهن سيد يا بُخاري جو نالو ڏئي منتون ورتيون سون، هڪ لک چوويهه هزار نبين مان ڪنهن جو به اصحاب، ولي الله، بُزرگ ناهي جنهن تي اهي ممبر جُڙيل هُجن ۽ پاڻ کي حُب مُحمد صلي الله عليه وسلم سڏائڻ وارا ان ص جي ٻُڌايل ڀريقن کي ڇڏي اُن ص جي دُشمنن جي طريقن کي اڳتي وڌائي اُن جي دعوا ٿا ڪن۔ تاريخ مان اهو به نٿا سمجهن ته اهو جنهنجي هو پيروي ڪن ٿا اهو دين الاهي جنهن ۾ هو پاڻ به غلطان آهن ۽ مُحمد صلي الله عليه وسلم جي اُمت کي به غلطان ڪري رهيا آهن ۽ جيڪو خاص ڀرح بر صغير ۾ آهي اهو دين الاهي اڪبر بادشاه جو جوڙايل آهي جنهن هندو ۽ مُسلمان کي هڪ آستان تي پنهنجي هوندو عورت جوڌا ٻائي سان شادي کي تسليم ڪرائڻ لا جوڙيو ۽ هُندستان ۾ان هجرت ڪندڙ اهو اڪبر جو دين الاهي پاڪستان کڻي آيا ۽ اڄ اهو منظر عام آهي۔ سنڌ جيڪو باب الاسلام رهيو آهي نئين ٽهيپنهنجن وڏڙن کان ته پُڇي ته اهو دين هتي ڪڏنهن پُهتو ڇا اڄ کان اڳ اهڙا ساوا، پيلا، نيرا جهنڊا کڻي هلندڙ اهو دين سنڌ يا پاڪستان ۾ هو؟ هي اوچتو آيو ۽ پکڙجندو وڃي الله جون مسجدو ويران ٿينديون وڃن، ۔ ڪيماڙي ۾ بابا غائب شاه ڪير هو پُڇو پوڙهن کان، هڪ مستانو، اُگهاڙو، چريو انهن ريلي جي ڦاٽڪن وٽ ڦرندو هو هڪ ڏينهن هو شايد ڪنهن مال گاڏي ۾ ويهي اُتان هلي ويو بس پو هڪ قبر ٺهي ۽ بابا غائب شاه ٿي وئي ۽ هزارين عقيدت مند مايون ۽ مرد اُتي منتون ٿا ڪن۔ استغفر الله الله ايڏي مت کسي اٿن۔
    مونکي ياد آهي جڏنهن سُپر ها وي کائنا پئي ٺاهيو هڪ پاسو ٺهي تيار ٿيو هو ۽ گاڏيون روانا هُيون ته اُتي ڪو پٺاڻ مزدور مري ويو، ڪنهن کي به خبر ڪانه هُئي ته ڪير آهي ۽ ڪٿي جو آهي، بس اُتي ڀرسان ئي قبر ٺاهي پوري ڇڏيائونس، آهستي آهستي ڪنهن موالي چرس ۽ مُفت جي ڀنگ پيئڻ جو آستانو ٺاهيو، پُراثيون اڳڙيون ڳولي ان جا جهنڊا ٺاهي چوڌاري هڻي ويهي رهيو، ٻيا چرس جا موالي به اُتي گڏ ٿي ويا ۽ ڏسندي ڏسندي گُذرندڙ ٽرڪ جا موالي به اُتي رکيل مٽن مان پاڻي پي ٿڪ ڀڃي ٻه ٽي سوٽا سُلفين جا هڻي اڳتي وڏيا، بسن جو دئور هليو ته اُهي به اُتي بيٺيون موالين خرچ لاِ پئسا ورتا ۽ اُن قبر تي هرڪو ايندڙ ويندڙ ڏن ڏيندو ويو ۽ اڄ اُها قبر ڪنهن وڏي سيد ۽ بُخاري جي نالي سان هڪ وڏو آستان آهي جتي موالي اڪثريت ۾ پر پڙهيل لکيل جاهل به عقيدت ۾ اچن ٿا۔ استغفرالله۔ اهڙي طرح سنسان علائقن ۾ اهڙيون قبرون ۽ موالين جا ۽ ڊرگ اسٽور ڪري دُنيا ۾ ڦهلائڻ وارن جا اٺهندا ويا جن اسلام جي ولي الل جڳ نالو ڏئي پنهنجي ڪنن ڪرتوتن جو پڙدو ان آڙ ۾ کوليو ۽ جاري ساري آهي۔ تڏنهن الله جو عذاب هن مُسلمان قوم تي آهي ۽ وڌندو وڃي جيڪي الله جي رستان تان ٿڙي مُشرڪ بڻجي پنهنجا پنهنجا الله جوڙي ويٺا آهن۔ ڀلا ڪافر به ڇا ڪندا هُئا اهو ئي نه۔ اُنهن شڪليون ٺاهي ماڻهن جي نالن سان بُت ٺاهيا ۽ هر هڪ جو مذهب ٺهيو ۽ عبادت ٿي اسان وري بُتن جي بجا ساڳيو ڀريقو جيڪو اسانکي سُتي ۾ مليل هو قبر پرستي ڪري اڳتي وڌايو ۽ ماڻهن کي هڪ الله جي عبادت کان هٽائي، مُحمد ص حڪم جي خلاف ورزيون ڪري به مُسلمانن ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪري ڇڏي ۽ دُنيا جا 48 سيڪڙو مُسلمان اٺ انهن ڪرتوتن جو عذاب پيا ڀوکين۔ هر نبي جي اُمت تي الله جي حڪم جي خلاف هلڻ تي عذاب آيو ۽ اڄ اهو اسان تي به نازل آهي۔ اچو واپس ورو الله طرف ، نه ڪا کاٽي کڻڻي آهي نه ڪو کوهه کوٽڻو آهي بس هڪ ذهن رکڻو آهي ته عبادت فقط الله جي، نه ڪنهن نبي جي، نه ڪنهن اصحاب جي ، نه ڪنهن ولي الله جي نه ڪنهن عالم يا بُزرگ جي اهوئي سڀني نبين درس ڏنو ۽ توحيد ٿي۔ (عقيدو) مڃتا آهي۔ والله اعلم بثواب۔ عقيدو توحيد جو رکيوسون ته الله پاڻ ئي سڻائي ڪندو اهي سڀ مُصيبتون لهي وينديون۔
    گهڻن آقائن (بُت،قبر۽ شخصيت) پرستي لا قرآن ڇا ٿو چئي؟
    ڀلا گهڻا جُدا جُدا آقا بهترين يا هڪ الله واحدالقهار (آيت 38)۔ جنهن شين کي توهان الله کان علاوهه پوڄيو ٿا اُهي صرف نالا ئي نالا آهن جيڪي توهانجي ڏاڏن ۽ پيئرن رکي ڇڏيا هُئا ۽ الله انهن جو ڪوبه سرٽيفڪيٽ نازل ڪونهين ڪيو (ڪن کولي ٻُڌو مُشرڪو!) الله کان سوا ڪنهنجي حُڪومت ڪونهين۔ هو چوي ٿو ته هن کان سوا ڪنهن جي عبادت نه ڪريو۔ اهوئي سڌو دين آهي پر اڪثر ماڻهون نٿا سمجهن (القرآن)
    حوالو سيپارو 14 (وَما من دابه) سوره 12 (يوسف) آيتون 38، 39 ۽ 40۔
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو