هن مسئلي تي تمام دوستن کي ٽيڪا ٽپڻي ۽ غور و فڪر لاءِ کُلي دل سان ڪانڍ ڏجي ٿي ۔ خدارا هن مسئلي تي مونکي غلط نه سمجهجو !! مان دعاڳو آهيان ته الله سائين اسانجي مٿان وڏڙن جو سايو هميشه هميشه قائم رکندو اچي آمين ثم آمين ۔ هِن دنيا کان هُن دنيا جو سفر به برحق آهي ۔ جنهن کان ڪنهن کي به رعايت حاصل ڪونهي ۔ اها ئي ڳاله شيخ اياز جي مرتيئي تي به ڪئي وئي هئي ۔ ته اسان جا ڏاها مفڪر اديب دانشور جڏهن هن فاني دنيا جو سفر پورو ڪري مالڪ حقيقي ڏانهن راهي ٿين ٿا ته انهن جو جسد خاڪي اسان اباڻن قبرستانن ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪريون ٿا ۔ پر جي ان بدران اسان ڪراچي جي سمنڊ ڪناري اهڙين امله حيثيتن کي مٽي ماءُ حوالي ڪريون ۽ انهن جون ورسيون شايان شان طريقي سان ملهائيندا اچون ۔ هڪ ته ڪراچي تان جيڪا وارثي ٽٽندي (الله سائين نه ڪري ) نظر ٿي اچي ان تي به گِرفت مضبوط ٿيندي ، ٻيو اسان پنهنجن اهڙن بزرگن کي جن اسان لاءِ جوت جلائي انهن کي صرف ڪتابن تائين محدود به نه رکبو۔ مثلن شيخ اياز جي ورسي ڀٽ ڌڻي جي شهر ۾ ثانوي حيثيت جي ڪري ڪو خاص ميلو ملاکڙو نه پيو ٿئي !!! پر جي ڪراچي ۾ مدفن هجي ها ته سٺا پروگرام عمل ۾ اچن ها !!! تازوئي سائين شمشيرالحيدري اسان کان وڇوڙو ڪري ويو کيس ٺٽي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ايئن ئي جيئن شيخ اياز جي پهرين ورسي تي ٻه ٽي گڏ ٿيا ۽هاڻي هڪ به ڪونه ٿو وڃي ، اڳلي سال ٻه ٽي گڏ ٿيندا پوءِ الله الله خير صلا ۔ پر جي ڪراچي ۾ هجن ها ته هر سال لکين نه سهي ته به هزارين ڪٺي لازمي ٿين ها !!!! جي اهو مشورو قابل قبول آهي ته؟؟؟؟ آئنده لاءِ پهريائين کان تياري وٺو جڳه جو تعين ڪريو ۔ هينئر به اسانجا ڪيترائي اهڙا وڏڙا آهن جي پاڻي جي دُٻي مثال آهن ۔
سائين تمام بھترين ۽ ڪارائتو مسئلو اوھان ونڊ ڪيو آھي، مان پڻ اھو ئي چاھيندو آھيان ته اسان جي وڏڙن جو يادگار قبيون ھتي مطلب ڪراچي ۾ ھجن، پر افسوس جو اھا ڳالھ اسان جي ماڻھن کي سمجھ ۾ ڪون ٿي اچي۔
محترم دوست توهان تمام سهڻي ۽ ڪارائتي صلاح ڏني آهي، توهان کي هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته سنڌ جي بهادر اڳواڻ شهيد بشير خان قريشي کي ڪراچي ۾ دفنائڻ لا اسان دوستن جيڪا ميسيج ذريعي تحريڪ هلائي ان تي ڪنهن به ساڃاهه وند ڪو به رسپانس نه ڏنو، ڇو ته شهيد بشير خان اهڙو اڳواڻ هو جنهن وٽ ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود آهي، جيڪڏهن ان جو مڙهه ڪراچي ۾ رکيو وڃي ها ته سوچيو هر سال ۾ ٻه ڀيرا هن جي مزار تي وڏا ميڙاڪا ٿين ها، پر افسوس جو ڪنهن به ان ڳالهه کي عمل ۾ نه آندو۔ اڳتي لا سڀني کي سوچڻ گهرجي۔
پر سائين شمشير الحيدري کي تاريخي قبرستان چوکنڊي قبرستان ۾ دفنايو ويو آهي جيڪو ڪراچي ملير ۾ مين نيشنل ها وي تي واقع آهي، يا مون غلط پڙهيو آهي، وري به پڪ ڪري ٻڌايو؟
پهرين ڳالهه ته تدفين جو فيصلو مرحوم جي خاندان جي مرضي موجب ٿيندو، ان تي ڪنهن به صلاح يا دليل تي بحث ڪرڻ جو ڪو فائدو نظر ڪو نه ٿو اچي۔۔ ٻي ڳالهه ته زمانو ڏاڍو خراب پيو هلي، اڄ ڪلهه ته هر نوجوان مولوي لڳو پيو آهي، مولوي به احرو جو صفا هڻ کڻ۔۔۔ وتي ٿو ڪُفر، شِرڪ، بدعت ۽ منافقت جون فتوائون جاري ڪندو۔۔ هاڻي ته قصو وڃي اتي پهتو آ ته هنن جي ضِد آهي قلندر ۽ لطيف جي مزارن کي به ڪيرائي پَٽ ڪيو۔۔ اهڙين حالتن ۾ جمالي صاحب وري قبرن جي ڳالهه ڪري هروڀرو ککرن کي ڇيڙڻ جي ڳالهه ڪئي آ۔۔ ابا پنهنجا ڪن لڪايو۔۔ الله جي پناهه گهرو۔۔ ايئن نه ٿئي جو ڪا فتوا اچي توهان جو در کڙڪائي۔۔
جمالي صاحب جي ان ڳالهه سان به متفق آهيان ته ڪراچي جا حقيقي وارث تڏهن ئي ٿينداسين جڏهن اسان هتي دفن به ٿيون، هتي شاديون به ڪيون ۽ هن شهر کي پنهنجو سمجهون۔ جڏهن شيخ اياز جي وفات ٿي هئي تڏهن به اهي سوال اٿيا هئا ۽ گهڻن جي راء هئي ته کيس هتي ئي ڪراچي ۾ دفنايو پر ايئن نه ٿيو، نتيجي ۾ اياز جي مزار لطيف سائين جي ڪري پاڇي ۾ هلي وئي۔ جڏهن تاجل بيوس جي وفات ٿي ته سندس پونيرن هڪ اهم ۽ تاريخي فيصلو ڪيو ته کيس ڪراچي جي چوڪنڊي واري تاريخي قبرستان ۾ دفن ڪجي۔ اهو فيصلو گهڻو ساراهيو ويو۔ اسان جي خواهش هئي ۽ ان وقت هڪ آواز به اٿيو هو ته بشير خان قريشي کي به ڪراچي ۾ دفنايو وڃي پر ايئن نه ٿيو۔ جيڪڏهن ايئن ٿئي ها ته اهو هڪ سٺو عمل ٿئي ها۔ شمشير جي تدفين جو فيصلو ٿيو هو ته کيس سندس ڳوٺ ڪڍڻ ۾ دفنايو وڃي پر پوء سندس خاندان ۽ ادبي ماڻهن جي صلاح سان کيس چوڪنڊي جي تاريخي قبرستان ۾ تاجل بيوس جي ڀر ۾ دفنايو ويو۔ اهو فيصلو به سٺو ۽ وقتائتو ٿيو۔