رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
هن مسئلي تي تمام دوستن کي ٽيڪا ٽپڻي ۽ غور و فڪر لاءِ کُلي دل سان ڪانڍ ڏجي ٿي ۔ خدارا هن مسئلي تي مونکي غلط نه سمجهجو !! مان دعاڳو آهيان ته الله سائين اسانجي مٿان وڏڙن جو سايو هميشه هميشه قائم رکندو اچي آمين ثم آمين ۔ هِن دنيا کان هُن دنيا جو سفر به برحق آهي ۔ جنهن کان ڪنهن کي به رعايت حاصل ڪونهي ۔ اها ئي ڳاله شيخ اياز جي مرتيئي تي به ڪئي وئي هئي ۔ ته اسان جا ڏاها مفڪر اديب دانشور جڏهن هن فاني دنيا جو سفر پورو ڪري مالڪ حقيقي ڏانهن راهي ٿين ٿا ته انهن جو جسد خاڪي اسان اباڻن قبرستانن ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪريون ٿا ۔ پر جي ان بدران اسان ڪراچي جي سمنڊ ڪناري اهڙين امله حيثيتن کي مٽي ماءُ حوالي ڪريون ۽ انهن جون ورسيون شايان شان طريقي سان ملهائيندا اچون ۔ هڪ ته ڪراچي تان جيڪا وارثي ٽٽندي (الله سائين نه ڪري ) نظر ٿي اچي ان تي به گِرفت مضبوط ٿيندي ، ٻيو اسان پنهنجن اهڙن بزرگن کي جن اسان لاءِ جوت جلائي انهن کي صرف ڪتابن تائين محدود به نه رکبو۔ مثلن شيخ اياز جي ورسي ڀٽ ڌڻي جي شهر ۾ ثانوي حيثيت جي ڪري ڪو خاص ميلو ملاکڙو نه پيو ٿئي !!! پر جي ڪراچي ۾ مدفن هجي ها ته سٺا پروگرام عمل ۾ اچن ها !!! تازوئي سائين شمشيرالحيدري اسان کان وڇوڙو ڪري ويو کيس ٺٽي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ايئن ئي جيئن شيخ اياز جي پهرين ورسي تي ٻه ٽي گڏ ٿيا ۽هاڻي هڪ به ڪونه ٿو وڃي ، اڳلي سال ٻه ٽي گڏ ٿيندا پوءِ الله الله خير صلا ۔ پر جي ڪراچي ۾ هجن ها ته هر سال لکين نه سهي ته به هزارين ڪٺي لازمي ٿين ها !!!! جي اهو مشورو قابل قبول آهي ته؟؟؟؟ آئنده لاءِ پهريائين کان تياري وٺو جڳه جو تعين ڪريو ۔ هينئر به اسانجا ڪيترائي اهڙا وڏڙا آهن جي پاڻي جي دُٻي مثال آهن ۔