• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آغا وقار سنڌين جو ڪيئن وقار وڃايو !!!

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
چون ٿا سنڌي اڙٻنگ جوان آغا وقار جيڪو ٽيڪنالاجي کان بلڪل اڻ واقف جنهن شعبده بازي ڪري ايڏو ڊرامو رچايو ته موٽرڪار پئٽرول ، ڊيزل ۽ گئس بجاءِ پاڻي تي هلائيندو ، دنياءِ ميسج ۾ ته ڀنگ جي شهنشاه کي روئارڻ جهڙو ڪري وڌائون ته هو ڀنگ تي جهاز اڏائيندو ! اڄ اهو آغا وقار ڪٿي آهي ؟؟؟
هينئر ته سڀني چوڻ شروع ڪري ڏنو آ سنڌي هين هي جاهل
آغاوقار کي ڳولهيو ۽ هن کان پاڻي تي موٽر گاڏي هلرايو جي نه ٿو هلائي ته موچڙا هڻوس ۔
 
بنا تحقيق جي الائجي ڇا ڇا تاثر پئي ماڻهون ڇڏيا ، اسين سنڌي سدائين پاڻ کي احساس محرومي جا شڪار جڏهن اهڙي خبر پڙهندا آهيون ته فلاڻو سنڌي ڪمال ڪري ڇڏيو آ ته ڪاڏي وئي تحقيق ۽ تفتيش بس اکيون ٻوٽي واھ سائين واھ چوڻ لڳندا آهيون ۔ هاڻي ڳالھ هتي وڃي پهتي آهي ته اسان جو اهو ڄوڌو ڳولهجي ئي ڪون ٿو ، هاڻي انتظار آهي اهڙي خبر جي ته اسان جي هيرو کي گم ڪيو ويو آهي وغيره وغيره ،
ابتدا عشق هي روتا هي ڪيا
اگي اگي ديڪهئي هوتا هي ڪيا
 
ساڙوٽي دُنيا کان ٻُڌندو ٻُڌندو، ۽ پاڻ پرکڻ ۽ عمل سمجهڻ بنان ، هوائن ۽ هوائي خيالن تي هلندي ، جَلندي پُسرندي ۽ ساڙ ۾، ۽ ٻي سنڌي سان اڻ سهپ جي فطري عادت تحت (جيڪا وڏيرن جي غلام قوم، وڏيرن جون جُتيون چٽي ۽ پُڇڙيون وٺي هلندڙ سنڌي جي فطرت ۾ گهر ڪري وئي آهي، سندن رت مان گهڻن نفسياتي حربن (پروسيسز ۽ ٿراپي) استعمال ڪري، سُتل بي حس يا مئُل ضميرکي جاڳائڻ ۽ غيرت ٿرافي ڏيڻ جي باوُجود اڃا هڪ هيروئن جي موالي جيان، وڏيرن جو غلام سنڌي قوم جي روح مان ڳالهه نڪري آجي نه پئي ٿئي ۽ نڪري ئي نه پئي) ڪوششون به جاري آهن پراڃان تائين نه پئي نڪري سگهي۔
۽ وقار کي ڇو ٿو ڪوڙو چيو وڃي هتي اهو بحث ڪونه ڪنداسون، ها ڏسڻو آهي ته اڪاناميڪلي اهو پاسبل به آهي يا نه؟ڇو جو ان کي سمجهڻ جا به الاهي معائشي هل ڳولي سگهجن ٿا پر اڪيڊمڪلي ۽ ڪيميا جي عمل تحت ائين ممڪن آهي جيئن وقار تجربو ڪري ڏيکاريو، ممڪن آهي، اهڙي طرح جيئن ڪمند جو رس ڪيميڪل، مڪينيڪل کان اليڪٽريڪل پروسيس ۾ اچي ٻري فيول ٿي سگهي ٿو۔
هڪ بُنيادي سائنس ۽ ڪيمسٽري سمجهڻ وارو (جي اٽي جي لپ ڏئي ناهي پڙهيو يا وڏيرو جو اهو پُٽ جنهن کي ماستر ڪاپي ڪانهين ڪرائي پاس ڪرايو اٿس ته) ته سمجهي ته آيو نائيزيشن (ڇيد ڪرڻ) هڪ ڪيميڪل پراسيس آهي، جنهن کي مُرڪب (ڪمپائونڊ) کي ڇيد ڪرڻ لا استعمال ڪبو آهي ۽ جڏنهن اُهو آيو نائيزيشن جو عمل ٿيندو آهي ته مُرڪب ڪيميائي طور مُختلف، گئسن، پاڻياٺ يا سالڊ ۾ ڌار ڌار ٿي ويندو آهي۔ پاڻي  ۾ به هئڊروجن جا ٻه حصا ۽ آڪسيجن جو هڪ حصو هوندو آهي، آئيو نائيزيشن جي ڪري هائدروجن گئس ۽ آڪسيجن گئس ڌار ڌار ٿي ويندي آهي، هئدروجن کي هڪدم باهه جي چڻنگ هڻبي ته ٻرندي (گئس چيمبر ۾ طاقت پئدا ڪندِي) (آٽو موبائل آئگنيشن سسٽم، جنهن ۾ فيول کي ڪمپريس ڪري گرم ڪري اسپارڪ پلگ جي چنگاري سان ٻاريو وڃي ٿو) ۽ آٽو ڊيزل جو (فيول انجيڪشن سسٽم جنهن ۾ فيول کي ڪمپريس ڪري گرم ڪجي ٿو ۽ ٻاريو وڃي ٿو)۽ ڪهڙي به پسٽن جي (روٽيشن سسٽم تحت، هيٺ مٿي، روٽيري، يا ون موومينٽ) کي جيڪو سلينڊر ۾ هيٺ کان مٿي ۽ مٿي کان هيٺ حرڪت ۾ آڻيندو ۽ مُسلسل حرڪت جي ڪري انجڻ جو پاور گاڏي جي ٽرانسميٽرس (گيئرن وسيلي) ويلن تائين پوهچائي هلائي ٿو۔ ۽ سائنسي طور اهو ممڪن آهي باقي خرچ جو ڪاٿو ٻيو اڪاناميڪل پروسيس آهي، جي اُن تي ڪنهن هٿ هنيو ته بحث ۾ حصو وٺي سگهبو۔
 
ادا مون اها ڳالهون به ٻڌيون آهن ته هن جو مقصد هو ماڻهن کي بي وقوف بنائڻ جيڪو هو پنهنجو ڪم ڪري هاڻ غائب ٿي ويو۔
ڊاڪٽر عطائرحمان پاڪستان جو انٽرنيشنل ليول تي مڄيل ترين سائنسدان آهي، جڏهن ان اها ڳالھ تسليم نه ڪئي ۽ هن کي فراڊ جو لقب ڏنس ته ضرور ان ماڻهو ۾ ڪا ته خرابي هوندي۔
ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته اهڙو واقعي اڳ ۾ به ٿي چڪو آهي اهو به پنجاب جي صوبي ۾
مون جڏهن انٽرنيٽ تي سرچ ڪيو ته اهڙا ڪافي ڪيس مليا جيڪي انگريزن جي ملڪن ۾ به ٿيا آهن اتي به اهڙي ريت ماڻهن فراڊ ڪيا آهن۔

الله پاڪ اسان کي گمرائي کان بچائي۔
 
پر ٿيوريٽيڪلي ۽ ٽيڪنيڪلي ته اهو 100 سيڪڙو ممڪن اهي ۽ بيسڪ سائنس آهي هن کي سمجهڻ لا ڪا پي ايڇ ڊي جي ضرورت به ڪانهين اڄ ڪلهه جي انگريزي ميڊيم وارن جي اسڪول سيليبس ۾ اهو پڙهايووڃي ٿو۔
پر مان چاهيان ٿو ته توهان ٽيڪنيڪلي بحث ڪري حوالا ڏيو يا ثابت ڪريو ته وقار جيڪو پريڪٽيڪل ڪيو آهي ۽ انهي ٿيوري سان اهو غلط آهي۔
ها باقي آئون مڃان ٿو ته پريڪٽيڪلي اهو فلحال اڪاناميڪل ڪونهين ۽ گهڻو بجٽ وارو اشو آهي، ما سوا ان جي ته ٽيڪنالاجي آڻي مختلف انرجي ڪنورجنس ، فارمولن تحت مُستقبل ۾ ان کي اڪا ناميڪل بڻايو ُِ۔
سائين عبدالرحيم جا ريفر ڪيل هڪ طرف، آئون تمام سائنس يا ٽيڪنيڪل اسٽوڊنٽس يا ڪيمسٽري ۾ دلچسپي رکندڙن کي گُذارش ڪندس ته هن سبجيڪٽ تي بحث ڪن يا هن ٿيوري کي ٽوٽلي غلط ڪن يا مڃن ته پاسيبلٽي آهي، مهرباني مضمون پڙهي سمجهڻ بجا امپريس ٿي ٻين جا حوالا نه ڏيو، جي ڄاڻ نٿا رکو ڇو ته اهڙا ته گهڻا حوالا ۽ ريسرچ رپورٽون ڪالا باغ ڊيم تي به الاهين ناميارن ماهرن ڏنيون آهن پو انهن رپورٽن جو ڇا۔ توهان پاڻ اسٽڊي ڪريو ۽ ريسرچ ڪريو متان اهو توهان کي به يسرچ سيکارڻ ۽ سکڻ جو باعث بڻجي اچي۔
 
Back
Top