بابا او بابا: جي پُٽ بابا اڄ هي خوش ڇو ٿا ٿين، هنن هي رنگين ڪپڙا ڇو پهريا آهن...؟ پٽ اڄ عيد آھي، تڏهن هي خوشيون پيا ڪن بابا پوء اسان نوان ڪپڙا ڇو نه پاتا آهن..؟ پُٽ اسين مسڪين ماڻهون، ڪمايون ۽ کائون اسان ڀلا انهن اميرن جي جُتي ۾ پير ڪيئن وجھنداسين او بابا: مونکي ڪپڙا وٺي ڏي نه بابا آء به انهن ٻارن سان کيڏڻ چاهيان ٿو او بابا.............!!! بابا بيوسي سبب روئيندو رهيو.....................!!!!
يار اهي بيوسيون ۽ مايوسيون هر دور ۾ رهيون آهن، هي ٻٽو نظام سالن کان رائج آهي، ڪي امير ته ڪي فقير، ڪي شاهه ته ڪي گدا ۔۔۔۔ بس زندگي جو وهنوار پيو هلي ۔۔۔۔۔۔۔ دعاگو آهيون ته سنڌ جيڪا ستابي هئي تنهن سنڌ ۾ شال ڪو غريب نه هجي ۔۔۔۔ !!!
شاه صاحب به الله سائين کي هن ريت چيو آهي تون رحيم تون ڪريم توکي چارو ناهي چوڻ جو ڪن کي نه ڏي ٻيڪ ٻڪري جي ڪن کي ڌڻي بخشين ڌڻ ڪن کي نه ڏي دام دمڙي جو ڪن کي مايا بخشين مڻ ڪن کي ته پالين پالڪن ۾ ڪن کي پهائين پاهڻ تيهائون تاهڻ ته ڏڪن لڱ للطيف جا
بلڪل هن مهگائي جي دور ۾ غريب ماڻهو لائي زندگي گزارڻ به هڪ وڏي ڳالھ آهي اهڙيون عيدون ۽ خوشيون ته پري جي ڳالھ آهي۔