رياضت ٻرڙو
سينيئر رڪن
احسان دانش جي ڪهاڻي ڪتاب
”بي سُڪون خواب جو سچ“ ۾ ڏنل تاثراتي راءِ
¨ مــنــهـنـجي مـــن انــــدرجيڪي دوست مون کي پنهنجي من اندر محسوس ٿيندا آهن، انهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو محنتي محقق، منفرد ڪهاڻيڪار، سٺو شاعر، مستقل لکندڙ ۽ کاهوڙي ڪارڪن، هميشه مٺڙي ۽ سندر مرڪ منهن تي پکيڙيندڙ، قربائتو ۽ پيارو احسان دانش به شامل آهي.
احسان دانش جي ٻين انيڪ خوبين مان جيڪا خوبي مون کي موهي وجهندي آهي، اها سندس بي انتها ۽ پُرخلوص سچائي ۽ سڪ آهي.
احسان دانش جون ڪهاڻيون مون ٻڌيون به آهن ته پڙهيون به. سندس پڙهڻي صاف ۽ ڪهاڻيءَ جي بيان، واقعن ۽ گفتگوءَ سان ٺهڪندڙ هوندي آهي. احسان دانش جي ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيءَ جا سڀئي فني جزا، پنهنجي ڀرپوريت سميت سمايل آهن. سندس ڪهاڻين ۾ موضوع ۽ مواد سميت، خوبصورت پلاٽ، ضروري ڪردار، ٺهڪندڙ گفتگو، گهربل ماحول، ڪٿي اڻ لکو ته ڪٿي واضح ڪلائمڪس ۽ گهڻ رخي پڇاڙي، پڙهندڙ کي ضرور ملندي. احسان جي ڪهاڻين جي ٽريٽمنٽ (ورتاءُ)، پنهنجي لکندڙ کي، پڙهندڙ وٽ ڪنهن نه ڪنهن ريت ضرور محسوس ڪرائي ٿي. احسان دانش جون ڪهاڻيون گنڀير، کريون ۽ مڪمل آهن. پنهنجي تخليقي انداز مان، احسان دانش پڙهندڙ تي اثر انداز ٿئي ٿو ۽ کيس سوچڻ لاءِ آماده ڪري ٿو.
ريـــــاضت ٻرڙو
11 مارچ 2005ع
قنبر