احسان دانش جي ڪهاڻين بابت مختصر را

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏16 آگسٽ 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    احسان دانش جي ڪهاڻي ڪتاب
    ”بي سُڪون خواب جو سچ“ ۾ ڏنل تاثراتي راءِ
    ¨ مــنــهـنـجي مـــن انــــدر

    جيڪي دوست مون کي پنهنجي من اندر محسوس ٿيندا آهن، انهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو محنتي محقق، منفرد ڪهاڻيڪار، سٺو شاعر، مستقل لکندڙ ۽ کاهوڙي ڪارڪن، هميشه مٺڙي ۽ سندر مرڪ منهن تي پکيڙيندڙ، قربائتو ۽ پيارو احسان دانش به شامل آهي.
    احسان دانش جي ٻين انيڪ خوبين مان جيڪا خوبي مون کي موهي وجهندي آهي، اها سندس بي انتها ۽ پُرخلوص سچائي ۽ سڪ آهي.
    احسان دانش جون ڪهاڻيون مون ٻڌيون به آهن ته پڙهيون به. سندس پڙهڻي صاف ۽ ڪهاڻيءَ جي بيان، واقعن ۽ گفتگوءَ سان ٺهڪندڙ هوندي آهي. احسان دانش جي ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيءَ جا سڀئي فني جزا، پنهنجي ڀرپوريت سميت سمايل آهن. سندس ڪهاڻين ۾ موضوع ۽ مواد سميت، خوبصورت پلاٽ، ضروري ڪردار، ٺهڪندڙ گفتگو، گهربل ماحول، ڪٿي اڻ لکو ته ڪٿي واضح ڪلائمڪس ۽ گهڻ رخي پڇاڙي، پڙهندڙ کي ضرور ملندي. احسان جي ڪهاڻين جي ٽريٽمنٽ (ورتاءُ)، پنهنجي لکندڙ کي، پڙهندڙ وٽ ڪنهن نه ڪنهن ريت ضرور محسوس ڪرائي ٿي. احسان دانش جون ڪهاڻيون گنڀير، کريون ۽ مڪمل آهن. پنهنجي تخليقي انداز مان، احسان دانش پڙهندڙ تي اثر انداز ٿئي ٿو ۽ کيس سوچڻ لاءِ آماده ڪري ٿو.
    ريـــــاضت ٻرڙو
    11 مارچ 2005ع
    قنبر


     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    احسان دانش جو تعلق ادبي گهراڻي سان آهي، ۔۔۔ هو هڪ خوبصورت شاعر هجڻ سان گڏ تمام سٺيون ڪهاڻيون لکندو آهي، تحقيق ۾ به سٺو ڪم ڪيو اٿس، سندس مختصر ڪهاڻيون تعريف لائق آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو