عبدالعزيز منڱريو
سينيئر رڪن
دوستون اڄ توهان کي هڪڙي اهم ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪرائيندو هلان ته، اسان جيڪي ڪجهه به ٽيڪسٽ بوڪ جيڪي اسان پي ڊي ايف ۾ ڪنورٽ ڪري ويب سائيٽس سي ڏنا آهن انهن جو خاص فائدو ڪون ٿي رهيو آهي!
توهان دوست سمجهندئو ته عزيز ڇا چئي رهيو آهي، پر ڳاله درست آهي، هيئر توهان هڪڙو تجربو ڪري ڏسو پاڻ ئي سمجهي ويندئو. گوگل ڊاٽ ڪام کوليو ۽ انهيءَ ۾ شاهه ڀٽائيءَ جو ڪو به مشهور شعر لکي سرچ ڪريو……..
ڪيئن حيران ٿي ويا نه؟؟ توهان کي ڪجهه به سرچ ۾ ڪون مليو……..
دوستو ڏسو انٽرنيٽ تي شاهه جو رسالو شايد 20 مختلف جڳهن تي اپلوڊ ٿيل آهي يا ان کان وڌيڪ جڳهن تي هجي. پر افسوس جو اسان انهيءَ جو ڪو فائدو حاصل ناهيون ڪري سگهيا ڇو ته ڪجهه به آن لائين سرچ ڪون ٿي رهيو آهي…….
دوستو انهيءَ معاملي کي سمجهائڻ لاءِ مان پنهنجي دوستن کي التجا به ڪئي هئي ته وري کين گهڻيون گذارشون به ڪيون هيم پر شايد انهن دوستن کي انهيءَ معاملي جي ڪا خاص سمجهه ڪون پئي آئي يا وري هو ڊيڄاري جو شڪار آهن ته متان سندن پاران آن لائين ڪيل ڪتان ڪو پنهنجي نالي سان نه آن لائين ڪري. پر دوستون اها وقت جي تمام گهڻي ضرورت آهي ته اسان سمورن ڪتابن کي ٽيڪسٽ فارميٽ ۾ آن لائين ڪيون جيئن اسان کي انهن ڪتابن مجهان ڪجهه به ڳولهڻ ۾ تڪليف نه ٿئي ۽ سمورن دوستن کي اها معلومات ملي ونڃي…..
سمورن دوستن کي التجا آهي ته جيڪي به ڪتان لکو انهن کي مهرباني ڪري ايڇ ٽي ايم ايل يا وري ٽيڪسٽ فارميٽ ۾ اپلوڊ ڪريو جنهن سان هر ڪو توهان پاران ڏنل ڪتاب مان پورو پورو فائدو حاصل ڪري سگهي.
جن دوستن کي گذارش ڪئي هئي انهن کي وري به هڪ ڀيرو ٻيهر عرض ڪريان ٿو ته مهرباني ڪري ٿورڙو سوچيو ته اسان ٻولي جي خدمت ڪريون ٿا يا ٻولي جو نقصان؟؟؟؟؟؟؟؟؟
ڇو ته 100 مان 99 دوست سرچنگ تي يقين رکندا آهن. انهيءَ ڪري مهرباني ڪريو ۽ آئيندا ڪتابن کي ڪڏهن به پي ڊي ايف فارميٽ ۾ پبلش نه ڪريو. انهيءَ سان وڏو نقصان ٿي رهيو آهي…….
دعاگو
عبدالعزيز منڱريو
ڪمپيوٽر پروگرامر
وزارت داخلا
سعودي عرب