ڪمپيوٽنگ ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي يا ٻولي جو نقصان؟

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ عبدالعزيز منڱريو طرفان آندل موضوعَ ‏17 آڪٽوبر 2009۔

  1. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    دوستون اڄ توهان کي هڪڙي اهم ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪرائيندو هلان ته، اسان جيڪي ڪجهه به ٽيڪسٽ بوڪ جيڪي اسان پي ڊي ايف ۾ ڪنورٽ ڪري ويب سائيٽس سي ڏنا آهن انهن جو خاص فائدو ڪون ٿي رهيو آهي!

    توهان دوست سمجهندئو ته عزيز ڇا چئي رهيو آهي، پر ڳاله درست آهي، هيئر توهان هڪڙو تجربو ڪري ڏسو پاڻ ئي سمجهي ويندئو. گوگل ڊاٽ ڪام کوليو ۽ انهيءَ ۾ شاهه ڀٽائيءَ جو ڪو به مشهور شعر لکي سرچ ڪريو……..

    ڪيئن حيران ٿي ويا نه؟؟ توهان کي ڪجهه به سرچ ۾ ڪون مليو……..
    دوستو ڏسو انٽرنيٽ تي شاهه جو رسالو شايد 20 مختلف جڳهن تي اپلوڊ ٿيل آهي يا ان کان وڌيڪ جڳهن تي هجي. پر افسوس جو اسان انهيءَ جو ڪو فائدو حاصل ناهيون ڪري سگهيا ڇو ته ڪجهه به آن لائين سرچ ڪون ٿي رهيو آهي…….

    دوستو انهيءَ معاملي کي سمجهائڻ لاءِ مان پنهنجي دوستن کي التجا به ڪئي هئي ته وري کين گهڻيون گذارشون به ڪيون هيم پر شايد انهن دوستن کي انهيءَ معاملي جي ڪا خاص سمجهه ڪون پئي آئي يا وري هو ڊيڄاري جو شڪار آهن ته متان سندن پاران آن لائين ڪيل ڪتان ڪو پنهنجي نالي سان نه آن لائين ڪري. پر دوستون اها وقت جي تمام گهڻي ضرورت آهي ته اسان سمورن ڪتابن کي ٽيڪسٽ فارميٽ ۾ آن لائين ڪيون جيئن اسان کي انهن ڪتابن مجهان ڪجهه به ڳولهڻ ۾ تڪليف نه ٿئي ۽ سمورن دوستن کي اها معلومات ملي ونڃي…..

    سمورن دوستن کي التجا آهي ته جيڪي به ڪتان لکو انهن کي مهرباني ڪري ايڇ ٽي ايم ايل يا وري ٽيڪسٽ فارميٽ ۾ اپلوڊ ڪريو جنهن سان هر ڪو توهان پاران ڏنل ڪتاب مان پورو پورو فائدو حاصل ڪري سگهي.

    جن دوستن کي گذارش ڪئي هئي انهن کي وري به هڪ ڀيرو ٻيهر عرض ڪريان ٿو ته مهرباني ڪري ٿورڙو سوچيو ته اسان ٻولي جي خدمت ڪريون ٿا يا ٻولي جو نقصان؟؟؟؟؟؟؟؟؟

    ڇو ته 100 مان 99 دوست سرچنگ تي يقين رکندا آهن. انهيءَ ڪري مهرباني ڪريو ۽ آئيندا ڪتابن کي ڪڏهن به پي ڊي ايف فارميٽ ۾ پبلش نه ڪريو. انهيءَ سان وڏو نقصان ٿي رهيو آهي…….

    دعاگو
    عبدالعزيز منڱريو
    ڪمپيوٽر پروگرامر
    وزارت داخلا
    سعودي عرب
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا عبدالعزيز توهان بلڪل صحيح چيو۔۔
    هتي اچڻ کان پهرين مونکي صرف سائين ماجد ڀرڳڙي جي تيار ڪيل رسالي بابت خبر هئي پر گوگل ۾ ان جو ڪو به رزلٽ نه پئي مِليو۔۔ هتي اچڻ کان پوءِ ڪافي سنڌي سائِيٽس جا لنڪ خبر پيا ۽ رسالي جي مختلف ايڊيشنز جي به خبر پئي۔۔۔
    رسالي کي ٽيڪسٽ کان علاوه تصويري فارميٽ ۾ به ڪنورٽ ڪرڻ گهرجي۔۔۔
     
  3. آفتاب

    آفتاب
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تمام سٺو

    عزيز ڀاءُ جي ڳالهه بلڪل درست آهي. آئون وائيس آف سنڌ ۾ شايع ٿيل سڀني ڪتابن کي ٻيهر سيٽنگ ڪري رهيو آهيان ۽ انشاءِ الله جلد ئي سڀئي ڪتاب ڊاريڪٽ ٽيڪسٽ جي صورت ۾ توهان جي لاءِ حاضر هوندا. ٻين دوستن کي به اها ئي گذارش آهي ته اُهي به پنهنجا ڪتاب جيڪي مختلف ويب سائيٽس تي پبلش ڪري چڪا آهن انهن کي ٽيڪسٽ جي صورت ۾ اُتي ٻيهر اپ لوڊ ڪن ته جيئن سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ترقي ۾ واڌارو اچي سگهي ۽ اسين صحيح معني ۾ سنڌي زبان جي ترقي لاءِ جاکوريون.
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بلڪل ادا عزير توهان سچ چئي رهيا آهيو گوگل سرچ ۾ ڪو به رزلٽ نه ملي رهيو آهي
    ادا ان طرف دوستن جي توجهه ڏيارڻ لا۽ توهان جي مهرباني

    سنڌ سلامت
     
  5. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    دوستو منهنجا ٿورا ڇا لاءِ پيا منڃيو؟ اهو ته منهنجو فرض آهي، جو جيڪي ڪجهه به سمجهه ۾ اچي اهو توهان دوستن تائين پهچايان ۽ اها ڳالهه ته ڪيئي مهينا پهريان کان دوستن کي چئي رهيو هوس۔ خير پوءِ به وڏي مهرباني آفتاب جي جو ڪجهه ڪم کي ٿورو وڌايائين۔ هيئر باقي ڪجهه ٌ3 عدد ٻيا دوست آهن جن کي جيڪر ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته هو هتڙي جواب ڏين ته ڪجهه ڪن پيا انهيءَ مسعلي متعلق يا نه؟ اهو وقت جي ضرورت آهي۔ اميد ته ٻيا دوست به جلد اهو ڪم ڪندا جيئن سندس محنت سان آن لائين ڪيل ڪتابن جو سمورا دوست پورو پورو فائدو حاصل ڪري سگهن، ۽ ڪنهن دوست کي انهيءَ معاملي سلجهائڻ لاءِ کا مدد گهرجي ته هي غريب حاضر آهي۔۔۔ اميد ته ڪو به اهڙو دوست ڪون هوندو جيڪو هن ننڊڙيءَ ڳالهه کي ڪون سمجهندو۔۔۔ وڏي مهرباني وحيد صاحب ۽ ٻي سنگت جي، جو ترت جواب ڏيو ٿا،
    باقي اسان جو ٻيو فورم لڳي ٿو موڪل تي ويل آهي۔ ڇو ته انٽرنيٽ تي نظر ڪون اچي رهيو آ۔۔۔۔ الائي لڳي ٿو ڪٿي پوليو ٿي نه وئي هجيس اڪبر لاکي وانگر۔۔۔ هاهاهاههاها ڀا اڪبر ناراض نه ٿجان مزاق پيو ڪريان۔۔۔۔۔۔ پر فورم کي اپلوڊ ڪر ۽ پاڻ به روزانه چيڪ ڪندو ڪر ته ڪو واندو ڪجهه لکي ته نه ويو آ فورم تي۔۔۔۔ هرون ڀرون 5 ڏينهن کان لکيو هو پر ڪو به جواب ڪون آيو هڪڙو جواب آيو اهو به مان زوري دوست حبيب کان ڏيارو ته ٻيلي عزت ئي رهجي ونڃي ته منهنجي به ڳالهه به اهميت اهي، پر ڪجهه ڏينهن کان پوٌ اندازو ٿيو ته فورم جا حال پورا آهن ڪو به دوست آنلائين ڪون اچي رهيو هو۔ ايتري قدر جو محترم ڀا اڪبر توهان پنهنجي سر به 5 ڏينهن تائين ڪنهن پوسٽ کي جواب ڪون ڏنو۔۔ هيئر ته مڙئي فورم ئي گم لڳو پيو آ؟ خير ته آهي ڪٿي دشمنن جي نظر نه لڳي ٿي؟؟ هاهاهاها پر اهو ممڪن لڳي ته ڪون ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ڪمپيوٽنگ ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي يا ٻولي جو نقصان؟

    مڱريو صاحب، توهان جي مهرباني جو توهان اسان دوستن جو ڌيان ان ڳالهه ڏانهن ڇڪرايو، آخر ڪهڙي طريقي سان اسان پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کي ٻين ٻولين وانگر گوگل ۾ سرچ ڪري سگهون ٿا۔ ۽‌ خاص طور تي سنڌي ۾ لکيل ڪتاب؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو