سنڌ جو سير ۽ سفر (1)

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏18 آگسٽ 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    رياضت ٻرڙو
    اَروڙُ ٿو مون کي سڏي

    سنڌ جي سونهن شاعريءَ ۾ ته اسان پئي پَسي آهي، پر چاهيوسين پئي ته سنڌ جي سونهن جا رنگ ۽ ان جي حسناڪين جا روپ اکين سان به پَسون، سو ان خواب جي ساڀيان ۾، اپريل مهيني جي ٻئي ڏَهي ۾، فقط هڪ ڏينهن جي ڄمار جيترو وقت زندگيءَ جي رواجي مصروفيت کان چورائي، اسان ڊگري ڪاليج جي دوستن اروڙ، ڪالڪا ديويءَ جي مندر، نينهن جبل ۽ ساڌ ٻيلي جو پروگرام رٿيو.
    صبح جو سوير تيار ٿي، پيپلز ڪالوني مان پنڌ ئي پنڌ جناح باغ ڏانهن روانو ٿيم، جتي سڀني دوستن کي پهچڻو هو. موسم اهڙي ته وڻندر هئي جا ڇا ڳالهه ڪجي! اُڀرندڙ سج جو سوجھرو ڌرتيءَ تي پکڙبو پئي ويو ۽ سڄي رات جا اوجاڳيل بلبَ هِتي هُتي وسامندا پئي ويا. بي اختيار هي نثري نظم منهنجي ذهن تي تري آيو:
    صبح وقت
    وساميل بلبَ
    احساس ڏيارن ٿا
    ته انهن پنهنجو ڪارج پورو ڪيو آهي
    ۽
    هاڻ اسان کي
    سوجھرو پکيڙڻو آهي.
    ”تجر باغ“ کي بڻايل ”جناح باغ“ جي چوڪ تي دوست گڏ ٿيندا ويا. اسان جا سرواڻ پروفيسر منير ڀٽو، نالي وارو ڪهاڻيڪار اخلاق انصاري ۽ موهيندڙ شاعر ۽ نثر نويس فياض لطيف هئا، جڏهن ته ساٿ ۾ تخليقڪار ڀائرَ احسان دانش ۽ رضوان گل، ۽ ٻين دوستن ۾ ربنواز سومرو، مقصود ابڙو، عاشق علي ڪلهوڙو، عبدالماجد ڀٽو، احسان چنو ۽ ميمڻ ڀائر عبدالودود ۽ عبدالواحد شامل هئا. سڀني جا مُنهن مُبارڪَ هڪ يادگار سفر جي اميد ۾ جرڪي ۽ ٻهڪي رهيا هئا. نئين ديري مان پروفيسر غلام حسين ڪٽپر کي به ساڻ ڪيوسين، پر ڪافي ٽائيم سائينءَ جا آندل شيشي جا ٻه گلاس کِل ڀوڳ جو سبب بڻيا رهيا جن مان هڪ گلاس ڀَڄي پوڻ جي غلط پرچار ڪارڻ هر هر لبن تي مرڪون پکيڙيندو رهيو، جو دل ئي دل ۾ اسان ڪٽپر صاحب جي تاثرن منجھان مزو وٺندا رهياسين، پر سائين به سمجھي ويو ۽ آخر وقت تائين ڪجھ نه ڪُڇيو. بهرحال، ان هروڀرو جي مزاق ۾ خبر ئي نه پئي جو روهڙيءَ ڀرسان اروڙ اچي پهتاسين.
    اروڙ ـــــ سنڌ جو تخت گاهه
    اسان جو پهريون آستان ان مسجد تي ٿيو، جيڪا راجا ڏاهر کان سنڌ فتح ڪندڙ محمد بن قاسم جي نالي تي قائم ”مسجد محمد بن قاسم“ آهي. ان مسجد جا ڪي ٿورا آثار ئي باقي وڃي، ٻن اڌُوراڻين ڀتين جي صورت ۾ بچيا آهن. اسان اتي فوٽوگرافي ڪري رهيا هئاسين ته هڪڙو ملنگ قسم جو ماڻهو ڀرسان هڪ ڪوٺيءَ مان نڪري آيو ۽ اسان سان حوالي ٿيو. سندس ظاهري ڍنگ ماڻهن کي بيوقوف بڻائيندڙ پئي لڳو: وڏي ڏاڙهي مينديءَ ۾ مڇن ۽ ڀِرون سُوڌو ڀريل، بُت سڄو اُگھاڙو، هيٺ تي صرف ننڍو پوتڙو. سندس نالو غلام مصطفى شيخ هو ۽ اصل جيڪب آباد جو هو. هن ٻڌايو ته هِن ئي مسجد ۾ محمد بن قاسم ٻه خطبا ڏنا آهن جڏهن ته ديبل ۾ محمد بن قاسم ڪو خطبو ناهي ڏنو. هن چيو ته عام طور 4 طرف بيان ڪيا وڃن ٿا، پر حقيقت ۾ 6 طرف آهن اوڀر، اولهه، اتر، ڏکڻ، تحت ۽ بالا. هُن اسان کي ڪجهه پراڻا پِتل جا سِڪا ڏيکاريا، جن جي لکت ڊٿل ۽ سمجھ ۾ نه ايندڙ هئي. ايئن پئي لڳو ته اهي سِڪا سندس وڏي مُوڙي هجن.
    اسان کي سائين اخلاق انصاريءَ يادگيري مان ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته راءِ سهاسي جي زال چَچ تي عاشق ٿي پئي هئي. راءِ مرڻ تي هو ته سندس زال چچ جي بيئت ڪرائي ۽ راءِ جي مرڻ بعد ساڻس شادي ڪئي. چندرُ چچ جو ڀاءُ هو. چچ سنڌ جو سڪندر اعظم هو جنهن قنڌار، ايران، مڪران ۽ ڪشمير تي قبضو ڪيو. راءِ کان پوءِ برهمڻن سنڌ تي حڪومت ڪئي.
    اسان اُتي 2004ع ۾ سکر جي ضلعي ناظم سيد نثار شاهه پاران لڳايل سنگ مرمر تي اڪريل لفظ پڙهيا، جن ۾ لکيل هو ته محمد بن قاسم سنڌ جي حڪمران راجا ڏاهر کي شڪست ڏني ۽ 93 هجري جي ڏهين مبارڪ مهيني رمضان ۾ سنڌ کي فتح ڪيو، جنهن کان پوءِ هن سنڌ جي وڏن شهرن ۾ مسجدون ٺهرايون. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته اروڙ 125 هجري تائين سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو، جنهن کان پوءِ منصوره ٻيو گاديءَ جو هنڌ بڻيو. ان پٿر تي اهو پڻ لکيو ويو هو ته سنڌ باب الاسلام آهي ۽ پاڪستان جو بنياد ان ڏينهن ئي رکجي چڪو هو، جنهن ڏينهن سنڌ کي مسلمانن فتح ڪيو هو.
    بهرحال اسان چَوطرف نظرون ڦيريندا رهياسين ۽ سنڌ جي اجڙيل تخت گاهه کي اچرج وچان ڏسندا رهياسين، ڇاڪاڻ ته سنڌ پڻ هاڻي اهڙي ئي اجڙيل آهي جهڙو اروڙ ڏسجي رهيو هو.
    ڪالڪا ديوي جو مندر
    اروڙ کان اڳتي وڌي، ٿوري ئي پنڌ تي واقع ڪالڪا ديوي جي مندر پهتاسين. هيءَ هڪ حيرت ڀرِي جڳهه هئي، جنهن جي خاموشيءَ ۾ عبادتن جي تاريخ سمايل هئي. هن مندر جي ٻاهرين لوهي ونگ تي لکيل هو ”ڪالڪان ماتا آستان“ ۽ ان هيٺان لکيل هو ”شيوام: ڪالڪان ماتا شيوا منڊل اروڙ“. هن قديمي ۽ مشهور مندر جو سنڀالُو جواهر لال هو. هن ٻڌايو ته هتي هر سال سيپٽمبر ۾ چنڊ جي چوڏهينءَ تي وڏو ميلو لڳندو آهي جنهن ۾ 20 کان 30 هزار ماڻهو ايندا آهن. ڪالڪا ڏهون اوتار آهي. ڪالڪا جي معنى آهي ساراهيل، پر مسلمان ان کي ٻيءَ طرح وٺندا آهن. دنيا کي برهمانڊ سڏيون ٿا، وشنو معنى پاليندڙ ديوتا ۽ شِو معنى ماريندڙ ديوتا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ويهاري دفنائبو آهي ته ان کي سماڌي چئبو آهي ۽ جيڪڏهن رک پوربي آهي ته ان کي ڏيوڙِي چئبو آهي.
    اسان سڄي مندر جو چڪر هنيو ۽ غار اندران گھمي آياسين. اندر گھگهه اوندهه هئي، ايتري قدر جو فوٽو پئي ڪڍيا ته اهي به اندازي تي ۽ فليش تي اسان جون اکيون پَٽجي پئي ويون. غار اوچائيءَ ۾ ايتري هيٺ هئي جو اسان کي جُھڪي پئي هلڻو پيو. غار اندر ڪجهه ديوين جا مجسما هئا.
    اسان مندر لڳ هڪ مٿاهين ٽاڪرو پَٽ تي چڙهي وياسين، جنهن جي سونهن به ڏسڻ وٽان هئي، پر خاص ڪري اتان جيڪو ڀرپاسي جو نظارو ٿي رهيو هو، اهو ڪيئي لينڊ اسڪيپ اکين ۾ چِٽي رهيو هو. اتي اسان کي ڪٽپر صاحب ڪيئي ڳالهيون ۽ روايتون ٻڌايون، جن ۾ هڪَ اها به هئي ته راجا ڏاهر سان هڪ حبشي وڙهڻ آيو ته راجا وٽ اهڙو اوزار هو جنهن سان اهو حبشي پري کان ئي مري ويو.
    نينهن ٽَڪر کي سَر ڪرڻ
    ڪالڪا مندر بعد اسان ٻه ٽي ڪلوميٽر اڳيان نينهن ٽڪر تي آياسين جيڪو پري کان ئي ڪَر کنيو اڏول لڳو بيٺو هو ۽ ڌرتيءَ جو هڪ شاهڪار ٿي محسوس ٿيو. نينهن ٽڪر کي نينهن جبل پڻ سڏيو ٿي ويو. ان جي اوچائيءَ جي صحيح خبر ته ناهي، پر ٻه ٽي سَو فُٽ ضرور اوچو هوندو. اتي اسان کي محمد بخش ميربحر نالي هڪ راڳي فقير گَڏيو. هُو ڄڻ ته اسان جھڙن گُهوموئن لاءِ اتي آستان هنيو ويٺو هو. سندس هٿن ۾ يڪتارو هو. هُو اسان کي ٽَڪر جي پُٺئين پاسي ڏانهن وٺي ويو، جتان ٽَڪر تي مٿي چڙهڻ جو پُرخطر پيچرو هو جيتوڻيڪ ان کي پيچرو به نه چئجي، ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي هنڌن تي ڪا به پيچري يا رستي جھڙي شَيءِ نه هئي ۽ تِرڪڻ هئي. ان ڏُکئي رستي سبب ڪيئي دوست مٿي ٽَڪر تي چڙهڻ کان نابري واري بيٺا. تنهن باوجود فياض لطيف، ڪٽپر صاحب، عاشق ڪلهوڙو، احسان دانش، عبدالماجد ڀٽو، احسان چَنو، مقصود ابڙو ۽ مان تيار ٿي وياسين. اهو هڪ ايڊوينچر هو، جيڪو اسان ڪرڻ پئي چاهيو. اسان جو سُونهون محمد بخش ميربحر هو. جبل تي اڌ چڙهڻ کان پوءِ پتو پيو ته اهو ڪم ڪو سولو نه هو، پر هڻي وڃي هنڌ ڪيوسين. مٿان چوٽيءَ تان ته نظارا ئي ٻيا هئا. اتي هڪ چَودَري ٺهيل هئي جنهن جي مٿان قُبو هو. اتي اسان راڳي فقير کان صوفياڻه ڪلام ٻڌا. اهي ڪلام صحيح معنى ۾ فضا ۾ هلچل پيدا ڪري رهيا هئا. ٿوريءَ دير بعد جبل تان لهڻَ پگھر ڪڍرائي وڌا. اسان جا بُوٽ ۽ سينڊلون ترڪڻيون هيون، جن وڏو مسئلو ڪيو، ايتري قدر جو اهي لاهڻا به پيا ۽ ڪٿي ته ويهي گسڪڻو به پيو. اتي ئي اسان موت جھڙي ڪاري اداس حبشيءَ جي جھلڪ به ڏٺي! بهرحال، اسان ٻيهر نينهن ٽَڪر تي چڙهڻ کان سدائين لاءِ بَس ڪئي. هڪ ئي ٽَڪر لکن جي مَٽ هو! البت واپس هيٺ اچي اسان ٻين دوستن کي ”وڪٽِري“ جو سنديش ڏنو، جنهن زندگيءَ ۽ موت کي ملايو پئي.
    ان بعد نينهن ٽَڪر جي ڀر ۾ محفل موسيقيءَ جي نشست ٿي. محمد بخش راڳ ڳايو ۽ دوستن مزا ورتا. ڪِن گھور ڪئي، ته ڪن جھمر هنئي. منهنجن ڳَلن جو مزو منير صاحب، اخلاق صاحب ۽ فياض لطيف ورتو جن منهنجا ڳَل پَٽي گھور ڏني.
    ان بعد اسان جي منزل ساڍ ٻيلو هئي، پر رستي ۾ اسان سکر جي لائيڊ (Lloyd) بئراج ميوزيم جو به هڪ مختصر چڪر هنيو.
    ساڌ ٻيلو ۽ مسجد منزل گاهه
    ويهين صديءَ جي تاريخ ۾ سکر جي ساڌ ٻيلي ۽ مسجد منزل گاهه جي قريبي ماڳن کي خاص اهميت حاصل آهي. انهن ماڳن کي سائين جِي ايم سيد ۽ پير علي محمد راشديءَ جهڙيءَ ريت پنهنجن سياسي مقصدن لاءِ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ استعمال ڪيو، اهو سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ المئي جي حيثيت رکي ٿو.
    اسان هڪ ٻيڙيءَ وسيلي ساڌ ٻيلي ۾ شام ٽاڻي پهتاسين. هتي بابا بنکنڊي مهراج جي درٻار هئي، جا 200 سال اڳ نيپال جي ”سائينءَ“ ٺهرائي هئي. بابا بنکنڊي جو پيدائشي نالو ڀالچند هو. هتي هيٺيان مندر آهن: شري بابا سريچند مندر، شري ان پورنا ديوي ماتا مندر (راڌا ۽ ڪرشن)، شري گڻيش ديوتا مندر، شري هنومان ديوتا مندر ۽ ڪونج گلي.
    اهي سڀ مندر گھمي اسان کي ڏاڍو مزو آيو. ساڍ ٻيلو سنڌ جو هڪ خوبصورت ۽ سانتيڪو ماڳ محسوس ٿيو، جنهن جي خاموشيءَ ۾ صوفياڻي سنڌ جو هڪ نوحو سمايل هو.
    وقت جي کوٽ سبب اسان ساڌ ٻيلي کي وڌيڪ وقت ڏئي نه سگھياسين. واپس درياءَ جي ڪناري تي پهچي اسان مسجد منزل گاهه به وياسين، جيڪا نئين سر اَڏايل مسجد هئي. مسجد جي مُک در تي هي فارسي شعر اڪريل هو:
    خوش منزل باغ رضوان رقم،
    ڪه جانراد هد فيض باغ ارم.
    بتاريخ اين جاي عشرت سرشت،
    زهي جاي عشرت رقم زد قلم.
    افسوس ته اسان مان ڪنهن کي به فارسي نه پئي آئي، ان ڪري ان شعر مان فيضياب ٿي نه سگھياسين. هيءَ مسجد به سنڌ جي ٻين عام مسجدن جيان هئي، پر ان کي پنهنجي محل وقوع سبب خاص حيثيت حاصل هئي.
    اسان جي هڪ ڏينهن جي سفر جي هاڻ واپسي هئي. سفر هڪ ڏينهن جو هو، پر ان ۾ تاريخ جا ڪيترا نه دَور گذريا هئا!
    سومهڻي ڌاري اسان واپس لاڙڪاڻي پهتاسين. معمول موجب هن سفر ۾ به کوڙ کِل ڀوڳ ٿي، پر هڪ ڀوڳ ”شينهن ۽ ڀولي“ جو اهڙو ته مزيدار ٿيو، جيڪو عمر ڀر وسري نه سگھندو.
    ***
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي تاريخي شهر ۽ تخت گاهه اروڙ بابت اوهان جي سفر جي ڪهاڻي وڻي۔ اوهان کي شاباس آهي جو اوهان سنڌ جي تاريخ کي پڙهڻ سان گڏ اتي وڃي مشاهدو ڪيو ٿا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو