• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عيد جو چنڊ هڪ مسئلو ڇو سعودي پاڪستان ٻن ڪلاڪن جو فرق

Sindhi Media

سينيئر رڪن
عيد جو چنڊ هڪ مسئلو ڇو سعودي پاڪستان ٻن ڪلاڪن جو فرق

تحرير ۽ تحقيق انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ
حسبِ روايت، هن سال به پاڪستان ۾ ٻه عيدون ملهايون وينديون، پهرئين عيد باجوڙ، مردان وغيره علائقي وارن طرفان جيڪي هميشه سعودي عرب جي نسبت سان عيد ملهائين ٿا، جڏنهن ته ٻي عيد پاڪستان ۾ جيڪي روئيت هلال ڪميٽي جي اعلان سان ۽ سوال اُٿي ٿو ته ڇا ٻئي عيدون ٻن مطب فڪر جي عالمن جي اختلاف جو نتيجو آهن يا سائنس (ماهر فلڪيات) جون پيچيدگيون؟
ڪُجه مثال ۽ سائنسي (فلڪياتي) نُقطا ٻُڌائي هاڻ اسان هي فيصلو عيد ملهائڻ وارن تي ٿا ڇڏيون ته هو ڪهڙو نظريو ٿا رکن ۽ مذهبي ۽ سائنسي ماهرن کي به گُذارش ته اسانجو ڪنفيوزن دُور ڪن۔
مٿين تصويرون تازيون تصويرون آهن هڪ ۾ سعودي عرب جي هلال ڪميٽي چند ڏسڻي جو جائزو ۽ ٻي ۾ جناب مُنيب الرحمان جي چيئرمين شپ هيٺ پاڪستان جي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ۽ ٻنهين جي دعواى ته هو فلڪيات جي ماهرن ۽ جديد سائنسي آلات سان چنڊ ڏسي عيد 29 ۽ 30 روزن جو اعلان ٿا ڪن۔
اچو ته پهرئين سائنسي ايجادات ۽ فلڪيات جو جائزو وٺون
شايد توهان کي علم هُجي ته سائنسي معلومات موجب وقت جو پهريون جُز سيڪنڊ آهي ۽ اهو هڪ سيڪنڊ به مِيٽرڪ سسٽم تحت 100 حصن ۾ ورهايل آهي، تنهن هوندي به 5 سيڪڙو ڊيويئشن آهي اُنهن سڀني سائسي آلاتن ۾ جيڪي انسٽرومينٽس ٽيڪنالاجي تحت ڪجه وقت کان پو ريفريش ڪجن ٿا جيئن اهو 5 سيڪڙو ڊيوي ايشن (گهٽ وڌ) جو عرصو وڌي بولن الجبرا (لاجڪ) تحت ٻيڻو ٽيڻو نه ٿي وڃي جنهنجا انگ هن ريت وڌن ٿا يعني 2، 4، 16، ۔۔۔
سو ڳاله پئي ڪيم وقت جي ته وقت جو پهريون ڏاڪو جيڪو عام فهم آهي اُهو آهي سيڪند،60 سيڪنڊ ملي ٺهن ٿا منٽ، 60 منٽ ملي ٺهن ٿا ڪلاڪ، 24 ڪلاڪ ملي ٺهن ٿا ڏينهن، ، 28، 29، 30 ڏينهن ملي ٺهن ٿا مهنون، 12 مهنا يا 365 ڏينهن ملي ٺهن ٿا سال ۽ هر چئن سالن کان پو ٿئي ٿو ليپ سال، معنى فبروري جو مهنو 28 ڏينهن ۽ سئو سال ملي ٺهي ٿي صدي، هي مجموعو آهي ميلاپ (سائنس ۽ مذهبي چنڊ ڏسڻي جو) جيڪو اڄ ڪلهه سعودي، پاڪستان (مرڪز) ۾ يا دُنيا ۾ رائج آهي۔
هر چئن سالن کان پوٿئي ٿو ليپ سال، معنى فبروريجو مهنو 28 ڏينهن ۽ سئو سال ملي ٺهي ٿي صدي، هي مجموعو آهي ميلاپ (سائنس ۽ مذهبي چنڊ ڏسڻيجو) جيڪو اڄ ڪلهه سعودي، پاڪستان (مرڪز) ۾ يا دُنيا ۾ رائج آهي ۔
هاڻ اچو ته اختلافي چنڊ ڏسڻيتي بحث ڪريون۔ پاڪستان جو مٿيون حصو، پنهنجي عيد چنڊ ڏسڻي سعوديجي چنڊ ڏسڻيسان ملائندو اچي جڏنهن ته پاڪستاني جي سرڪاري چنڊ ڏسڻي روئيت هلال ڪميٽي ٻي ڏينهن ته عيد ڪري ٿي ۽ شهادتون سائنسي ۽ فلڪياتي ڏي ٿي ۽ چنڊ جي فضا صاف ناهي ته هيٺين علائقن ۾ ڏسڻ نا مُمڪن آهي۔
شايد اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته جيڪر اسان فلڪياتي ماهرن ۽ سائنسي آلاتن تي دارو مدار رکون ٿا ته اُهي ساڳيا فلڪياتي ماهر سعودي۾ چنڊ ڏسي عيد جو اعلان ڪن ٿا ۽ وقت جي مثال سان پاڪستان جو وقت سعوديکان ٻه ڪلاڪ پوجو آهي يعني جي هتي رات جا ست ٿين ٿا ته سعودي۾ رات جا 9 وڄن ٿا ۽ اسان پنهنجا روزا، نمازون حج به انهي تناسب سان ٿا ڪريون ته پوچنڊ ڏسڻي۾ ايترو (ٻن ڪلاڪن جو فرق ڇو نه؟
هاڻ مُهنجو هڪ سائنسي فلڪيات جي ماهرن کان سوال آهي
هن سوال ۾ سائنس جا سڀئي اسٽوڊنٽ ۽ مذهب ۽ فلڪيات جا ماهر به مُهنجي رهنمائي ڪن ته جي اسان سيٽلائيٽ جي وسيلي يا ناٽيڪل مائلس جي وسيلن سان ڪُره ارض کان آسمان جي چنڊن جو جائزون وٺون ته سعودي فلڪيات جي نظرئي کان ۽ وقت جي اعتبار کان اسانڱان ٻن ڪلاڪن جي فاصلي تي پو آهي جي پاڪستان ۾ مٿئين ٽايم جي ڇيد ڪرڻ کان پو خبر پوي ٿي ته اسان جو وقت ، ڪلڪ، مهنو، ڏينهن جو ڪاٿو ٻه ڪلاڪ پهرئين آهي ۽ جي اسان سعودي ۽ پاڪستان جي وقت جي ڀيٽ ڪريون ته اُهو ٻه ڪلاڪ پو آهي ته اُهو چنڊ جيڪو سعودي جا ماهر فلڪيات 2 ڪلاڪ دير سان ڏسن ٿا اُهو پاڪستان ۾ ٻه ڪلاڪ پهرئين ڇو نٿو نظر اچي ۽ جي ٻن ڪلاڪن جو ئي فرَق آهي ته عيد 12 ڪلاڪن کان پو ڇو 2 ڪلاڪ پهرئين ڇو نه؟ اها فلاسافي ڇا آهي ڪو سمجهائڻ ۾ مدد ڪندو۔
 
ان سلسلي ۾ 18 آگسٽ جي ڪاوش ۾ ادريس راجپوت جو تفصيلي ڪالم ڇپيو هو۔ جيڪو گهڻو معلوماتي هيو ۽ ا ن ۾ اهو واضح لکيل هو ته ڪيئن ٻه ڪلاڪ پوئتي هجڻ واري ملڪ ۾ عيد هڪ ڏينهن اڳ ٿي سگهي ٿي۔

ڪاوش جي ويب پيج تي ويس ته اها الائي ڇو ڪانه پئي کُلي نه ته اهو ليک شيئر ڪيان هان۔ اميد ته اوهان پاڻ به ساڳي ڏينهن جي اخبار جو جائزو وٺندا۔
 
سر بلڪل اسان پاڻ اهو ءي سوچون ٽا ت سموري اسلامي ملڪن م ڪنهن هڪ اسلامي ملڪ ۾ چنڊ ڊسي ان تي عمل ڪرايو وڃي.
 
سائين پاڪستان جو چنڊ جي معاملي ۾ هڪ ڏينهن جو فرق ته آهي ئي آهي جنهنجو سبب ته علماءَ يا ماهر فلڪيات ئي ٻڌائيندا پر مان حيران آهيان ته گلف ۾ به سعودي سان اختلاف آهي ۔ گذريل ڪافي سالن کان عمان ، مسقط ۾ عيد سعوديه کان هڪ ڏينهن پو ٿي ملهائي وڃي جڏهن ته ٽائيم جو فرق هڪ ڪلاڪ آهي!
 
شايد ڪاوش واري اخبار (ويب سائيٽ) تي مالويئر وارس جي بوڇاڙ آهي اُن ڪري مُهنجو سسٽم ان کي نٿو وٺي، جيڪڏنهن توهان کي اهو آرٽيڪل ملي وڃي ته هن پيج تي شيئر ضرور ڪندا۔
 
Back
Top