جي اوهان مسلمان آهيو ته

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ رضوان علي جمالي طرفان آندل موضوعَ ‏19 آگسٽ 2012۔

  1. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جي اوهان مسلمان آهيو ته اوهان کي هڪ وڌيڪ روزو مبارڪ هجي ، پر جي اوهان پٺاڻ آهيو ته اوهان کي عيد مبارڪ هجي ۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    عيد جو چنڊ هڪ مسئلو ڇو سعودي پاڪستان ٻن ڪلاڪن جو فرق

    تحرير ۽ تحقيق انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ
    حسبِ روايت، هن سال به پاڪستان ۾ ٻه عيدون ملهايون وينديون، پهرئين عيد باجوڙ، مردان وغيره علائقي وارن طرفان جيڪي هميشه سعودي عرب جي نسبت سان عيد ملهائين ٿا، جڏنهن ته ٻي عيد پاڪستان ۾ جيڪي روئيت هلال ڪميٽي جي اعلان سان ۽ سوال اُٿي ٿو ته ڇا ٻئي عيدون ٻن مطب فڪر جي عالمن جي اختلاف جو نتيجو آهن يا سائنس (ماهر فلڪيات) جون پيچيدگيون؟
    [​IMG]
    ڪُجه مثال ۽ سائنسي (فلڪياتي) نُقطا ٻُڌائي هاڻ اسان هي فيصلو عيد ملهائڻ وارن تي ٿا ڇڏيون ته هو ڪهڙو نظريو ٿا رکن ۽ مذهبي ۽ سائنسي ماهرن کي به گُذارش ته اسانجو ڪنفيوزن دُور ڪن۔
    مٿين تصويرون تازيون تصويرون آهن هڪ ۾ سعودي عرب جي هلال ڪميٽي چند ڏسڻي جو جائزو ۽ ٻي ۾ جناب مُنيب الرحمان جي چيئرمين شپ هيٺ پاڪستان جي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ۽ ٻنهين جي دعواى ته هو فلڪيات جي ماهرن ۽ جديد سائنسي آلات سان چنڊ ڏسي عيد 29 ۽ 30 روزن جو اعلان ٿا ڪن۔
    اچو ته پهرئين سائنسي ايجادات ۽ فلڪيات جو جائزو وٺون
    شايد توهان کي علم هُجي ته سائنسي معلومات موجب وقت جو پهريون جُز سيڪنڊ آهي ۽ اهو هڪ سيڪنڊ به مِيٽرڪ سسٽم تحت 100 حصن ۾ ورهايل آهي، تنهن هوندي به 5 سيڪڙو ڊيويئشن آهي اُنهن سڀني سائسي آلاتن ۾ جيڪي انسٽرومينٽس ٽيڪنالاجي تحت ڪجه وقت کان پو ريفريش ڪجن ٿا جيئن اهو 5 سيڪڙو ڊيوي ايشن (گهٽ وڌ) جو عرصو وڌي بولن الجبرا (لاجڪ) تحت ٻيڻو ٽيڻو نه ٿي وڃي جنهنجا انگ هن ريت وڌن ٿا يعني 2، 4، 16، ۔۔۔
    سو ڳاله پئي ڪيم وقت جي ته وقت جو پهريون ڏاڪو جيڪو عام فهم آهي اُهو آهي سيڪند،60 سيڪنڊ ملي ٺهن ٿا منٽ، 60 منٽ ملي ٺهن ٿا ڪلاڪ، 24 ڪلاڪ ملي ٺهن ٿا ڏينهن، ، 28، 29، 30 ڏينهن ملي ٺهن ٿا مهنون، 12 مهنا يا 365 ڏينهن ملي ٺهن ٿا سال ۽ هر چئن سالن کان پو ٿئي ٿو ليپ سال، معنى فبروري جو مهنو 28 ڏينهن ۽ سئو سال ملي ٺهي ٿي صدي، هي مجموعو آهي ميلاپ (سائنس ۽ مذهبي چنڊ ڏسڻي جو) جيڪو اڄ ڪلهه سعودي، پاڪستان (مرڪز) ۾ يا دُنيا ۾ رائج آهي۔
    هر چئن سالن کان پوٿئي ٿو ليپ سال، معنى فبروريجو مهنو 28 ڏينهن ۽ سئو سال ملي ٺهي ٿي صدي، هي مجموعو آهي ميلاپ (سائنس ۽ مذهبي چنڊ ڏسڻيجو) جيڪو اڄ ڪلهه سعودي، پاڪستان (مرڪز) ۾ يا دُنيا ۾ رائج آهي ۔
    هاڻ اچو ته اختلافي چنڊ ڏسڻيتي بحث ڪريون۔ پاڪستان جو مٿيون حصو، پنهنجي عيد چنڊ ڏسڻي سعوديجي چنڊ ڏسڻيسان ملائندو اچي جڏنهن ته پاڪستاني جي سرڪاري چنڊ ڏسڻي روئيت هلال ڪميٽي ٻي ڏينهن ته عيد ڪري ٿي ۽ شهادتون سائنسي ۽ فلڪياتي ڏي ٿي ۽ چنڊ جي فضا صاف ناهي ته هيٺين علائقن ۾ ڏسڻ نا مُمڪن آهي۔
    شايد اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته جيڪر اسان فلڪياتي ماهرن ۽ سائنسي آلاتن تي دارو مدار رکون ٿا ته اُهي ساڳيا فلڪياتي ماهر سعودي۾ چنڊ ڏسي عيد جو اعلان ڪن ٿا ۽ وقت جي مثال سان پاڪستان جو وقت سعوديکان ٻه ڪلاڪ پوجو آهي يعني جي هتي رات جا ست ٿين ٿا ته سعودي۾ رات جا 9 وڄن ٿا ۽ اسان پنهنجا روزا، نمازون حج به انهي تناسب سان ٿا ڪريون ته پوچنڊ ڏسڻي۾ ايترو (ٻن ڪلاڪن جو فرق ڇو نه؟
    هاڻ مُهنجو هڪ سائنسي فلڪيات جي ماهرن کان سوال آهي
    هن سوال ۾ سائنس جا سڀئي اسٽوڊنٽ ۽ مذهب ۽ فلڪيات جا ماهر به مُهنجي رهنمائي ڪن ته جي اسان سيٽلائيٽ جي وسيلي يا ناٽيڪل مائلس جي وسيلن سان ڪُره ارض کان آسمان جي چنڊن جو جائزون وٺون ته سعودي فلڪيات جي نظرئي کان ۽ وقت جي اعتبار کان اسانڱان ٻن ڪلاڪن جي فاصلي تي پو آهي جي پاڪستان ۾ مٿئين ٽايم جي ڇيد ڪرڻ کان پو خبر پوي ٿي ته اسان جو وقت ، ڪلڪ، مهنو، ڏينهن جو ڪاٿو ٻه ڪلاڪ پهرئين آهي ۽ جي اسان سعودي ۽ پاڪستان جي وقت جي ڀيٽ ڪريون ته اُهو ٻه ڪلاڪ پو آهي ته اُهو چنڊ جيڪو سعودي جا ماهر فلڪيات 2 ڪلاڪ دير سان ڏسن ٿا اُهو پاڪستان ۾ ٻه ڪلاڪ پهرئين ڇو نٿو نظر اچي ۽ جي ٻن ڪلاڪن جو ئي فرَق آهي ته عيد 12 ڪلاڪن کان پو ڇو 2 ڪلاڪ پهرئين ڇو نه؟ اها فلاسافي ڇا آهي ڪو سمجهائڻ ۾ مدد ڪندو۔
     
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    [quote="Sindhi Media, post: 109113, member
    حسبِ روايت، هن سال به پاڪستان ۾ ٻه عيدون ملهايون وينديون،
    سائين قبلا هن دفعي ته ٽي عيدون پيون ملهائجن
    18 آگسٽ ڇنڇر ڏينهن تي وزيرستان جي علائقي ۾ ملهائي وئي ۔
    19 آگسٽ تي صوبه خيبر پختونخواه ۾ ملهائي پئي وڃي ۔
    20 آگسٽ تي رويت حلال ڪميٽي جي مطابق پوري ملڪ ملهائي ويندي ۔
    صرف ماه رمضان ۽ ماه شوال جي چنڊ تي مسجد قاسم خان وارن کي اختلاف ڇو آهي ؟؟؟ جڏهن ته باقي ڏهن مهينن تي اتفاق آهي !!! ماه ذوالحج جي عيد به سڄي ملڪ سان ڪٺي ملهائيندا آهن !!!
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اشو مذهبي اسڪالرز جي پاڻ ۾ ضدجڻ يا اسلام کي ڪنفلڪٽ بڻائڻ ۽ اختلافن تي بحث جو نه آهي، اشو چنڊ ڏسڻي جي طريقه ڪار ۽ فلڪيات جي روشني ۾ سمجهڻ جو آهي، ڪا به ڌُر ان سائنسي ٽيڪنالاجي جي افاديت جي مُنڪر ناهي، سوال آهي ٽيڪنيڪل ته اها ٽيڪنالاجي جيڪا هاڻ دُنيا جا عالم مُتفق ٿي قبول ٿا ڪن ته اُن تحت پهرئين چنڊ پاڪستان ۾ سعودي کان 2 ڪلاڪ پهرئين ڏسجي ٿو ۽ پوري دُنيا سعودي جي چنڊ ڏسڻي کي سچ ۽ برحق سمجهي عيد ملهائي ٿي ته پو پاڪستان جا عالم بضد ڇو ۽ بجا جو هو 2 ڪلاڪ پهرئين عيد ڪن هو سعودي جي چنڊ ڏسڻي کان پو 12 ڪلاڪ عيد ڪن ٿا۔ ڇو؟۔۔ ڪهڙي لاجڪ (منتق) تحت، ڪهڙم سائنسي يا مذهبي اُصولن تحت اهو سمجهائي ۽ سُلجهائي ڏيو۔
     
  5. محمد عامر سومرو

    محمد عامر سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 جنوري 2012
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    66
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    اڃان شاگرديءَ وارو زمانو پيو هلي
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين مٿي جيڪو اوهان (سيڪنڊ ، منٽ ، ڪلاڪ ، ڏينهن ، سال .صدي( جو ذڪر ڪيو آهي اهو سڀ نظام شمسيءَ جي مطابق آهي ۽ جيڪو پاڪستان جو سعودي سان وقت جو فرق آهي اهو به نظام شمسيءَ تحت آهي .
    سج اوڀر کان اڀرندو آهي ۽ چنڊ اولهه کان جنهن جي ڪري اهو هڪ ڏينهن جو فرق رهي ٿو .
    مون ته پنهنجي ننڍڙي عقل جي مطابق جواب ڏنو آ باقي ماهر تبصرو ڪندا .
     
  6. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    مانوارو سڄڻو
    مان کل ڀوڳ ۾ لطيفو موڪليو هو ، هت ته سلسلو ئي ٻيو ٿي ويو آهي ، اعتراض ڪو به ناهي ، جي ان بحث مباحثي کي تحقيق واري فورم ڏانهن کڻي وڃجي ها ته خوبصورت ٿئي ها !
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو