جيئي لطيف جيئي لطيف جي سنڌي ٻولي دوستن ۽ ڀائرن کي سنڌ سلامت فورم تي جاکوڙيندي ڏسي اڄ منهنجي دل ۾ اها آس جاڳي ته آءُ به سنڌ سلامت فورم تي اچي سنڌ سلامت جي دوستن ۽ ڀائرن سان احساسن جي مٽا سٽا ڪيان اميد ته منهنجو ساٿ قبول پوندو (معظم افضل) سچائي کي ڦاهي تي چڙهندي ڏٺم حقيقت کي راهن ۾ رلندي ڏٺم تڏهن دل ۾ آيم ته اڄ ڪجه لکان۔ مان زنده ضميرن کي مرندي ڏٺم ۽ غيرت جي ٻيڙين کي ٻڏندي ڏٺم تڏهن دل ۾ آيم ته اڄ ڪجه لکان۔ غريبن يتيمن کي پنندي ڏٺم ۽ انساني لاشن کي لڙهندي ڏٺم تڏهن دل ۾ آيم ته اڄ ڪجه لکان۔ مان وحشين کي وحشت ۾ وڌندي ڏٺم ۽عصمت جي دامن کي سڙندي ڏٺم تڏهن دل ۾ آيم ته اڄ ڪجه لکان تڏهن دل ۾ آيم ته اڄ ڪجه لکان
سائين معظم افضل اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار ٿا چئون اميد ته توهان کي هي اسان دوستن جي ڪاوش پسند ايندي سدائين گڏ
محترم معظم افضل صاحب کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔ اوهان جا خيال ڏاڍا وڻيا۔ تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔ اوهان جو ساٿ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ادا معظم افضل اسلام عليڪم۔ توهان کي اسان دل جي گهرائين سان هن محبتي اڳڻ جي ميزبانن ۾ شامل ٿيڻ تي خوش آمديد ٿا چئون۔هن اڳڻ جي هر فرد پنهنجي محنتن سان علم جي وسيع سمنڊ ۾ گهرا غوطا لڳائي انمول موتي کڻي اچي ڪينئوس تي چٽيا آهن۔ توهانجا تعارف وارو ليک پڙهي اسان کي اوهانجي تعليمي ڄاڻ ۽ ٻولي سان محبت جي چڳي طرح پروڙ پوئي ٿي۔ اميد ته اوهان پنهنجي بهترين ليکن ۽ تبصرن سان هن فورم جي زينت ۾ اضعافو ڪندا رهندا۔
ادا ڀلي ڪري آيؤ۔دوستن ۽ ڀائرن کي سنڌ سلامت فورم تي جاکوڙيندي ڏسي اوهان جو اچڻ هڪ سٺو قدم آهي۔ هاڻِ اها ئي اميد اوهان مان به رکجي ٿي ته اچي هن اوطاق تي پنهنجا خيال پيش ڪيو
تمام خوبصورت خيالتوهان کي دل سان سنڌ سلامت تي ڀليڪار چئجي ٿو۔۔۔۔ اميد ته ساٿ سلامت رهندو 1276 اٽيچمينٽ ڏسو