اڄ بروز ڇنڇر بتاريخ 25 آگسٽ 2012 تي اسان جي سنڌ سلامت جي منتطم اعلا محترم عبدالرشيد سمون جي ننڍي ڀاءُ عبدالوحيد سمون جي دعوت وليمه سندس اباڻي ڳوٺ پيارو ڳوٺ جي پاسي واري ڳوٺ ٽڳا ڳوٺ ضلع دادو ۾ ٿي گُذري ٽڳا ڳوٺ منهنجي شهر ٽنڊو محمد خان کان تقريبن 300 ڪلو ميٽر پري آهي، اها منهنجي خوشنصيبي آهي جو مون سميت سموري سنڌ سلامت جي سٿ جنهن ۾ سائين نثاراحمد ابڙو نائب منتظم سنڌ سلامت ڊات ڪام، سائين رحيم بخش ڏاهري ايديٽر سنڌ سلامت ، محترم سليمان وساڻ مينيجنگ ايديٽر سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام محترم عامر ضيا چارڻ سنڌ سلامت جو باني دوست، ادا اسد مست ڄامشورائي ايڊيٽر سنڌ سلامت ۽ عبدالرشيد سمون منتظم اعلا سنڌ سلامت ڊاٽ قابل ذڪر نالا آهن . جيئن ته ااڄ دادو شهر ۽ ان جي ڀر پاسي جي شهرن ۾ شديد گرمي هُئي ان گرميءَ سببان ان شاديءَ جون هي چند ڪلاڪ پهرين جون نڪور تصويرون توهان سڀني دوستن سان ونڊ پيو ڪريان. اميد ٿو ڪريان ته تصويرن جي پسند ڪرڻ سميت ادا عبدالرشيد سمون کي دل جي گهرائين سان سندس ننڍي ڀا جي شادي جو مُبارڪون ڏيندا سائين رحيم بخش ڏاهري ادو ذيشان رشيد سمون ، گهوٽ عبدالوحيد سمون ، محترم سليمان وساڻ ۽ هڪ شادي ۾ شريڪ ٿيندڙ ڄاڃي۔سنڌ سلامت جا ٻه جاکوڙي ۽ کاهوڙي محترم نثاراحمد ابڙو ۽ محترم عبدالرشيد سمون عبدالوحيد سمون جي دعوت وليمه جي موقع تي ساٿ ساٿ هن تصوير ۾ جيڪي سنڌ سلامت جا دوست شامل آهن انهن جا نالا هي آهن ساڄي پاسي کان محترم سائين نثار ناز صاحب ، مولوي رحيم بخش ، گهوٽ محترم عبدالوحيد سمون صاحب ، محترم عبيدالله هنڱورو صاحب ، محترم عامر ضياء چارڻ صاحب ، محترم سائين نثار ابڙو صاحب ، محترم سائين محمد سليمان وساڻ صاحب ، محترم عبدالرشيد سمون صاحب (ايڊيٽنگ مولوي رحيم بخش)
هن جهوني طرفان ادي وحيد کي شآدي خانه اآبادي جون کوڙ ساريون واڌايون قبول هجن ۔ ۽ ان سان گڏ ادي رشيد کي به کوڙ ساريون مبارڪون جن پهنجي ذميداري احسن طريقي ساان نڀائيندي ادي وحيد ڱي موڙه پارايا شآل خوش هجن
توڙي جو ان دعوت جي موقعي تي هوندي سوندي به ڪجهه مجبورين جي ڪري مان تڪڙو واپس ٿيس ۽ گهڻي دير اوهان دوستن سان ڪچهري نه ڪري سگهيس۔۔ سائين نثار ناز ۽ ڪراچي کان ايندڙ دوستن (سائين سليمان ۽ سائين نثار ابڙو) سان ان وقت ملاقات نه ٿي سگهي، پر سائين سليمان وساڻ ۽ نثار ابڙو جا لک ٿورا جيڪي واپسيءَ تي مون کي شرفِ ملاقات بخشي پوءِ ڪراچيءَ ڏانهن راهي ٿيا۔۔ ادا عامر ضياءَ، عبيدالله هڱورو، نياز ابڙو، عرس پريو ۽ ٻين دوستن جون به لک مهربانيون جن جي مهربانين سان وقت سر ان دعوت ۾ شرڪت ممڪن ٿي۔۔ الله پاڪ کان دعا آهي ته گهوٽ وحيد سمون کي زندگيءَ جي هن نئين سفر جي شروعات تي خوشيون ئي خوشيون نصيب ٿين۔۔ ادا رشيد سمون جا به لک ٿورا جنهن هن مست کي ياد رکيو ۔۔۔۔ باقي هڪ ڳالهه واجبي طور تي ڪبي۔۔ ته دادو، پيارو ڳوٺ ۽ ٽڳا ۾ گرمي حد کان وڌيڪ هئي۔۔
توڙي جو ان دعوت جي موقعي تي هوندي سوندي به ڪجهه مجبورين جي ڪري مان تڪڙو واپس ٿيس ۽ گهڻي دير اوهان دوستن سان ڪچهري نه ڪري سگهيس۔۔ سائين نثار ناز ۽ ڪراچي کان ايندڙ دوستن (سائين سليمان ۽ سائين نثار ابڙو) سان ان وقت ملاقات نه ٿي سگهي، پر سائين سليمان وساڻ ۽ نثار ابڙو جا لک ٿورا جيڪي واپسيءَ تي مون کي شرفِ ملاقات بخشي پوءِ ڪراچيءَ ڏانهن راهي ٿيا۔۔ ادا عامر ضياءَ، عبيدالله هڱورو، نياز ابڙو، عرس پريو ۽ ٻين دوستن جون به لک مهربانيون جن جي مهربانين سان وقت سر ان دعوت ۾ شرڪت ممڪن ٿي۔۔ الله پاڪ کان دعا آهي ته گهوٽ وحيد سمون کي زندگيءَ جي هن نئين سفر جي شروعات تي خوشيون ئي خوشيون نصيب ٿين۔۔ ادا رشيد سمون جا به لک ٿورا جنهن هن مست کي ياد رکيو ۔۔۔۔ باقي هڪ ڳالهه واجبي طور تي ڪبي۔۔ ته دادو، پيارو ڳوٺ ۽ ٽڳا ۾ گرمي حد کان وڌيڪ هئي۔۔
ادا عبد الرشيد سمون ؤ عبدا لوحيد سمون اسلام عليڪم۔ ادا توهان سڀني کي دل جي گهرائين سان شادي جون کوڙ ساريون مبارڪون پيش ڪيون ٿا۔اميد ته قبول ڪندا۔ ادا رشيد سمون جن اسان کي به دعوت ڏني هئي پر ڪجه اڻ ٽار مجبورن جي ڪري ان قيمتي محفل ۾ شريڪ نه ٿئي سگهياسين۔ ادا نثار ناز جون مهربانيون جو اسان جي پياري شهر دادو جي گرمي واري ماحول ۾ 300 ڪلومِيٽر سفر ڪري نه رڳو ان ڪاڄ ۾ شرڪت ڪئي پر اسان جي تمام گهڻن عزتن وارن ميمبرن جي پگهريل چهرن واريون تصويرن ونڍ ڪري ڄڻ ته اسان کي ان محفل ۾ شريڪ ڪري ڇڏيو۔ ادا رشيد سمون کي گذارش آهي ته هڪ ننڍڙي شادي کان پوء واري گڏجاڻي ڪراچي ۾ رکن تاڪي انهي بهاني ادا نثارابڙو ۽ ٻين محترم ميمبرن سان ملاقات ٿئي سگهي۔ الله پاڪ جي در تي دعا آهي ته هن نئين گهوٽ ؤ ڪنوار تي پنهنجا خصوصي ڪرم ؤ رحم جي بارش ڪري هنن جي زندگي ۾ خوشين جا هر رنگ پکڙي ڇڏي،هنن کي نيڪ ؤ سعادت مند اولاد عطا فرمائي۔ آمين۔ سنڌي شادي ۾ گهوٽ سنڌي ٽوپي کان سواء ڪجه عجيب لڳي رهيو آهي۔ ٿي سگهي ٿو ته گرمي جي ڪري ادا عبدالوحيد سنڌي ٽوپي لاٿي هجي پر جيڪڏهن هنن جو ٽوپي وارو ڦوٽو هت ونڍ ڪيو وڃي هاء ته شادي جي منظرڪشي جو لطف دوبالاء ٿئي وڃي هاء۔
محترم عبد الرشيد سمون ۽ عبدا لوحيد سمون صاحب اهڙي پُر مسرت موقعي تي اوهان کي لک لک واڌايون هُجن ۽ خاص شادي جي مُبارڪ باد ڀاءُ عبدالوحيد سمون کي هن ناچيز جي طرفان۔۔۔۔ الله پاڪ اوهان جي جوڙيءَ کي تا حيات آباد رکي۔۔۔۔آمين
ڀاء وحيد سمون کي واڌايون ۽ زندگيء جي نئين سفر جي شروعات تي سندس لاء دعائون۔ دوستو هي خوشين جا ميڙا زندگيء ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٿيندا آهن ۽ اسان جو دوست رشيد اهڙن ميڙاڪن ۾ پهچي مان وڌائيندو آهي، تنهنڪري اسان جو به اهو فرض هيو ته سندس ۽ سندس ڀاء جي خوشين ۾ شريڪ ٿيون۔ صبح جو سوير ڪراچي کان نڪتاسون پر پوء به سفر طويل هيو۔ رستي ۾ سن ۾ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ۽ وري سخت گرمي گهڻو پريشان ڪيو۔ دادو جا روڊ به قابل تعريف آهن جنهن ۾ موجود کڏن ۽ کوٻن به پنهنجو اثر ڇڏيو۔ سائين مولوي رحيم بخش جا ٿورا جنهن اسان جو دير تائين انتظار ڪيو۔ خوشي ٿي جڏهن ٻن نثارن کي گڏ گڏ ڏٺوسين ۽ انهن سان گڏ وري سنڌ سلامت جو منتظم اعلا به گڏ هجي ته اها خوشي ٻيڻي ٿي وئي۔ سنڌ سلامت جي دوستن جا به ٿورا جن پنهنجائپ ڏني، محترم دوست امداد سمون، عرس پريو، غريب گُل، ڀاء عامر ضياء سان ملاقات به سٺي رهي۔ واپسي ۾ سيوهڻ ۾ مست سان ملاقات به يادگار رهي۔ پوء به رشيد کان معذرت جو سندس ڪاڄ ۾ گهڻو وقت ڏئي نه سگهياسين۔
سڀ شادي شده ڪٺي ٿي ڪري ڪيئن نه گهوٽ کي مبارڪون ٿا ڏين ، ۽ دل ئي دل ۾ خوش ٿي چوندا هوندا ٿيو هڪڙو ٻيو به اسان جهڙو !! ڇو ته شادي جا فائدا ۽ نقصان به سال کن کان پوءِ خبر پوندي آهي ، ته گهڻي ويهين سو آهي ۔ اڄ ته ننڍڙو ڀائڙو گهوٽڙو عبدالوحيد سمون معصومڙو آهي ، سال کن کان پوءِ خيرن سان هنن جي اڱڻ تي ننڍڙو شهزادڙو ايندو ۽ ذميواريون وڌنديون پوءِ سڀني کي ست سُريون ٻڌائيندو ۔ جوڻي به جڳ سان مان به دعائن سان گڏ مبارڪ باد پيش ڪيان ٿو۔
ڪوڊ: ادا عبد الرشيد سمون ؤ عبدا لوحيد سمون اسلام عليڪم۔ ادا توهان سڀني کي دل جي گهرائين سان شادي جون کوڙ ساريون مبارڪون پيش ڪيون ٿا۔اميد ته قبول ڪندا۔ ادا رشيد سمون جن اسان کي به دعوت ڏني هئي پر ڪجه اڻ ٽار مجبورن جي ڪري ان قيمتي محفل ۾ شريڪ نه ٿئي سگهياسين۔ ادا نثار ناز جون مهربانيون جو اسان جي پياري شهر دادو جي گرمي واري ماحول ۾ 300 ڪلومِيٽر سفر ڪري نه رڳو ان ڪاڄ ۾ شرڪت ڪئي پر اسان جي تمام گهڻن عزتن وارن ميمبرن جي پگهريل چهرن واريون تصويرن ونڍ ڪري ڄڻ ته اسان کي ان محفل ۾ شريڪ ڪري ڇڏيو۔ ادا رشيد سمون کي گذارش آهي ته هڪ ننڍڙي شادي کان پوء واري گڏجاڻي ڪراچي ۾ رکن تاڪي انهي بهاني ادا نثارابڙو ۽ ٻين محترم ميمبرن سان ملاقات ٿئي سگهي۔ الله پاڪ جي در تي دعا آهي ته هن نئين گهوٽ ؤ ڪنوار تي پنهنجا خصوصي ڪرم ؤ رحم جي بارش ڪري هنن جي زندگي ۾ خوشين جا هر رنگ پکڙي ڇڏي،هنن کي نيڪ ؤ سعادت مند اولاد عطا فرمائي۔ آمين۔ دوستو سائين ميمڻ صاحب وانگر پنهنجي حالت به ساگئي هئي
محترم دوست سنڌ سلامت جو ميمبر ۽ سنڌ سلامت جي باني ۽ مهتمم سائين عبدالرشيد سمون جن جي ننڌي ڀا عبدالوحيد سمون جن کي هن احقَر پاران پڻ شادي جو لک لک مبارڪون هجن ، پلس ۾ سائين عبدالرشيد کي به شابس ڏيندم ته وڏو ڀا پي مثل هوندو آهي ۽ اها ذميواري پڻ جا والد جي هئي تنهن کي پاڻ احسن نموني انجام ڏنو ۔ دعا آهي ته ڄوڙي آباد هجي ۽ پاڻ ۾ پيار ۽ محبت سان زندگي گذارن ، دنيا جهان جو خوشين سندن نصيب ۾ ٿين ۔آمين
سائين نثار ناز هميشه جيان پنهنجو فرض تمام سهڻي نموني نڀايو نه فقط سائين عبدالرشيد جن جي ڀاء عبدالوحيد جن جي شادي ۾ شرڪت ڪيائين بلڪ حسب دستور ترت سنڌ سلامت تي فوٽو اپڊيٽ ڪري رپورٽ به تيار ڪري لڳايائين ۔ واپسي ۾ ٿورو وقت سندن ساٿ رهيو رات رهڻ لاء عرض ڪيوسين ليڪن سائين جن چيو ته حيدرآباد ۾ پروگرام آهي ان ڪري ان ۾ ضرور شرڪت ڪرڻي آهي بهرحال دوستن سان ملاقات ٿي بيحد خوشي ٿي محترم عامر ضياء چارڻ ۽ محترم عبيدالله جن به سهڻو ساٿ نڀايو سائين سليمان وساڻ ۽ محترم نثار ابڙو جن ته پنهنجو مٽ پاڻ آهن هن خوشي جي موقعي تي دوستن جي طرفان ۽ هن عاجز طرفان سائين عبدالرشيد جن کي ۽ گهوٽ راجا کي لک لک مبارڪون هجن۔
السلام عليڪم محترم دوست عبدالرشيد سمون صاحب جن کي ڀا عبدالوحيد جي شادي جون لک واڌايون ، سنڌ سلامت جي پوري ٽيم کي گڏ ڏسي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي ، دعا آهي ته الله پاڪ گهوٽ جي زندگي ڪاميابين ۽ خوشين سان ڀري ڇڏي ، الله پاڪ برڪتون عطا فرمائي آمين
السلام عليڪم محترم دوست عبدالرشيد سمون صاحب جن کي ڀا عبدالوحيد جي شادي جون لک لک واڌايون ڏجن ٿيون ادا عبدالرشيد کان هڪ شڪايت آهي ته ان هن خوشي جي موقعي تي اسان کي ياد نه ڪيو حالانڪ پيارو گوٺ منهنجي راڌڻ شهر کان پري نه هيو ان بهاني سنڌ سلامت جي سڀني دوستن سان ملاقات جو موقعو ملي هان۔
ھي شادي به ڪيڏي نه سٺي ھوندي، جتي سنڌ سلامت جو منتظم اعلٰي ھجي ۽ سنڌسلامت جي سونھن ٻئي نثار ھجن سليمان وساڻ ھجي عرس پريو ھجي سائين رحيم ھجي ۽ اسد مست ھجي مطلب ته سڄي سنڌسلامت انتظاميه ٽيم ھجي، اصلي زبردست منھنجي شادي به ھاڻي جلد ٿيڻ گھرجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ھاھاھاھاھا
عاشق جهڙن دوستن جي مهرباني جو ايتري قرب سان ياد ٿا ڪن۔۔۔ مون کي هن تصويرن ۾ نه ڏسي اوهان سوچيندا هوندو ته مست ڪاڏي ويو۔۔؟؟؟ مست ويو هو پنهنجي ڊيوٽيءَ تي۔۔۔ بس تڪڙ ۾ شاديءَ جي سڏ تي سڏ ورنائي وري پوتڙو ڪلهي تي ڪري واپسي ڪئي سين۔۔ چڱو ٿيو جو واپسي ڪئي سين نه ته الائي جي ڇا ٿئي ها۔۔ هههه بهرحال مون کي اڃان ادا رشيد جي موبائل مان نڪتل ڦوٽوز جو انتظار آهي۔۔ انهيءَ ۾ ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ اوهان کي هي غريبڙو مست نظر اچي ويندو۔۔ قسم سان۔۔۔۔۔
سڀ کان پهرين سائين جن کي لک لک شادي جون واڌايون شل قبول پون، ٻيو اهو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته سنڌ سلامت جا سهڻا کاهوڙي گڏ نظر آيا جيڪا اسان جي سڪ سڄڻن سان ملڻ لا تمام گهڻي وڌي وئي ته شل اسين به ان تقريب ۾ شرڪت ڪيون ها، شادي واري تقريب ۾ شامل ٿيڻ جي ڳالهه ته بهتر پر سڀني سڄڻن سان هڪ هنڌ ملاقات جو به شرف ملي پوي ها۔ سڀ مرڪندا ۽ مهڪندا رهو۔
سهڻي دوست وحيد سمون ۽ سندس ڀا رشيد سمون ۽ سندس سموري خاندان کي وهانوَ جون لک لک واڌايون ۔۔۔ جيتوڻيڪ واڌايون ته پاڻ شامل ٿي ڏئي ڇڏيون پر پو به سندن خوشيون ۽ گهر ۾ شادي ٿيڻ به رحمت الاهي آهي ۔۔۔ ۽ جنهن گهر تي رحمت الاهي هوندي آهي ات گهڻو وقت رهڻ ۽ شامل ٿيڻ ڄڻ ته رحمتن جي ڇانوَ ۾ رهڻ هوندو آهي ۔۔۔ افسوس اهو ٿيو ته پاڻ ان گرمي جا عادي ڪون هياسون ۽ گرمي چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان ۔۔۔۔!!! انڪري ڀڄي نڪتاسون ۔۔۔ سنڌ سلامت جي سموري سٿ سان ملڻ نصيب ٿيو، اها ڳالهه سون تي ٽڪ جي برابر ۔۔۔۔ سڀني دوستن جي پگهريل چهرن مان خوشين جي جهلڪ صاف ظاهر نظر اچي رهي هئي ۔۔۔ خوشي ساٿين سان گڏجڻ جي هئي ۔۔۔ رشيد سمون سميت سمورن دوستن سان ڀاڪر پائي سنڌ جي هٻڪار نصيب ٿي ۔۔۔ اميد ته ٿورن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ موجود دوستن سان پڻ گڏجاڻي ڪري حالي احوالي ضرور ٿبو، خاص ڪري سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب سان ۔۔۔ دل ته چوي ٿي ته سنڌ سلامت جي هر هڪ دوست سان ملاقات ڪجي پر ”ڪاش! ائين ٿئي جو جيئن دل چوي تيئن ٿي پوي ۔۔“ آ سنڌ سلامت جي سموري سٿ پاران، رشيد سمون جي ڀا وحيد سمون کي سندس وهانوَ جون لک لک واڌايون ڏيانٿو ۔۔۔ ۽ دعا آهي ته سندس نيڪ عورت ۽ نيڪ اولاد نصيب ٿئيس ۔۔۔ آمين
السلام عليڪم محترم دوست عبدالرشيد سمون صاحب جن کي ڀا عبدالوحيد جي شادي جون لک لک واڌايون ڏجن ٿيون ادا عبدالرشيد کان هڪ شڪايت مونکي به آهي آهي ته ان هن خوشي جي موقعي تي اسان کي ياد نه ڪيو۔ بحرهال سائين جن کي لک لک شادي جون واڌايون شل قبول پون، ٻيو اهو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته سنڌ سلامت جا سهڻا کاهوڙي گڏ نظر آيا
سهڻي دوست وحيد سمون ۽ سندس ڀا رشيد سمون ۽ سندس سموري خاندان کي وهانوَ جون لک لک واڌايون ۔۔۔ جيتوڻيڪ سائين رشيد صاحب جن خصوصي طور 2 (ٻه) دفعا فون ڪري شرڪت ڪرڻ جي تاڪيد به ڪئي هئي، پر اڻٽڻ مجبوري سبب شامل نه ٿي سگهيس جنهن جو گهڻو ڏک آهي۔