جمهوريت کي لاحق خطرا

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالجبار شاھ راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏27 آگسٽ 2012۔

  1. عبدالجبار شاھ راشدي

    عبدالجبار شاھ راشدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2012
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    301
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    پير جو ڳوٺ
    جمهوريت کي لاحق خطرا

    ڪيترن ئي ڏينهن کان ملڪ ۾ حڪومتي برطرفي، ٽرپل ون برگيڊ جي اچڻ جون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن، ڪالهه قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطابڪندي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته هو اين آر او لاءِ ناهن آيا نه ئي هو ان حوالي سان سفارش چاهين ٿا. هو اهو به نٿا چاهين ته کين فوج کان بچايو وڃي. هو ادارن ۾ ٽڪراءُ ۽ شهيد ٿيڻ لاءِ به نه آيا آهن، هاڻ فيصلو ڪرڻ گهرجي ته هن ملڪ ۾ جمهوريت هوندي يا آمريت سندس چوڻ هو ته جنهن کي ضرورت آهي اهو بي اعتمادي جي رٿ ايوان ۾ پيش ڪري، جمهوريت خلاف سازشون ٿي رهيون آهن، هن چيو ته جيڪڏهن ڏکيو وقت اچي ويو ته ڪنهن کان خيرات گهرڻ بدران عوام وٽ هليا ويندا، هن چيو ته هاڻ جيڪڏهن ڪا اسٽيج سجائي وئي ته اها نه حڪومت ۽ نه ئي اپوزيشن لاءِ بهتر هوندي. سڀني کي آئين جو احترام ڪرڻ گهرجي. آئين کي ايترو مبهم نه بڻايو وڃي جو ڪو ٻيو ادارو ان جي تشريح ڪري. وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي قومي اسيمبلي اڳيان ڪيل تقرير مان جيڪا تلخي ظاهر ٿي رهي هئي، اها ملڪ کي درپيش ڪيترن ئي خطرن جي نشاندي ڪري رهي آهي. 63 سالن جي تاريخ ۾ گهڻو عرصو ملڪ تي غير جموريت قوتون راڄ ڪنديون رهيون آهن، ٿورو ئي عرصو ملڪ تي جمهوري حڪومتن کي سٺو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ بنيادي ادارن جي به تعمير نه ٿي سگهي آهي. ڊگهي آمريتن کان پوءِ جڏهن به عوام جي ووٽ جي نتيجي ۾ حڪومتون جڙيون آهن انهن کي برداشت نه ڪيو ويو آهي، هي دور سرد جنگ وارو دور به ناهي هن وقت سڄي دنيا جا ملڪ پنهنجي بنيادي معيشيت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ معاشي سڌارا آڻي، ملڪي ادارن کي مستحڪم ڪري رهيا آهن. ان جي نتيجي ۾ ٻين ملڪن ۾ جمهوري قدر وڌي ويجهي رهيا آهن ۽ ملڪ ترقي جون منزلون طئه ڪندا اڳتي وڌي رهيا آهن. ويجهڙي ماضي ۾ جهاتي پائجي ته هندستان ۽ پاڪستان هڪ ئي وقت آزاد ٿيا، هندستان ۾ جمهوري قدرن جي ملڪ هئڻ ڪري ڪنهن به مهم جوکي موقعو ئي نه مليو ته هو جمهوري قدرن جي لتاڙ ڪري. 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جدا ٿي بنگال جي حيثيت ماڻي، اڄ ان جي ڪرنسي پاڪستان جي روپئي کان وڌيڪ آهي پر پاڪستان ۾ لاڳيتن سياسي بحرانن ملڪ کي اهڙي اوڙاهه ۾ اڇليو آهي، جتان اڃان تائين نه نڪري سگهيو آهي. هتي جمهوري ادارا اڃان ٻالڪپڻ واري حالت ۾ آهن ان ڪري هر آمر ان موقعي کي هٿان نه وڃايو آهي. ڪمزور ادارن آمريت کي ساٿ ڏئي سگهارو پئي ڪيو آهي. هن وقت ملڪي، علائقائي توڙي عالمي طور تي ڏکين حالتن مان گذري رهيو آهي، ملڪ ڪيترن مسئلن جي ڄار ۾ وڪوڙيل آهي، انهيءَ وقت ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ ڪنهن جي به فائدي ۾ نه هوندي ملڪ جي سياسي پارٽين کي ساڃاهه جو مظاهرو ڪندي غير جمهوري قدمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. جمهوريت جي واڌ ويجهه لاءِ گڏجي جمهوريت جي ڪمزور ٻوٽي کي سگهارو بڻائي آمرانه قوتن جي رستا روڪ ڪرڻ گهرجي ته جيئن ملڪ مان بيچيني واري ڪيفيت مان نڪري ملڪ جي اصل مسئلن تي حڪومت ڌيان ڏئي سگهي ۽ طاقت جو سرچشمو عوام کي ئي تبديلي جو حق ڏنو وڃي. عوام کان وڌيڪ ڪو به ادارو حقيقي احتساب نٿو ڪري سگهجي. سڀني ادارن کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهندي آئين جي اصل روح مطابق قدم کڻي ملڪ مان بيقيني واري ماحوم کي ختم ڪرڻ لاءِ اهم اپاءَ وٺڻ گهرجن. حڪومت کي به اها صلاح ڏينداسين ته جمهوري قوتن جي واڌ ويجهه سان گڏوگڏ عوام جي اهنجن ڏانهن به ڌيان ڏئي، عوام ئي اصل قوت آهي عوام کي گڏ کڻي غير جمهوري قوتن کي رد ڪري سگهجي ٿو، تبديلي ووٽ سان ئي پائيدار هوندي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ُُوزير اعظم يوسف رضا گيلاني؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو