سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر تي آڻي سائين ماجد ڀرڳڙي صاحب اسان تي احسان ڪيو۔ سندس اهي ٿورا لاهي ته نه سگهنداسين پر ڳائيندا رهنداسين۔ سائين ماجد ڀرڳڙي صاحب جي ئي ٽيم سنڌي ڪمپيوٽنگ جو مانوارو دوست، ساٿي ۽ اسان جو رهنما سائين شبير ڪنڀار سنڌي فونٽس کي سهڻي نموني پيش ڪندڙن مان اڳيان اڳيان رهيو آهي۔ هونئن ته پاڻ ڪافي سنڌي فونٽ اسان لاء ٺاهي چڪا آهن پر پاڻ ڪافي عرصي کان هڪ ڪيليگرافڪ سنڌي فونٽ تي ڪم ڪري رهيو هئو۔ جيتوڻيڪ سندس خيال ۾ ان فونٽ ۾ اڃان ڪجهه ڪچايون آهن پر اسان سميت ڪيترن ئي دوستن جي شديد خواهش تي پاڻ سنڌي فونٽ ايم بي سوکڙي شبير ڪنڀار دوستن اڳيان پيش ڪيو اٿن۔
ياد رهي ته هي فونٽ تمام خوبصورت فونٽس مان هڪ آهي۔ هي فونٽ ڀر ڳڙي ڊاٽ ڪام تي ڪلڪ ڪري ايم بي سوکڙي جي نالي سان ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو۔ سوکڙي هالا جي دوستن جي اسان سڀني لاء سوکڙي آهي۔ اسان اهڙي خوبصورت ڪم تي سائين شبير ڪنڀار کي واڌايون پيش ڪيون ٿا ۽ دعاگو آهيون ته سنڌي ٻوليء لاء بي لوث خدمت ڪندڙ هي دوست سدا خوش رهي۔