• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ايم بي سوکڙي : محترم شبير ڪنڀار جو ٺاهيل نئون ڪيليگرافڪ فونٽ

ايم بي سوکڙي شبير ڪنڀار واقعي ڀلو فونٽ آهي، هاڻي استعمال ڪري ڏٺو اٿم، سائين شبير اوهان کي ٻيهر مبارڪ هجي.
 
الله سائين شبير ڪنڀار صاحب کي خوش رکي ۽ اڃا وڌيڪ نوان سنڌي ڪئليگرافڪ فونٽ تيار ڪرڻ جي توفيق مرحمت فرمائي۔ بهترين فونٽ آهي۔
 

سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر تي آڻي سائين ماجد ڀرڳڙي صاحب اسان تي احسان ڪيو۔ سندس اهي ٿورا لاهي ته نه سگهنداسين پر ڳائيندا رهنداسين۔ سائين ماجد ڀرڳڙي صاحب جي ئي ٽيم سنڌي ڪمپيوٽنگ جو مانوارو دوست، ساٿي ۽ اسان جو رهنما سائين شبير ڪنڀار سنڌي فونٽس کي سهڻي نموني پيش ڪندڙن مان اڳيان اڳيان رهيو آهي۔ هونئن ته پاڻ ڪافي سنڌي فونٽ اسان لاء ٺاهي چڪا آهن پر پاڻ ڪافي عرصي کان هڪ ڪيليگرافڪ سنڌي فونٽ تي ڪم ڪري رهيو هئو۔ جيتوڻيڪ سندس خيال ۾ ان فونٽ ۾ اڃان ڪجهه ڪچايون آهن پر اسان سميت ڪيترن ئي دوستن جي شديد خواهش تي پاڻ سنڌي فونٽ ايم بي سوکڙي شبير ڪنڀار دوستن اڳيان پيش ڪيو اٿن۔

ياد رهي ته هي فونٽ تمام خوبصورت فونٽس مان هڪ آهي۔ هي فونٽ ڀر ڳڙي ڊاٽ ڪام تي ڪلڪ ڪري ايم بي سوکڙي جي نالي سان ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو۔ سوکڙي هالا جي دوستن جي اسان سڀني لاء سوکڙي آهي۔ اسان اهڙي خوبصورت ڪم تي سائين شبير ڪنڀار کي واڌايون پيش ڪيون ٿا ۽ دعاگو آهيون ته سنڌي ٻوليء لاء بي لوث خدمت ڪندڙ هي دوست سدا خوش رهي۔
 
ايم بي سوکڙي شبير ڪنڀار واقعي ڀلو فونٽ آهي، هاڻي استعمال ڪري ڏٺو اٿم، سائين شبير اوهان کي ٻيهر مبارڪ هجي
 
شڪر آهي ته اسان پنهنجي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ مقبول ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون، سنڌي فونٽس جي گهڻائي سان اهو مشڪل مرحلو به ڪامياب ٿي ويو، هن وقت ڪيليگرافي کان وٺي بليڊنگ فونٽ تائين سڀئي فونٽس موجود آهن۔
 
ادا ڪنڀر صاحب کي مبارڪون انهي بهترين ڪم تي ، دوست سنڌ جو ڪنڀار اصل کان جوهر شناس رهيو آهي مٽي ۔ ڪنهن شاعر جي سٽ ٿي ياد اچيم : ملڪن فلڪن سجدا ڪيا ٿئي ؛ واه مٽي تنهنجو ملھ ۔۔۔ الله آباد رکيس آمين
 
Back
Top