يونس ملڪاڻي جي ادبي ڪيرئير جي پهرين تحرير (ڪهاڻي)

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏29 آگسٽ 2012۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ساٿيو اڄ مون کي هي انتهائي اهم تحرير سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تان ملي آهي جيڪا گل ڦل جي مارچ 1997 جي شامري ۾ ڇپي هئي۔ هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن اسان (آئون ۽ يونس ملڪاڻي) اھين ڪلاس ۾ پڙهندا هئاسين ۽ ٻارڙن جا رسالا پڙهڻ جو جنون هوندو هو۔ گل ڦل انهي وقت سرِفهرست هو ڇو جو انهي کان اڳ منهنجي نظر ۾ اڄ تائين سنڌ ٻولي جي بهترين ٻاراڻي ميگزين ارچڪ مرچڪ جي ڇپجڻ جو سلسلو بند ٿي چُڪو هو۔ اسان اثين ڪلاس جي ڊگهين بئنچن تي پهرين قطار تي ويٺا هئاسي ۽ هن ڪهاڻي جو پلاٽ فائنل ڪري انهي جهيڙي ۾ هئاسين ته اها تحرير ڪير لکي؟ ڇو ته پلاٽ گڏيل طور تي سوچيو ويو هو ۽ ٻئي چاهيون پيا ته اها تحرير پنهنجي نالي سان ڇپجي۔ نيٺ وچيون رستو اهو نڪتو ته تحرير يونس جي نالي هوندي ۽ ڪردار (يا کڻي چوجي ڪهاڻي جو هيرو) آئون هوندس۔ هتي اوهان سان اهو ايمانداري سان شيئر ڪندو هلان ته اها لالچ ان وقت انهي ڪري هئم ته يونس جو نالو هڪ دفعو ايندو منهنجو نالو ڪهاڻي ۾ ڪافي دفعا ايندو سو اهو سؤدو واري ۾ آهي۔ انهي کان پوءِ جيڪو ٻيو مسئلو پيش آيو سو اهو ته آئون چوان پورو نالو عبدالحفيظ لکون ۽ يونس چوي نه حفيظ ئي ڪافي آهي۔ جهيڙو ڪلاس ۾ گوڙ ڪرڻ ۾ شمار ٿيو ۽ ملڪاڻي جي مشهورِ زمانا استاد سائين بچل شاهه ٻنهي کي گهُرائي ٻه ٻه لٺيون هٿ جي ترين تي وهائي ڪڍيون۔ پرجيئن ته جذبا جوان هئا۔ هٿن تي لڳل لٺين سان جيڪا گرمي پئدا ٿي سا اڄ به پنهنجو اثر ڏيکاري ٿي ۽ اسان ٻئي جهڙو ۽ جيترو ٿي سگهي ٿو لکون ٿا پيا۔ اسان ٻنهي جي اها تحرير ڪيتري نه سادي ۽ ٻاراڻي لڳي ٿي پر جيئن ته اها پهرين تحرير آهي سو ڄڻ ته اسان جو ته سرمايو آهي۔ انهي تحرير جي ڇپجڻ ۾ سال لڳي ويو هو۔ ۽ اسان مايوس ٿيڻ بجاءِ ان وقت شايع ٿيندڙ اخبار ”بختاور“ جي ٻارن جي صفحي ۾ به لکيو جيڪو ڇپيو۔ ڪاش اهي تحريرون به هٿ اچن۔ شاي ڊيگهه ٿي وئي۔ معزرت سان هي تحرير اوهان آڏو پيش آهي۔




    سٺو دوست


    حفيظ هڪ غريب ۽ محنتي شاگرد هو، هي سڄي اسڪول ۾ هر
    سال نمبر کڻندو هو. هڪڙي دفعي پهرين نمبر کڻڻ تي
    انعام ۾ هن کي هڪ خوبصورت گهڙي ملي، اسڪول ۾ هن جي
    پاسي ۾ ٻه دوست يعني عمران ۽ رحمان ويهندا هئا،
    انهن ۾ رحمان هڪ امير ماڻهوءَ جو پٽ هو ۽ عمران هڪ
    غريب ڇوڪرو هو. عمران ۽ رحمان جي پاڻ ۾ تمام گهاٽي
    دوستي هئي. دوستي انهيءَ ڪري نه هئي ته رحمان هڪ
    ذهين ڇوڪرو هو، پر دوستي پئسي جي ڪري هئي. هڪڙي
    ڀيري رحمان ۽ عمران رسيس منجهه بازار ۾ گهمي رهيا
    هئا ته هنن هڪڙي دڪان تي چاٻي تي هلندڙ گڏو ڏٺو.
    رحمان کي اهو تمام گهڻو پسند آيو، هن دڪاندار کي
    چاٻي تي هلندڙ گڏي جي قيمت پڇي ته دڪاندار هنن کي
    قيمت 500 رپيا ٻڌائي. هو ٻئي واپس اسڪول آيا.
    رحمان عمران کي چيو ته منهنجو پيءُ آمريڪا ويو
    آهي، ٻن ٽن ڏينهن ۾ موٽي ايندو ته ان کان 500 رپيا
    وٺي اهو گڏو وٺنداسون. انهيءَ ڏينهن ئي عمران
    بيمار ٿي پيو ۽ ٻه ٽي ڏينهن اسڪول مان غير حاضر
    رهيو. رحمان ۽ حفيظ هن کي ڏسڻ لاءِ ويا. عمران
    حفيظ کي نظر انداز ڪيو ۽ رحمان سان ڳالهيون ڪرڻ
    لڳو. جڏهن واپس اسڪول آيا ته ٻئي ڏينهن عمران ٺيڪ
    ٿي اسڪول ۾ پهتو. استاد عمران کي چيو ته ”سڀاڻي
    امتحان جي في پيارڻ جو آخري ڏينهن آهي. جيڪڏهن في
    نه پياريئي ته امتحان ۾ ويهي نه سگهندين. ان ڪري
    سڀاڻي في کڻي اچجائين.“ ٻئي ڏينهن عمران پنهنجي
    غريب پيءُ کان في وٺي اسڪول آيو، جڏهن ماستر اسڪول
    ۾ آيو ته هُن عمران کان في گهُري. عمران جيئن کيسي
    ۾ هٿ وڌو ته هن جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، کيسي
    ۾ پئسا نه هئا. هن کي اهو ماڻهو ياد آيو، جيڪو هن
    سان رستي ۾ ٽڪريو هو. استاد هن کان پڇيو ”ڇا ٿيو
    عمران.“ عمران چيو: ”سائين منهنجو کيسو ڪٽجي ويو
    آهي.“ استاد چيو ته رسيس وقت ٻيا پئسا کڻي اچجائين
    نه ته تنهنجي پوري سال جي محنت برباد ٿي ويندي. هي
    رسيس وقت گهر ويو ته هن جو پيءُ گهر ۾ نه هو. هي
    ڏاڍو پريشان ٿيو. هي رحمان وٽ آيو ۽ 200 رپيا
    اڌارا گهريائين. رحمان چيس: ”مون وٽ صرف 500 رپيا
    آهن جن مان آءٌ چاٻي وارو گڏو وٺندس.“ عمران جي
    آخري اميد به وسامي وئي. ايتري ۾ هن کي حفيظ نظر
    آيو، جيڪو هن وٽ اچي رهيو هو. هن ان کي 200 رپيا
    ڏنا ۽ چيائينس ”تون وڃين پنهنجي في پيار.“ ايتري ۾
    عمران جي نظر حفيظ جي ٻانهن تي پئي، جنهن ۾ گهڙي
    نه هئي، هن حفيظ کي چيو، ”تو گهڙي ڇو کپائي.“ تنهن
    تي حفيظ چيو ته ”منهنجي گهڙي ته واپس اچي سگهي ٿي،
    پر تنهنجو سال برباد ٿي وڃي ها.“ پوءِ عمران
    امتحان جي في پياري، عمران جو هڪ دوست اڄ به آهي،

    پر رحمان نه، حفيظ....


    گل ڦل مارچ 1997
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو