• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجي سورتختي ۽ نصاب صحيح ڪري نئين نسل کي بداخلاق ۽ تباه ٿيڻ کان بچايو

Sindhi Media

سينيئر رڪن
پنهنجي سورتختي ۽ نصاب صحيح ڪري نئين نسل کي بداخلاق ۽ تباه ٿيڻ کان بچايو
پنهنجي اسڪول جي ماسترن کي چئو ته خُدارا! مهرباني ڪري ا، ب، ٻ، پ.. جي ترتيب صحيح طريقي سان ڪري ٻارن کي پڙهائين ڇو جو ان ترتيب ۾ به هڪ فلاسافي ۽ رڌم آهي.


مهرباني ڪري پنهنجو پُراڻو سيلبس کڻو ۽ ان ۾ لکيل مضمونن ۽ شعرن، تاريخي واقعن، اسلامي سمجهاڻين، آکاڻين ، ڳُجهارتن ، پهاڪن جي انداز ۾ ۽ نصيحتن جي اندازکي ڏسو ۽ پرکيو، تبديل ڪري، ڀلي پوءِ جديد طريقي، سائنسي مضمونن سان ئي هُجي، نئون سيليبس پُراڻي طرز تي جوڙين جنهن سان عقل، فهم، انسانيت، ننڍي وڏي جي عزت جو درس ملندو هو۔
جڏنهن ته اڄ جو نسل اهڙو نصاب ڪڍڻ جي ڪري، انهن ڳالهين کان بلڪل عاري ٿي چُڪو آهي، ڌارين جو ته ٺهيو پر اهڙن جديد نصابن جي ڪري هو هاڻ پنهنجي ماءُ پيءُ ، ڀا ڀيڻ، چاچي، ڏاڏي وغيره جي عزت به نٿو ڪري ۽ اهو سمورو ڏوهه اُنهن درباري ليکڪن ۽ اديبن جو آهي جن چند ٽڪن، ناموس ۽ پبلسٽيءَ لاءِ ڪنهن ڪونڌر جو سهارو ورتو، نالو وارو ته ٿي ويو پر نسل کي هڻي تباه و برباد ڪري ڇڏيائين. ۽ اسولن بدران ٺرو حاصل ڪرڻ خاطر گهوسٽ اسڪولن ۾ به ڀائيوار بڻيو ۽ اسڪولن کي اوتارن ۽ اوطاقن ۾ طبديل ڪرائيندو ويو۔
۽ مان غلط هُجان ته مُهنجي به تصيح ضرور ڪريو.

سنڌي الفا بيٽ پُراڻي ترتيب سان تصيح ڪريو
574869_4439672790758_1422487404_n.jpg
 
Back
Top