• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سچل ڳوٺ ۾ سائين سليمان وساڻ جي اوطاق ۽ سائين نثار جن سان مُلاقات

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
سنڌيوٿ ڊولپمينٽ فورم ڪراچي
سچل ڳوٺ ھجي، سائين نثار ابڙو ھجي سائين سليمان ھجي ۽ ڪچھري جا مور ٻيا سنڌي ھجن، ھيڏانھن عرفان ديشي ھجي حڪيم ڪليري ھجي غازي ھجي عاشق سولنگي ھجي ڳالھيون سنڌيت جون ھجن ته پوءِ واھ واھ نه ھوندي ته ٻيو ڇا ھوندو، سنڌ يوٿ جي بھاني سان اسان سائين نثار جن جو سالن کان بعد ديدار نصيب ڪيوسين ۽ سچل جي سنڱت سان سٺي ڪچھري نصيب ٿئي.
223819_429770607074545_999697883_n.jpg
223819_429770620407877_330740168_n.jpg
223819_429770617074544_2084058733_n.jpg
223819_429770613741211_1751655498_n.jpg
223819_429770610407878_1201583660_n.jpg
 
لک قرب سنڌ يوٿ ڊولپمينٽ فورم جي دوستن جا، جيڪي قرب جا قدم ڀري پري کان اسان جي اوطاق تي ڪهي آيا۔

جيتوڻيڪ وقت گهٽ مليو ۽ دوست جلدي موڪلائي ويا، ڇو ته سائين نثار ابڙو جنهن ڪچهري ۾ هجي ان ۾ ڪلاڪ منٽن جيان لڳندا آهن۔ وري به انشاء الله ڪچهريون قائم رهنديون۔
 
سائين نثار جن وٽ اسان جيترو ڪجھ سکيو آھي سو فخر لائق آھي، سائين قومي جذبي سان مالامال ھجڻ سان گڏ نھايت ئي شفيق انسان آھي، سائين جن جي تعريف لفظن ۾ بيان ڪو مفڪر ئي ڪري سگھي ٿو باقي اسان جھڙن جي بات نه آھي۔
ساڳئي طرح ڪراچي جنھن کي سنڌ جي دل چوندا آھيون اُتي ھردل عزيز سائين سليمان به موجود آھي، سائين جن بيشڪ اسان کان ڪجھ پر ڀرو ڪراچي ۾ رھن ٿا پر سدائين ھن ننڍي وڏي مسئلي ۾ گڏ ھوندا آھن، مان ذاتي طور تي سندن جو ٿورائتو آھيان۔
 
ڏاڍي خوشي جي ڳاله آهي جو سچل ڳوٺ ۾ هن قسم جا ميڙاڪ ٿين ٿا۔ شاباس آهي انهن دوستن کي جيڪي پنهنجي قيمتي وقت مان چند لمحا ڪڍي هنن پروگرامن م شرڪت ڪن ٿا۔ سانين نثار ابڙو ۽ ادا سليمان وساڻ ته هميشه هر محفل جا مور هوندا آهن،انهن سان ڪچهرين ۾ ٽائيم جي خبر ئي ڪانه پوندي آهي ۔ هڪ عرض آهي ته مٿين تصويرن ۾ سائين نثار ابڙو صاحب جن جو چهرو مبارڪ نه ٿو نظر اچي، جڏهن ته محفل انهن لاء سجائي ويئي هئي۔
 
ڏاڍي خوشي جي ڳاله آهي جو سچل ڳوٺ ۾ هن قسم جا ميڙاڪ ٿين ٿا۔ شاباس آهي انهن دوستن کي جيڪي پنهنجي قيمتي وقت مان چند لمحا ڪڍي هنن پروگرامن ۾ شرڪت ڪن ٿا۔ سانين نثار ابڙو ۽ ادا سليمان وساڻ ته هميشه هر محفل جا مور هوندا آهن،انهن سان ڪچهرين ۾ ٽائيم جي خبر ئي ڪانه پوندي آهي ۔ هڪ عرض آهي ته مٿين تصويرن ۾ سائين نثار ابڙو صاحب جن جو چهرو مبارڪ نه ٿو نظر اچي، جڏهن ته محفل انهن لاء سجائي ويئي هئي۔
 
لک قرب سنڌ يوٿ ڊولپمينٽ فورم جي دوستن جا، جيڪي قرب جا قدم ڀري پري کان اسان جي اوطاق تي ڪهي آيا۔

جيتوڻيڪ وقت گهٽ مليو ۽ دوست جلدي موڪلائي ويا، ڇو ته سائين نثار ابڙو جنهن ڪچهري ۾ هجي ان ۾ ڪلاڪ منٽن جيان لڳندا آهن۔ وري به انشاء الله ڪچهريون قائم رهنديون۔
سائين نثارابڙو سان جنهن بهي انسان جي هڪ چڪر ڪچهري ٿئي سو بار بار ڪچهري لا بيقرار رهندو آهي سائين نثار جي هر هڪ لفظ ۾ هڪ وڏو داستان سمائل هوندو آهي سائين نثار منهنجي نظر ۾ هڪ بي مثال ۽ انمول ناياب انسان آهي شل رب پاڪ عزت شهرت ۽ وڏو ڄمار عطا فرمائي، اميد ته سائين کان فيض وٺبو،،،،،،،،،، سليم رند
 
وساڻ صاحب جي اوطاق جو وڊيو ذريعي سير ڪيو سين، وساڻ صاحب واقع اوطاقي مڙس آهي، اسان جي دعا اٿس ته شال شاد هجي آباد هجي۔ اسان فقيرن کي به وساڻ صاحب ڪيترا ڀيرا پنهنجي اوطاق تي اچڻ جي دعوت ڏني آهي پر اسان جي بدنصيبي جو اتي نه وڃي سگهيا آهيون۔ زندگي رهي ته هڪ ڏينهن وساڻ صاحب جي اوطاق تي ضرور وڃبو۔
 
مان ان ڳالهه کي ضرور شامل ڪندي ڪو وڌا محسوس نه ڪندس ته سائين سليمان وساڻ واقعي به هڪ سچو پچو سنڌي اوطاقي ماڻهو آهي جيڪو ڪراچي جهڙي شهر ۾ سنگت کي اوطاق تي ڪٺي ڪرڻ جو گُر ڄاڻي ٿو، سائين جي اوطاق تي مان به ڀيرو ڀڃي آيو آهيان، سائين سليمان جو اهو وڏ ماڻهپو آهي جو مونکي پنهنجي اوطاق تي وٺي وڃڻ لا موسميات تائين پنهنجي گاڏي تي ڪهي آيو ۽ ساڻ گڏجي سندن جي اوطاق تي آيا سين ۔ قرب سائين وساڻ جن جا، باقي هاڻ اها آس اٿم ته شل سائين نثار ابڙو صاحب جن سان ملاقات ڪجي پر ڪمن ڪارين ۾ رُڌل هئڻ سببان ڪو پهر نٿو ڪڍي سگهجي ته سائين جن سان ملاقات ڪجي۔
 
مان ٿورائتو آهيان انهن سڀني دوستن، مهربانن ۽ ڀائرن جو جيڪي مون جهڙي مسڪين کي مان ڏين ٿا ۽ منهنجي اوطاق تي اچي مونکي عزت بخشين ٿا۔ سندن وڏا وڙ۔ اهي محبتون ئي آهن جيڪي پاڻ کي ملائي رکيو اچن۔

محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو
انهيء جي ويڙهي پاڻ ئي ايندو بادشاهه
 
اتفاق سان سواءِ سائين @غلام مصطفي ميمڻ جي باقي سڀني سنڌ سلامت جي ڀائرن سان پهرين ملاقات سليمان وساڻ جي اوطاق تي ئي ٿي آهي۔ جن ۾ ذيشان رشيد، علي علي، رحيم بخش، فقير ڦلپوٽو، ڏاڏل شينو، عرس پريو، نثار ابڙو جن شامل آهن۔

هن اوطاق جي مون وٽ انيڪ حسابن سان نسبت آهي۔ هڪ ته مون نوڪري ملڻ کان پوءِ جڏنهن جوائننگ ڏني ته پهريان ٻه هفتا هن اوطاق ۾ گذاريا جيستائين ڪو اجهو جُڙي۔ انهي کان پوءِ به هن اوطاق جي محبتي ماڻهن جي محبت جي ڪري سلسلو جڙيو رهيو۔ ڇو ته هتي اوهان کي چاچا ڪريم چانڊيو (بشرطيڪه ڄاڳندو هجي) کان سنڌ جي درد لاءِ سنڌين کي ست سريون ٻڌڻ لاءِ ملنديون، هتي اوهان کي مرتضى وساڻ جا پيٽ ۾ سور وجهندڙ ڀوڳ ملندا، هتي اوهان کي سنڌ جي هر پارٽي سان واسطو رکندڙ ماڻهو ۽ انهن جا ٿڌين موسمن ۾ به گرم بحث ٻڌڻ لاءِ ملندا۔ مطلب ته هتي هر ڪو آزاد آهي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ لاءِ۔ ڪڏهن ڪڏهن ته هي اوطاق لنڊن جو هائيڊ پارڪ لڳندي آهي جتي جيڪو جيئن وڻي سو چوي جي آزادي آهي۔

باقي اوطاق ڌڻي سليمان وساڻ کڻي اخبارن جي هائيڊ پارڪ جو مخصوص جملو (خطن جي متن سان ايڊيٽر جو مقتفق هجڻ ضروري ناهي) ناهي لکيو پر پاليسي اها ئي اٿس جيڪا انهن ايڊيٽرس جي آهي۔ مطلب ته ڪير ڪهڙا به بحث ڪري۽ ڇا به چوي۔ پر سليمان جو وڏي ۾ وڏو ريسپانس به هڪ هلڪي مسڪراهٽ جي صورت ۾ ايندو آهي۔

ها باقي جڏهن سال جا نؤ مهينا ٻاهر رهي ايندڙ اسان جو سر موڙ نثارابڙو ٽي مهينن لاءِ هتي اچي ته پوءِ اوطاق جي رنگن ۾ هڪ اهڙي رنگ جو اضافو ٿي ويندو آهي جنهن سان هتي ايندڙ لاءِ ڄڻ ته هڪ خاص رونق ٿيو وڃي۔ نثار صاحب جو ڳالهيون (پوءِ اهي ڪهڙ به موضوع تي هجن) اهڙيون ته وڻندڙ هونديون آهن جو واقعي به ڪلاڪن جا ڪلاڪ منٽن ۾ گذريو وڃن۔ مون کي يقين آهي ته نثار صاحب جي انهي خوبي جي ڪري عربن کي نؤ مهينا ۽ هتي سندس فئملي کي ٽي مهينا ڪي منٽ لڳندا هوندا۔ پر نثار صاحب جي پنهنجي ڪهڙي ڪيفيفت هوندي اها کيس ئي خبر هوندي۔ پر بين جي چهري تي مرڪون وکيرڻ جو فن رکندڙ هي شخص چڻ ته سراپاءِ خوبيون آهي۔ الله کيس پنهنجي امان ۾ رکي۔ امين
 
اسان جو دوست حفيظ پيارو ماڻهو آهي ۔۔۔۔۔۔۔ ڏاڍو سٺو لکندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن تعريف به ڪجهه جهجهي ڪري ويندو آهي۔ پر هي اوطاق اوهان جهڙن دوستن ڪري ئي آباد آهي۔
 
ڪراچي جو شهر جتي نفسا نفسي جو تاثر هجي، جتي سنڌي ڳالهائڻ ۾ به هٻڪ محسوس ٿي، جتي جي ماحول ۾ اڻڄاتل خوف هجي پر اتي ئي سچل ڳوٺ ۾ ادي سليمان جي اوطاق تي پهچندي ئي پهنجي سنڌ امڙ جي گود ۾ پهچي وڃڻ جو احساس ٿي ته يقينن خوشي جي ڳالهه هوندي آهي۔ منهنجو به هن اوطاق تي ڪافي دفعا وڃڻ ٿيو آهي جتي سائين نثار کان وٺي چاچي ڪريم تائين سڀني دوستن سان ڪافي ڪچهري ٿي آهي پر ڪراچي جي حالات جي ڪري زياده دير ناهيون ويهي سگهيا پر ان باوجود به هي اوطاق پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ ادي سليمان جو ته ڪو جواب ئي نه آهي زنده دل انسان آهي، جنهن ڳوٺ ۾ ادي سليمان ۽ سائين نثار ابڙي جهڙا سلجهيل ماڻهون ۽ چاچي ڪريم جهڙا ۽ محبتي ماڻهون ۽ ادي حفيظ جهڙا پرين پيارا هوندا يقينن اها وسندي پيار جو مرڪز ته ضرور سڏرائيندي انهي ڪري مون به سچل ڳوٺ ۾ جو جهوپڙو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر ادي سليمان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔هههههه اڳتي ڪونه ٿو لکان ۔۔۔۔۔۔۔۔هههههه
 
سائين سچل ڳوٺ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، منهنجا اسڪولي دوست سچل ڳوٺ ۾ ئي رهندا هئا اڄ به آهن مان تڏهن کان وٺي اتي جو رهاڪو رهيو هئس جڏهن سچل ڳوٺ نئون نئون جڙي رهيو هو، اها 1994 يا 1995 جي ڳالهه آهي، تڏهن منهنجي دوستن سچل ڳوٺ ۾ گهر وٺڻ لا همٿايو هو پر انهن ڏينهن ۾ پنهنجي وس ۾ ڪجهه نه هو، پاڻ پنهنجن وڏن جي آسري تي هئا سين ۔ خير! پو به وڏو عرصو اتي رهيا سين ۽ ڪراچي ۾ اهڙي سلجهيل سنڌي ماڻهن جي وسندي طور آباد ٿيندي وئي جو اڄ به اتي اهي ئي محبتي ميلا متل آهن، اڳ ته سچل ڳوٺ ۾ سائين جي ايم سيد پارڪ توڙي روشن تارا اسڪول ۾ موسيقي جون محفلون پڻ ٿينديون هيون جتي سنڌ جي ثقافت تي روشن تارا اسڪول جا ٻار ٽيبلوز به پيش ڪندا هئا، سنڌ جا مشهور راڳي توڙي شاعر جن ۾ عبدالغفار تبسم، علي بابا، صادق فقير، منظور سخيراڻي، حنيف لاشاري پڻ ايندا هئا۔ پر هاڻ خبر نه آهي ڇو اهي ميلا نه ٿا مچن يا وري مچن به ٿا ته اسان پري ٿا رهون ته ڪير دعوت به نٿو ڏي۔
 
دوستن جا لک ٿورا جن منهنجي اوطاق ۽ سچل ڳوٺ لاء پنهنجي محبتن جا پيغام ڏنا۔

دوستو هي وسندي يقينن اسان سنڌين جي بهترين وسندين مان هڪ آهي۔ مان سلام پيش ڪندو آهيان انهن دوستن کي جيڪي پنهنجي گهران ، هڙان، وڙان ڏئي ، پنهنجو وقت سيڙائي چڱائي جي ڪم ۾ رڌل رهن ٿا نه ته هن ملڪ ۾ سهولتون ملڻ ڏکيو ڪم آهي۔ پر سچل ڳوٺ جي آبادي تيزي سان وڌي آهي ۽ انکانسواء وڏين گنجان عمارتن سبب به ڪجهه مسئلا پيدا ٿيا آهن ، ٻيو ته معذرت سان چوندس ته اسان سنڌي ماڻهن جي رهڻ سهڻ جو طريقو بهاڃان تائين شهري ماحول وارو ناهي ٿي سگهيو۔ پوء به هي وسندي اسان جيبهتر مستقبل جي ضامن آهي۔

مان ٿورائتو آهيان فيسبوڪ ۽ سنڌ سلامت جي سنڌي دوستن جو جيڪي مون وٽ ڀيرو ڀريندا رهن ٿا۔ ڪجهه سنڌ سلامت جي دوستن جو ذڪر جيڪي هتي اچي چڪا آهن ۽ عزت بخشي آهي انهن ۾ سنڌ سلامت جو منتظم ذيشان رشيد، سنڌ سلامت جو سرپرست نثار ناز، نائب منتظم نثار ابڙو ۽ علي علي، سپر ايڊيٽر فقير وحيد ڦلپوٽو، ٻانهن ٻيلي عامر ضياء چارڻ، ايڊيٽر مولوي رحيم بخش، سابق ايڊيٽر وهاب قنمبراڻي، سينيئر ميمبر طاهر سنڌي، غلام مصطفى ميمڻ، عرس پريو، عبدلغني لوهار، رسول بخش دائودپوٽو، شاهين سنڌي، عرفان عالماڻي، منظور علي عباسي، عبدالرسول ڪولاچي، عاشق سولنگي، آصف علي جهتيال، ڏاڏل شينو ، ذوالفقار بهڻ، چاچو شفيق جوکيو شامل آهن۔ ٿي سگهي ڪجهه دوستن جا نالا وسري ويا هجن ان لاء معذرت۔

باقي مون سميت سائين نثار ابڙو، غلام مرتضى وساڻ، عبدالڪريم چانڊيو، عبدالحفيظ لغاري، نويد ڪلوڙ، نور حسن چانڊيو ته هن وسندي جا رهاڪو آهيون ۽ هر آئي ڏينهن ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون رهنديون آهن۔
 
اسان سچل جھڙي سچي مخلص پيار ڪندڙ سائين سليمان ۽ سائين نثار جي ڪري سچل آياسين، منھنجو ھي ٻيو دفعو ھُيو، ھن دفعي خاص سائين نثارجن سان مُلاقات جي حوالي سان سچل اچڻ ٿيو، سائين نثار سميت اُتي اوطاق تي ويٺل سڀني سنڌين جو ٿورائتو آھيون، بلڪل سنڌين ۾ پھچائپ ۽ پيار اڃان زنده آھي، اھو مون سليمان جي اوطاق تي محسوس ڪيو۔
 
Back
Top