• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سچل ڳوٺ ۾ سائين سليمان وساڻ جي اوطاق ۽ سائين نثار جن سان مُلاقات

هيڏي وڏي اجگر شهر ۾ اوطاق ٺاهي سنڌين کي سڏائي
رهاڻيون ڪرڻ،ء سنڌ جي مستقبل لاء سوچڻ،سنڌي ٻولي جي حڦآظت
لئ پتوڙڻ،ڀاء سليمان واقعي سنڌي روايتن جو پريو مڙس آهي
دعا ت ڀاء جون اهي اوطاقون ء روح رهاڻيون نسل در نسل قائم ء دائم رهن۔۔۔
 
سنڌ منهنجي سرسبز سائي هجي سنڌ ۽ سنڌين جون اوطاقون قائم ۽ دائم هجن آمين ثم آمين ۔

سڀني دوستن جا رايا پڙهيا دل کي جِتي راحت ۽ خوشي محسوس ٿي ، اتي سنڌ کان ٻاهر رهڻ ۽ اهڙين ڪچهرين کان محروم رهڻ جو به شِدت سان احساس ٿيو آهي ۔ ڪيڏا نه اوهان خوش نصيب آهيو !!! جو شام جو ٿَڪجي جڏهن پنهنجن سان پنهنجا پنهنجي ڌرتي جا ٻولي جا مسئلا ونڊيندا هوندؤ ۽ کل ڀوڳ ٽَهڪڙو الڳ مچائيندا هوندؤ ۔ الله جّل شانه اهڙين ڪچهرين کي بدنظر کان بچائي ، دشمنَ دوُر ڪريس ۔آمين ثم آمين ۔
 
ادا رضوان جمالي صاحب اسلام عليڪم۔ ادا سائين توهان هن اڳڻ جا ڀاتي هئڻ جي حثيت ۾ روحاني طور اسان سان انهن ڪچهرين ۾ شامل هوندا آهيو۔ توهان پاڻ ڏسو ته ڪيئن اسان جا دوست انهن ڪچهرين جو پيرائتو احوال ۔ڦوٽون سان گڏ هت ونڍ ڪري ڄڻ ته هر ميمبر جو ان محفل ۾ روحاني طور موجودگي جو احساس ڏيارين ٿا۔ توهان ڪڏهن به هڪ لمحي لاء دلبرداشت نه ٿيندا ڪيو ۔ڇاڪاڻ ته انهن ڪچهرين ۾ سڀني ميمبرن بشمول اوهانجي جي محنتون کي سارهيو ويندو آهي ۽ بار بار ذڪر ٿيندو آهي، اسان کي يقين آهي ته اوهان کي ڪچهري واري ڏينهن تي هڏڪي ضرور ايندي هوندي ۽ اهو ثبوت آهي اوهان جو سٺن الفاظن ۾ ذڪرڪچهري جي دوران۔ انشاالله جڏهن به اوهان جو ڪراچي اچڻ ٿئي ته اطلاع ڪندا،توهانجي مان ۾ اهڙيون کوڙ ساريون رهاڻون رچائينداسين۔آزمائي ڏسو۔توهان کي مايوس نه ڪنداسين۔
 
محترم عبدالغني لوهار جون مهربانيون جو سچل ڳوٺ ۾ اسان جي اوطاق تي آيو۔​
11486_10200822886912703_1171570890_n.jpg
 
سچل ڳوٺ ۾ وساڻن جي اوطاق ۔۔۔ پو سائين تاج محمد وساڻ هجي يا سليمان وساڻ يا مرتضيى ۽ اڃان به سندن نئين ٽهي ۔۔۔ سڀ جا سڀ اوطاقي، مهمانواز ۽ پيارا انسان آهن ۔۔۔ سدائين سنڌ ۽ سنڌيت جون ڳالهيون، سدائين سچل ڳوٺ جي وڌاراي جا خيال ۽ سدائين دوستن جي ڀلي جا ڪم ۔۔۔ مطلب وساڻن جي اوطاق موکي جو مئخانو لڳندو آهي ۔۔۔ جيڪي آيا سي اگهيا ۔۔

ٿورائتو آهيان دوستن جو جن مون سميت سليمان وساڻ جي مهمانوازي جا ڳڻ ڳايا آهن ۔۔۔ سنڌ جو خمير آهي ڀلا ڪيئن نه خوبين سان مالا مال هوندو ۔۔۔ اوهان سڀ دوست به اوترائي پيارا ۽ سهڻا آهيو ۔۔۔

سنڌ سموري سون، سنڌ سموري سرهاڻ

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top