• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول باتا، گهرا ناتا

منصور ميراڻي

سينيئر رڪن
576974_3745905808306_1655659002_n.jpg
 
منصور ميراڻي صاحب !! ادا ڪهڙو اهڙو انسان آهي ؟؟؟ جيڪو پنهجي ماءُ جي جهولي آرام سان ڇڏيندو هُجي ؟؟ مان پنهنجي گنهگار اکين سان نيشنل جاگرافي ، اينيمل پلانيٽ ۽ ڊسڪوري ٽي وي چينلن تي ڪئي اهڙا پروگرام ڏٺا آهن ۔ جن ۾ وڏي کان وڏو جانور مثلن هاٿي ، زرافه ،دريائي گهوڙو ۽ گينڊو وغيره ننڍڙن ۾ ننڍڙن جانور ڪيوليون ، ماڪوڙا ۽ اڏوهي ، مکيون ، ماکي وغيره کي پنهنجي علائقن لاءِ وڙهندي ڏٺو اٿم ۔ هي ته وري به انسان ذات آهن ، هنن انهيءَ علائقي ۾ مال ملڪيتون جايون ۽ ٻين انسانن سان انساني رشته جوڙيا هوندا اهي ڪيئن آرام سان پنهنجي جيجل جي جهولي ڇڏيندا ؟؟؟
 
جيتوڻيڪ پنهنجي جنم ڀومي کي ڇڏڻ ايڏو آسان ناهي پر پوء به جڏهن ڳالهه حد کان اڳتي وڌي وڃي ته اهڙيون حالتون پيدا ٿين ٿيون۔ اسان جي دانشورن ۽ سياستدانن کي هڪ دفعو وري سياست کي پري رکي سوچڻو پوندو ۔۔۔

اوهان جا احساس سمجهي سگهجن ٿا۔
 
بلڪل امريڪا لنڊن ۾ رهندڙ سنڌي يا ڳوٺاڻا اڄ به پنهنجي مٽيءَ جي سوگنڌ وارن ڳوٺن کي ياد ٿي ڪري ۽ پوئيرن کي وصيعت ٿي ڪري ته کين پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪن۔ شل ڀاڳ ڦٽن انهن ظالم پيرن، ميرن، وڏيرن، جاگيردارن، رئيسن، ڪانڀن، شاهن ۽ پوءَ ڍايل وڏيرن جا ۽ اُنهن جي غير صالح اولدن جا جن جي ظلمن ڪيسن ڪهرن ڪري سنڌ جا اصلوڪي رهاڪو واڻيا، ميمڻ ۽ ِشيخ سندن ظلمن، ڪيسن ڪري ڳوٺ ڇڏي اچي شهر وسائين ٿا يا ٻاهرين مُلڪن ۾ هلي وڃن ٿا، جيڪا سند مجبوري آهي ۽ ظالم ڏاڍ وارا ظالم پاڻ کي سنڌي چوائڻ وارا سياسي پنڊت ۽ وڏيرا ڌاڙيل ۽ لوفرن کي پنهنجي سپاه ٺاهي انهن ڪمزور ۽ سنڌ جي اصلي مالڪن کي سنڌ بدر ڪرڻ ۾ لڳل آهن، سندن اجهن، گهرن، ڪاروبارن، زمينن تي قبضو ڪري اڄ پاڻ وڏيرا ۽ ڪامورا سڏجن ٿا جڏنهن ته ڪله هنن وٽ کائڻ لاءِ اٽي لپ به نه هُئي ۽ هو فقيرن وارا ڪارا ويس ڍڪي پنندا هُئا۔ اهو سوچين نٿا ته وڏن چواڻي انهن ظالم جي انهن ڪرتوتن ڪري نه صرف واڻيا، ميمڻ ۽ سنڌي ڪاروباري ماڻهون سنڌ دربدر ٿي ويا آهن پر انهن جي بددعا سان سنڌ به 40 سال پهرئين غرق ٿيندي ۽ اڄ جيڪر هيئنر سنڌي قوم ته ظلم ۽ ڪهر ڇايل آهي ان جو ڪارڻ به اهو آهي ۽ مڪافات عمل تهحت ۽ اهو ٽرندو تڏنهن جڏنهن عام سنڌي انهن وڏيرن جون جُتيون چٽي اڳتي وڌڻ بدران پاڻ تي ڀروسو ڪندو، محنت حلال کائيندو ۽ انهن وڏيرن جي خلاف ميدان تي لهندو جن نه صرف پنهنجي قهر کي جاري رکيو آهي پر هاڻ ته عام سنڌيءَ لاِءِ تعليم مهنگي، علاج مهنگا، ٽرانپورٽ مهنگي ڪري پنهنجا ڀڀ ناجائزي ڪري ڀرين پيا شايد ڪلور جو دئور به ان کان ڀلو هو جيڪو اڄ سنڌ ۾ آهي۔ اچو ته ملي انهن پوءِ ڍيل چور وڏيرن کان باغي ٿيون ۽ سنڌ وڪڻڻ کان بچايون۔ ياد رکو سڄاڳ نه ٿيندئو ته سڀاڻ واڻين وانگر توهانکي به سنڌ جي ويزي وٺي سنڌ جا ماڳ گهمڻا پوندا ۽ سنڌو جل، سنڌي مٽي سونگهي پيا روئيندئو ته اھ ئي وڏيرن خلاف بغاوت جو اعلان ڪريو ۽ پنهنجي قبضي ۾ ورتل شيون کائن ڇني حاصل ڪريو۔
 
Back
Top