ڪهڙي دُنيا ۾ آهيو؟ آٺارجي گُل خوشبوءَ کان جُدا ٿي چُڪا آهن، ڪي شيشين ۾ بند آهن ته ڪن جو نسل مڪس ڪري باغن ۾ پوکيو پيو وڃي، اکين جي تسڪين لاءِ، خوشبوءِ بازارُن ۾ وڪجن پيون ۽ دُنيا ڦڪن رنگن سان رنگجي وئي آهي، ڏسو نه پيا ته اُتر سنڌ مان ڪيترا واڻيا بل آخر اُتر سنڌ جي وڏيرن جا ظلم نه سهي لڪ چوري انڊيا پئي وڃي، ميمڻ شيخ اڳئي لاڙڪاڻو ۽ اُتر سنڌ ڇڏي ڪراچي وسي چُڪا آهن اڃا به سمجه نه پيو اچي سنڌي قوم کي، سياستدانن کي سنڌ پرستن کي، نعرن تي جهومڻ وارن کي، ڇا ڪن، جي عزتن جا سوداگر پنهنجا ئي هُجن ته ٻين ڌارين ۽ اتحادين تي ڪهڙي معيار ته سائين گُل (واڻيا) خوشبوءَ (سنڌ) کان جُدا پيا ٿين ۽ بس سگهوئي پناهگيرن جي آمد ئي آمد آهي توهان بس علامه اقبال وانگر شاعريءَ جي نشي ۾ مست ٿي سنڌ بچائڻ جي پرچار ڪندا وڃو۔ ۽ وڏيرن خلاف ميدان ۾ نه لهجو۔