Sindhi Media
سينيئر رڪن
ڇا اسان سنڌ لاءِ بُزرگن جا قول وساري ويٺا آهيون؟ اي سنڌ! توکي قنڌار کان لوڏو. ”سنڌ ڪيسن ۽ ظُلمن جي ڪري 40 سال پهرئين غرق ٿيندي“ ڇا جي اسان هيٺين ڏنل تصوير ۾ ٻُڌايل سنڌ جي غدارن کان آزادي حاصل ڪريو ته سنڌ کي 40 سال پهرئين غرق ٿيڻ کان بچائي سگهون ٿا؟ يا جي سنڌي پيرن، ميرن، جاگيردارن، رئيسن، وڏيرن، ڪانڀو خانن، شاهن، رئيسن، راشي ڪامورن، پوءِ ڍايل وڏيرن کان آجي ڪرائي سگهون ٿا؟ ڇا اهو ممڪن آهي ته سنڌي جيڪي انهن وڏيرن، جن ڀنگون ، ٺرا ، سُلفيون ۽ چرس پياري پياري، نشي ۽ ۽ اوطاقن ۽ اوطارن ۾ سنڌين کي مقبوض ڪري رکيو آهي ۽ سنڌ کي جاهل بڻائي پنهنجا ڀڀ پيا ڀرين ۽ سنڌ ۾ لوفر پائي ، ڌاڙيل گيري ۽ چور چور جو ڪلچر ڏئي اُتر سنڌ مان واڻين، ميمڻن ۽ شيخن کي لڏ پلاڻ تي مجبور پيا ڪن، سنڌ بچائي سگهبي. اچو ته پهرئين انهن گهر جي غدارن جو ته احتصاب ڪريو جيڪي ڀتا خور آهن، سنڌ جو نالو بدنام پيا ڪن، چور ۽ ڌاڙيل گيريءِ ۾ رڌل آهن، وڏيري جي جُتي چٽي چٽي گسائي ڇڏي اٿن، تعليم جو حصول ۽ بُنيادي طبي ۽ ٽرانسپورٽ جو سهولتون عام سنڌيءَ کي کسي ورتيون اعن انهن جو ملي احتصاب ڪريون انهن خلاف انقلاب آڻي ميدان تا ٻاهر ڦٽي ڪريون ته سنڌ بچندي نه ته واڻين وانگ سڀاڻ توهانکي به اتحادي مجبور ڪندو ته سنڌ جي ويزا وٺي اچو ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبرن تي ڀيرو ڀريو ۽ پنهنجا ماڳ مڪان ڏسو، غدا ڪير جيڪي هيٺ آهن