سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”جت لوڀي هجن ات ٺوڳي بک نه مرن“، جڏهن سنڌ سموري جا ماڻهون مطلبي، لالچي ۽ لوڀي هجن ته ٺڳن کي وارو ملي وڃي ٿو ۔۔۔ انڪري اسان سنڌين کي پنهنجا رويا تبديل ڪري پنهنجي قوم کي بچائڻو پوندو، روين جا اثر تمام گهرا هوندا آهن، قومي رويو اسانکي پڪاري ٿو ته پاڻ بدلايو ۽ پنهنجي ملڪ جي حفاظت ڪريو، پر افسوس! سنڌي قوم هيٺاهين درجي جي پستي ۾ پيل آهي
اچو ته سڀ سنڌي مڙي مٽ ٿيون ۽ انهن ٺڳن کان جان ڇڏايون ۔۔۔۔
وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن ماڻهون ميٺ گهڻو۔