• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

امداد حُسيني (سنڌ سلامت وڊيو اسٽوڊيو جي ٽِي ((3)) پيشڪش

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو جيئي سنڌ
گُذريل مهيني محمد خان غني ادبي تنظيم ٽکڙ ٽنڊو محمد خان طرفان آل سنڌ طرحي مشاعرو منعقد ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جو مشهور شاعر محترم امداد حُسيني پڻ شريڪ ٿيو هو، محترم امداد حُسيني جي شاعري سندس زباني، اسان جي سنڌ سلامت لاءِ بهترين سوچون رکندڙ عبدالمجيد سولنگي پنهنجي ڪئمرا ۾ محفوظ ڪري ڇڏي، انهيءَ وڊيو ڪلپ کي سنڌ سلامت جي ميمبر محترم محمد جمن شيخ وڊيو ايڊٽ ڪري مون حوالي ڪيو جيڪو ساري دنيا جي سنڌين سان اسان جي محبتي اڱڻ سنڌ سلامت تان ونڊ ڪري رهيو آهيان۔
وڏي ائڊمن سائين عبدالرشيد سمون صاحب جن کي هڪ دفعو ٻيهر گُذارش ڪئي ٿي وڃي ته براءِ مهرباني” سنڌ سلامت اسٽوڊيو “ جو نئون سيڪشن بنايو وڃي ته جيئن سنڌ سلامت جا پنهنجا وڊيو ساري دنيا جي سنڌين کي ڳولڻ ۾ ڪا مشڪل پيش نه اچي۔

جناب امداد حسيني جي نڪور شاعري سندس زباني​

 
وڏي ائڊمن سائين عبدالرشيد سمون صاحب جن کي هڪ دفعو ٻيهر گُذارش ڪئي ٿي وڃي ته براءِ مهرباني” سنڌ سلامت اسٽوڊيو “ جو نئون سيڪشن بنايو وڃي ته جيئن سنڌ سلامت جا پنهنجا وڊيو ساري دنيا جي سنڌين کي ڳولڻ ۾ ڪا مشڪل پيش نه اچي۔

سائين توهان جو سنڌ سلامت فورم سان ايترو چاهه توهان جي هنن خوبصورت وڊيوز ۾ صاف ظاهر آهي....
توهان جا لک لائق جو پنهنجي قيمتي وقت ۽ مجبورين باوجود سنڌ سلامت لاءِ جستجو جاري رکي آهي....
توهان جي حڪم جي تڪميل ڪندي سنڌ سلامت وڊيوز جو الڳ سيڪشن بڻايو ويو آهي...
اميد ته دوستن کي توهان جي اها محنت تمام گهڻي پسند ايندي....
 
جواب: امداد حُسيني (سنڌ سلامت وڊيو اسٽوڊيو جي ٽِي ((3)) پيشڪش

زبردست سائين
واه واه
سٺي شاعري آهي
 
Back
Top