• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هاڻ ڪارون هوا ۾ ۽ موٽر سائيڪلون وڻن تي هلنديون!

Sindhi Media

سينيئر رڪن
هاڻ ڪارون هوا ۾ ۽ موٽر سائيڪلون وڻن تي هلنديون!
ڪجهه ڏينهن پهرئين خيرپور سنڌ جي آغا وقار جو ميڊيا تي پاڻي سان ڪار هلائڻ جو مُظاهري پوري مُلڪ ۾ چُر پُر ۽ ٻول هنگامون مچائي ڇڏيو هو۔ ڪي ماڻهون حيرت ۾ پئجي ويا، ڪي ايندڙ سُٺن خوابن ۾ غلطان ٿي ويا ۽ ڪن ڀرپور مُخالفت ڪري ان تجربي کي مُسترد ڪري ڇڏيو هو۔

آغا وقار جي اها نئين ايجاد، پارليمينٽ مان ئي ٻاهر نڪري منظر عام ٿي جتي ان جو مُشاهدو گهڻن پارليمينٽيرين خود پاڻ انهي ڪار کي هلائي ڪيو هو۔ ان جي مُڪمل انسپيڪشن به ڪئي هُئي۔ وفاق وزير خورشيد شاه ان نئين ايجاد کي ڪابينه ۾ پيش ڪيو هو۔ جنهن ان سلسلي ۾ پيش رفت لا اڳيان وڌي هڪ ڪميٽي به جوڙي ڇڏي هُئي ۽ وزيرن، سينيٽرن سان گڏ، وزير خزانه ۽ وزير اعظم سوڌو هن جي حمايت ۽ تاعيد ڪندا رهيا۔ خود وفاقي وزير سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سکر وڃي آغا وقار سان مُلاقات به ڪئي۔

آغا وقار جي هن ايجاد جي انڪشاف کان پو ڪراچي ۾ اين اي ڊي جي گريجوئيٽ انجنيئر محمد قمر خان جو ڪوششون به سامهون اچڻ لڳيون جنهن موجب هو گذشسته ڏيڍ سال کان انهي منصوبي تي ڪم ڪري رهيو هو ۽ هو هن وقت تائين، گهڻن ئي ڪارن، ها روف ۽ 16 ويلرز ٽرڪن ۾ واٽر ڪٽ لڳائي چُڪو آهي، سند دعوى آهي ته اهي گاڏيون اڃا به ڪاميابي سان هلي رهيون آهن، ماحول دوست آهن، ان مان ڪاربان مونو آڪسائيڊ جي بجا، واٽر وائيپر خارج ٿين ٿا۔ پاڻي سان گاڏيون هلائڻ جي حوالي سان هو گهڻائي اشتهار به ڏئي چُڪو آهي پر ڪنهن به حاڪم الوقت هن سان اڃان ڪو به رابطو نه ڪيو آهي۔

هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته ماڻهون کيس صلاح ڏين ٿا ته هو پنهنجي ان ايجاد لي پيٽينٽ ڇو نٿو ڪرائي جو جواب ڏيندي چوي ٿو ته هو ان جو حامي ڪونهين، ڇو جو هن جي خيال ۾ هن ايجاد کي ماڻهن جي فلاح لا استعمال ٿيڻ گهرجي نه ڪه ڪمرشيلزم جي لا۔

خير، چاهي ايجادون ڪير به ڪري، پر آغا وقار ۽ انجنيئر قمر جي ايجادن ۾ هڪ فرق ضرور آهي ته مٿي پهرئين ذڪر ڪيل گاڏي صرف پاڻي سان ئي هلي سگهي ٿي جڏنهن ته پويان ذڪر ٿيل گاڏي ۾ 60 سيڪڙو انرجي فيول استعمال ٿيندو آهي۔ ان کان علاوه به لاهور جي انجنيئير چوڌري غلام سرور ۽ هڪ نوجوان عاصم جون به اهڙي ئي قسم جون ڪي ايجادون سامهون آيون آهن۔

هنن سنسي خيز ايجادن جي دعون سان گڏ ئي هوا ۾ ڪارن ۽ وڻن تي موٽر سائيڪلن هلائڻ جو هڪ ٻيو سنسي خيز انڪشاف سنڌ جي سابق سيڪريٽري ۽ سابق صدر پاڪستان ايسوسيئيشن آف سائنسز اينڊ سائينٽيفڪ پروفيشن جي طرفان به ٿيو آهي۔ هن جو چوڻ آهي ته (جيٽ رُوفا) وڻ ۾ ٻير جي شڪل جو هڪ فروٽ ٿئي ٿو جنهن مان ڊيزل جهڙو هڪ پاڻياٺ نڪري ٿو، هن جي ذريعي، مسقبل ويجهڙائي ۾ موٽر سائيڪلون هلايون وينديون ۽ ڪارون ملاوٽ شده ڊسٽلڊ واٽر جي بغير صرف هوا سان هلنديون رهنديون! ان سلسلي ۾ فرانس جي هڪ ڪمپني به واڌو تحقيق ڪئي آهي۔ ان ڪمپني سان هندستان جي هڪ وڏي صنعتي اداري( ٽاٽا) معاهدو به ڪري ڇڏيو آهي۔

سابق سيڪريٽري شجاعت علي قرني پاڪستاني انجنيئرن تي زور ڀريو آهي ته پاڪستان ۾ به هوا سان هلڻ واريون ڪارون، موٽر سائيڪلون ۽ رڪشائون تيار ڪيون وڃن۔ هن جي چوڻ موجب سال 2015 تائين اهڙيون ڪارون ڪمرشيل بنياد تي ٺهڻ شروع ٿي وينديون جڏنهن ته موٽر سائيڪلون ته ٺهڻ شروع ٿي چُڪيون آهن۔

هيڏانه ڪراچي جي هڪ نوجوان مڪينيڪل انجنيئر محمد فيصل ته مقامي سطح تي پاڻي سان هلڻ وارا راڪيٽ ٺاهڻ جي دعوى ڪري ڇڏي آهي۔ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن ٻُڌايو آهي ته هن راڪيٽ ميزائل کي پلاسٽڪ جي بوتل ڪٽي ايئر ڪمپريسر وجهي تيار ڪري سگهجي ٿو۔ راڪيٽ تي يورينيم ميٽر لڳائي هوا جي دٻا ڏيڻ سان هي ڪنهن به ٽارگٽ سان ٽڪرائي سگهجي ٿو، هي 180 ڊگري تائين گهمائي سگهجي ٿو، هي راڪيٽ ميزائل بغير ڪنهن لانچنگ پيڊ جي رموٽ ڪنٽرول سان هلائي سگهجي ٿو۔

هنن سڀني هاڻوڪيون منظر عام ٿيندڙ ايجادن جي دعوى ۾ سڀ کان گهڻو زور آغا وقار جي ٺاهيل پاڻي سان هلندڙ ڪار ن تي ڏنو ويو، جنهن ۾ پاڪستان جي چوٽي جا سائنسدان، انجنيئر، قومي اسيمبلي جا رُڪن، وزير ۽ وزير اعظم تائين انگيج ٿي ويا۔ انهن بحثن دوران شرڪا گفتگو ۾ تلخيون، الزام، ڏوه، غير اخلاقي لفظ، جملا ۽ ڳالهيون پڻ مُظاهري ۾ ڏسڻ ۾ آيون جيڪي پڻ افسسناڪ آهن۔

ڊاڪٽر عبدالقدير خان پڻ آغا وقار جي هن ايجاد جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اهو ممڪن آهي، ماڻهون ته هن جي جوهري منصوبي کي به شق جي نگاهن سان ڏسندا هُئا، پر هُن انهن جي ڪابه پرواه نه ڪندي ان عمل کي حقيقي روپ ۾ آڻي ڏيکاريو۔ هن آغا وقار کي مشهورو ڏنو آهي ته هو پنهنجي هن ايجاد کي پيٽينٽ ڪرائي۔

پي سي ايس آ آر جي چيئرمين ڊاڪٽر پرويز شوڪت به هن ايجاد جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ان اها پاڻي تي هلندڙ ڪار پنهنجي اکين سان هلندي ڏٺي آهي۔

ٻي هنڌ پي سي ايس آ آر جي سابق چيئرمين ڊاڪٽر شوڪت حميد ۽ سائنسدان ثمر مُبارڪ مندهن کي ناممڪن قرار ڏنو آهي جڏنهن ته ڊاڪٽر عطا الرحمان جو چوڻ آهي ته هن پاڻي سان هلندڙ ڪار جو موجد باقاعيده تعليم يافته ڪونهين، ۽ نه ئي هُن ڪو ريسرچ پيپر لکيو آهي ۽ اها دعوى سائنس بنياد ني برخلاف آهي۔ آغا مسلسل متحرڪ مشين جي ڳالهه ٿو ڪري اهڙيون مشينون تصوراتي ته ٿي سگهن ٿيون جن کي گهڻن ئي قسمن جي رُڪاوٽن کي مُنهن ڏيڻو پوي ٿو، هي دعوى سئو سيڪڙو غلط آهي ۽ سائو باغ ڏيکارڻ جي مترادف آهي ۽ پوري دُنيا ۾ پاڪستان جي بيعزتي جو سبب پيو بڻجي۔

غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڊاڪٽر پرويز هود ، هن ايجاد کي غير سائنسي، غير عقلي، ۽ بلڪل بڪواس قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙي شخص کي ته جيل ۾ وجهڻ گهُرجي ۽ ان جي حمايت ڪندڙ پي سي ايس آ آر جي چيئرمين کي سندس عُهدي تان فوري برطرف ڪرڻ گهجي۔ ان چيو ته ڪار مان نڪرندڙ مواد کي جي چيڪ ڪيو وڃي ته جي اگر ان مان صرف پاڻي جا بُخارات نٿا ملن ته ضرور هن ۾ ڪُجهه لڪائي وڌو ويو آهي۔ هن دعوت ڏيندي چيو ته اوهان هن ايجاد کي غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ کڻي اچو، اسان جيسين ان کي پاڻ جانچي نه ڏسنداسون تيستائين ڪنهن حتمي نتيجي تي پُهچي نه سگهنداسون۔ چوي ٿو ته معنى ۽ مطلب لهڻ جي اها ڳاله پڻ حيرت جي آهي ته ان ڪار جي دعويدارن اڃان پنهنجي ايجادن کي پيٽينٽ به نه ڪريو آهي جنهن باري ۾ چيو وڃي ٿو ته ( اي پيٽينٽ از پري ولج گرانٽيد با تهي ڪرائون تو دي فرسٽ انوينٽر) ۔

اسان سمجهون ٿا ته شايد ان جو سبب ئي اهو آهي ته پيٽينٽ ڪرائڻ لا جن خصوصيتن، ضرورتن، انفراديت، معيار، موزونيت، معقوليت يا ڪارگردگي ۽ فارمولي جي ضرورت هوندي آهي اهي ايجادون ان تي لهندڙ نه هُجن يا موجد پنهنجي علمي گهٽتائي، جي ڪري اظهار ڪرڻ کان قاصر هُجن، جيڪڏنهن ائين آهي ته پو حڪومت ۽ سائنسدانن جو فرض آهي ته هو ان سلسلي ۾ موئجدن جي رهنمائي ۽ رهبري ڪن۔
 
اوهان جون سڀئي ڳالهيون به پڙهيون، ان کان علاوه منهنجو پنهنجو ذاتي خيال به شروع کان وٺي اهو ئي رهيو اهي، جيڪو اوهان پنهنجي ليک جي خلاصي ۾ آخر ۾ ڏنو آهي۔
 
Back
Top