مجيب سنڌي ڪورائي
سينيئر رڪن
غزل . مجيب سنڌي
ايـــــڏو ڇـــو رولاڪ ٿـيـــو آهـيـن
دنـيـــا ۾ بـي بـــاڪ ٿـيـو آهـيــن
سنـــڌ ۾ غـيـر ڏسـي سـنـــڌ واسـي !
دل هــاري غـمـنــاڪ ٿـيـو آهـيــن
عـشـق جـا جــذبــا جــلـوا ڏســنـدي
سـهــڻن جـو هـيـراڪ ٿـيـو آهـين
ڪنهن سـان محبت ٿي آ توکي ؟
ڪنهن لاءِ چڪنا چاڪ ٿيو آهين ؟
اُجـري اُجـري ســونـهـن ڏســي اڄ
مجـيب مـرڪـي پـاڪ ٿـيـو آهـين
