اُجـري اُجـري ســونـهـن

مجيب سنڌي ڪورائي

سينيئر رڪن
غزل . مجيب سنڌي
ايـــــڏو ڇـــو رولاڪ ٿـيـــو آهـيـن
دنـيـــا ۾ بـي بـــاڪ ٿـيـو آهـيــن
سنـــڌ ۾ غـيـر ڏسـي سـنـــڌ واسـي !
دل هــاري غـمـنــاڪ ٿـيـو آهـيــن
عـشـق جـا جــذبــا جــلـوا ڏســنـدي
سـهــڻن جـو هـيـراڪ ٿـيـو آهـين
ڪنهن سـان محبت ٿي آ توکي ؟
ڪنهن لاءِ چڪنا چاڪ ٿيو آهين ؟
اُجـري اُجـري ســونـهـن ڏســي اڄ
مجـيب مـرڪـي پـاڪ ٿـيـو آهـين
549832_272987349447487_550571919_n.jpg
 
تمام خوبصورت شاعري

سنـــڌ ۾ غـيـر ڏسـي سـنـــڌ واسـي !
دل هــاري غـمـنــاڪ ٿـيـو آهـيــن
يار سچ پڇين ته غيرن کي ڏسي مان غمناڪ ناهيان ٿيو پر پنهنجن جي روين کي ڏسي تڙپان ٿو​
 
Back
Top