سنڌ سلامت جا دوستو اسلام عليڪم۔۔۔
مختلف موقعن جي مناسبت سان دوست هميشه سنڌ سلامت تي سهولتن لاءِ فرمائشون ڪندا رهندا آهن۔۔ سنڌ سلامت انتظاميه هميشه ڪوشش ۾ رڌل رهندي آهي ته اهڙن موقعن تي پنهنجي رڪنن جي خواهشن جو احترام ڪيو وڃي۔۔۔
ڪرڪيٽ سان دلچسپي رکندڙ دوستن لاءِ سنڌ سلامت اڳ به موقعي جي مناسبت سان سهولتون ڏنيون آهن۔۔ پر ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار ترقي ڪري ڪري هاڻي انٽرنيٽ تي ويهندڙ دوستن کي ڪرڪيٽ سڌو سئون ڏسڻ ۾ ڏکيائون پيش نه ٿيون اچن ان ڪري هن دفعي سنڌ سلامت طرفان روايتي سهولت ڏيڻ بجاءِ۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي وک کي اڳتي وڌائيند هڪ ننڍڙي ٽول نما ايپليڪيشن يا سافٽويئر کي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔۔۔ هي آهي سنڌ سلامت ڪرڪيٽ انفو ايپليڪيشن۔۔۔
سنڌ سلامت طرفان متعارف ڪرايل هي پهرين سنڌي ايپليڪيشن آهي ۔۔۔ جنهن جي خوبي اها آهي ته استعمال ڪندڙن کي انٽرنيٽ تي ويهي دنيا ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ ميچ جي معلومات اهڙي طرح پهچائجي جو سندن ڪم ۾ رڪاوٽ يا رخنو به نه اچي۔۔۔
هن ايپليڪيشن کي انسٽال ڪرڻ جي به ضرورت نه پوندي ان ڪري اهي دوست جن جي آفيسز ۾ موجود ڪمپيوٽر تي آئي ٽي ڊيپارٽمينٽ طرفان انسٽاليشن جي رڪاوٽ رکيل هجي پڻ آساني سان هلائي سگهن ٿا۔۔۔
هي ايپليڪيشن Always on top جو فارمولو استعمال ڪندي توهان جي ڪمپيوٽر جي اسٽيٽس بار تي ظاهر ٿيندي جنهن ڪري توهان پنهنجو ٻيو ڪم ڪندي ڊسٽرب به نه ٿي سگهندا۔۔۔
هن ايپليڪيشن ۾ تقريبن 60 ٽيمن جي نالن کي سنڌي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ان باوجود ٻين ٽيمن جي ميچن کي پڻ ڏسي سگهبو۔۔۔
جيئن ته هن ايپليڪيشن کي ڪرڪيٽ انفو ڊاٽ ڪام جي آر ايس ايس کي استعمال ڪندي بڻايو ويو آهي ان ڪري تمام اسڪور ۽ ان بابت مڪمل معلومات پيش ڪرڻ جي ذميدار پڻ http://www.espncricinfo.com آهي ۔۔۔
ان باوجود جو هتي ايپليڪيشن کي سمجهائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي وئي آهي ۔۔۔ پر جيڪڏهن ڪنهن دوست کي مونجهارو ٿيندو هجي ته ايپليڪيشن کي مائوس سان ڊبل ڪلڪ کولڻ کان پوءِ ڪجهه سيڪنڊ انتظار ڪري ته جيئن آر ايس ايس لوڊ ٿي سگهن۔۔۔
اميد ته ڪرڪيٽ سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي سنڌ سلامت طرفان هي پهرين سنڌي ايپليڪشن پسند ايندي ۔۔۔ وڌيڪ توهان جي راين جو انتظار رهندو۔۔۔۔ايپليڪيش ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هيٺين لنڪ تي اچو ۔۔۔۔