ٽي 20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2012 جي سلسلي ۾ سنڌ سلامت طرفان سنڌي زبان ۾ ايپليڪيشن متعارف

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏20 سيپٽمبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت جا دوستو اسلام عليڪم۔۔۔
    مختلف موقعن جي مناسبت سان دوست هميشه سنڌ سلامت تي سهولتن لاءِ فرمائشون ڪندا رهندا آهن۔۔ سنڌ سلامت انتظاميه هميشه ڪوشش ۾ رڌل رهندي آهي ته اهڙن موقعن تي پنهنجي رڪنن جي خواهشن جو احترام ڪيو وڃي۔۔۔
    ڪرڪيٽ سان دلچسپي رکندڙ دوستن لاءِ سنڌ سلامت اڳ به موقعي جي مناسبت سان سهولتون ڏنيون آهن۔۔ پر ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار ترقي ڪري ڪري هاڻي انٽرنيٽ تي ويهندڙ دوستن کي ڪرڪيٽ سڌو سئون ڏسڻ ۾ ڏکيائون پيش نه ٿيون اچن ان ڪري هن دفعي سنڌ سلامت طرفان روايتي سهولت ڏيڻ بجاءِ۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي وک کي اڳتي وڌائيند هڪ ننڍڙي ٽول نما ايپليڪيشن يا سافٽويئر کي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔۔۔ هي آهي سنڌ سلامت ڪرڪيٽ انفو ايپليڪيشن۔۔۔


    سنڌ سلامت طرفان متعارف ڪرايل هي پهرين سنڌي ايپليڪيشن آهي ۔۔۔ جنهن جي خوبي اها آهي ته استعمال ڪندڙن کي انٽرنيٽ تي ويهي دنيا ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ ميچ جي معلومات اهڙي طرح پهچائجي جو سندن ڪم ۾ رڪاوٽ يا رخنو به نه اچي۔۔۔
    هن ايپليڪيشن کي انسٽال ڪرڻ جي به ضرورت نه پوندي ان ڪري اهي دوست جن جي آفيسز ۾ موجود ڪمپيوٽر تي آئي ٽي ڊيپارٽمينٽ طرفان انسٽاليشن جي رڪاوٽ رکيل هجي پڻ آساني سان هلائي سگهن ٿا۔۔۔
    هي ايپليڪيشن Always on top جو فارمولو استعمال ڪندي توهان جي ڪمپيوٽر جي اسٽيٽس بار تي ظاهر ٿيندي جنهن ڪري توهان پنهنجو ٻيو ڪم ڪندي ڊسٽرب به نه ٿي سگهندا۔۔۔
    هن ايپليڪيشن ۾ تقريبن 60 ٽيمن جي نالن کي سنڌي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ان باوجود ٻين ٽيمن جي ميچن کي پڻ ڏسي سگهبو۔۔۔


    جيئن ته هن ايپليڪيشن کي ڪرڪيٽ انفو ڊاٽ ڪام جي آر ايس ايس کي استعمال ڪندي بڻايو ويو آهي ان ڪري تمام اسڪور ۽ ان بابت مڪمل معلومات پيش ڪرڻ جي ذميدار پڻ http://www.espncricinfo.com آهي ۔۔۔

    ان باوجود جو هتي ايپليڪيشن کي سمجهائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي وئي آهي ۔۔۔ پر جيڪڏهن ڪنهن دوست کي مونجهارو ٿيندو هجي ته ايپليڪيشن کي مائوس سان ڊبل ڪلڪ کولڻ کان پوءِ ڪجهه سيڪنڊ انتظار ڪري ته جيئن آر ايس ايس لوڊ ٿي سگهن۔۔۔
    اميد ته ڪرڪيٽ سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي سنڌ سلامت طرفان هي پهرين سنڌي ايپليڪشن پسند ايندي ۔۔۔ وڌيڪ توهان جي راين جو انتظار رهندو۔۔۔۔ايپليڪيش ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هيٺين لنڪ تي اچو ۔۔۔۔

     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار واهه واهه ٿي وئي۔۔۔۔

    تمام سٺي ڳالهه ۔۔۔۔۔ اوهان جون ڪاوشون قابل ساراهه آهن ۔۔۔۔۔

    پر يار اڄڪلهه الائي ڇو ڪرڪيٽ سان دلچسپي ختم ٿي رهي آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين هي تمام بهترين پروجيڪٽ آهي، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي، يعني نه ڏسڻ جو جهنجهٽ، نه وڊيو بفرنگ نه ٻي ڪا مصيبت، پراڻي دور ۾ ريڊيو ڪن تي رکي ڪرڪيٽ ڪامينٽري ٻڌاندا هئا سين، سنڌ سلامت جو هي پروجيڪٽ ان کان قدري مختلف ضرور آهي، پر فائدي ۾ ان کان گهٽ هرگز به نه آهي۔
    آءُ سنڌ سلامت انتظاميه کي اهڙي بهترين پروجيڪٽ جي ڪامياب لانچنگ تي مبارڪباد ڏيان ٿو، ۽ اميد ڪريان ٿو ته اوهان هميشه جيان اسان سنڌين لا اهڙن ڪارائتن پروجيڪٽن تي ڪم جاري رکندا، اسان جو هر طرح سان سهڪار اوهان سان گڏ آهي۔
    سدا سرها رهو۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين معذرت سان، مون ايپليڪيشن ڊائونلوڊ ته ڪئي آهي، پر ڊيسڪ ٽاپ تان ايپليڪيشن تي ڊبل ڪلڪ ڪرڻ سان هڪ ايرر ميسيج اچي ٿو، نيٽ جي رفتار گهٽ هئڻ سبب ڪالھ کان اسڪرين شاٽ اپلوڊ ڪونه ٿو ٿئي، ان ڪري آءُ اهو ايرر ميسيج هت اوهان کي لکي موڪليان ٿو، اميد آهي ته مسئلي جو حل ڪڍندا ڇو ته هي ايپليڪيشن تمام بهترين آهي، مونکي ڏاڍي پسند آهي، لک ٿورا، ميسيج ڪجھ هن ريت آهي:
    X Cricinfo.exe – Application Error
    The application failed to initialize properly (0xc0000135). Click on OK terminate the application.
    Ok
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا TAHIR SINDHI جن جي شڪايت بجا آهي۔۔۔ مون تڪڙ ۾ موضوع موڪليندي هڪ ڳالهه جو ذڪر ڪري نه سگهيس۔۔۔
    هي ايپليڪيشن ويوئل اسٽوڊيو 2008 ۾ تيار ڪئي وئي آهي ان ڪري ونڊوز7 ۾ ته بلڪل درست ڪم ڪري رهي آهي پر ونڊوز ايڪس پي ۾ هن ايپليڪيشن کي هلائڻ لاءِ ڊاٽ نيٽ فريم ورڪ 5۔3 يا وڌيڪ جو ڪمپيوٽر ۾ انسٽال هجڻ ضروري آهي۔۔۔ اميد ته جيسين ان کي وي بي ذريعي فڪس ڪيو وڃي تيسين دوست پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ڊاٽ نيٽ فريم ورڪ انسٽال ڪري ايپليڪيشن هلائيندا۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    واهه سائين واهه
    تمام بهترين ء سثو ڪم ڪيو اٿو ڪرڪيٽ جي شوقينن لاء
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين مهرباني جو اوهان منهنجي مسئلي جو ترت جواب ڏنو، مان هاڻي ڊاٽ نيٽ فريم ورڪ انسٽال ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، مهرباني سائين۔۔۔
     
  8. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    زبردست سائين قدم۔لک مباروڪون هجن ادا رشيد کي جنهن سنڌي ۾ سافٽوير ٺاهي ٿو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. شا هنواز

    شا هنواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا زبر دست
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ڊاٽ نيٽ ڊائونلوڊ نه ڪري سگهيو آهيان ڇو ته منهنجي انٽرنيٽ جي اسپيڊ ان جي اجازت نه ٿي ڏئي۔۔
     
  11. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    جيتوڻيڪ مان ڪرڪيٽ جو بلڪل به شوقين ناهيان پر پوءِ به هِن ڪارآمد ايپ ٽُول ذريعي ڪرڪيٽ جي خبرن کان آگاھ رهندس..
    مونکي عجيب ٿو لڳي ته هِي پوسٽ 2012 ۾ ٿِي هُئي ۽ مان هاڻ پيو تبصرو ڪريان.. :D
     
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.
  12. گلفراز احمد ڏاھاڻي

    گلفراز احمد ڏاھاڻي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 اپريل 2021
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    يار واھ جو ڪم ڪيو اٿءو
     
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو