اسلام عليڪم جيئن ته منهنجونالو ماجد علي گائينچو آهي منهنجو تعالق لاڙڪاڻي سان آهي فورم جي باري ۾ منهنجي دوست عبدالغني ٻڌايوانشاالله ساث سلامت رهندو۔
وعليڪم السلام دوست ماجد علي گائينچا صاحب سنڌ جي هن سهڻي فورم تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ، منتظمين کي گذارش آهي ته ادي جو نالو درست ڪيو وڃي ۔ گائينڇو مٽائي گائينچو لکيو وڃي
ادا گائينچو صاحب وعليڪم السلام، اوهان کي هن پياري اڱڻ ۾ اچڻ تي ڀليڪار ٿو چئجي۔ ادا گائينچو صاحب عرض ته اوهان پنهنجي باري ۾ ڪجھ وڌيڪ تفصيل سان دوستن سان تعارف ڪرائيندا ته جيئن دوستن کي به اوهان جي باري ۾ ۽ اوهان کي دوستن جي باري ۾ خبر پئي۔ اوهان جي نڪور لکڻين جو شدت سان انتظار آهي۔ سائين عبد الغني صاحب جن جي به مهرباني جيڪي وقتا فوقتا مختلف نَوَن دوستن کي سنڌ سلامت بابت ٻڌائيندا رهن ٿا ۽ سندن معرفت دوست اڱڻ تي اچي فائدو وٺن ٿا ۽ ٻين کي به پنهنجن ليکن ذريعي فائدو پهچائين ٿا۔ سدا سلامت هجو
سائين ماجد علي گائينچو کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔اوهان جو ساٿ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
دوست ماجد علي گائنڇو کي هن فورم تي ڀليڪار ڪريون ٿا۔ ميمبر ٿيڻ شرط ڀا تي لازمي ٿي پيو آهي ته پنهنجي ٽهي کي به هي گس ڏيکارين ته جيئن ملي جلي ڪري اونداهين ۾ گهيرجي ويل سست، ڪاهل، پاڻ پڏائڻ واري قوم لا ڪو دڳ ڳولي ڪڍون ۽ پاڻ به حقيقي معنائن ۾ ٻين قومن وانگر هڪ سولائيزڊ قوم سڏجون جيڪا پاڻ پڏائي پاڻ کي ست هزار سالن جو وارث ته سمجهي ٿي پر عملي ميدان ۾ هڪ نانگ وانگر پنهنجو پاڻ پنهنجا ٻچا کائي ٿي۔ اهو سمجهڻ لا ڀا کي مُهنجو هي چُڀندڙ مضمون پڙهڻو به پوندو ۽ ٻين کي به دعوت ڏئي پڙاهڻو پوندو جنهن جي جواب جو آئون طلبگار آهيان۔ مضمون پڙهڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔
ادا ڀلي ڪري آيا محترم سائين عبدالغني اسان جو پيارو ڀاء آهي الله تعالى توهان کي ۽ اسان جي پياري ڀاء کي سلامت رکي۔
انهي ڊپ کان ته ادا ماجد علي جو جيڪڏهن نالو درست ڪري ڇڏيون ته کيس ڪاٿي لاگ ان ٿيڻ دوران ڏکيائي نه ٿئي۔۔۔ ان ڪري سوچيوسين ته ادا پنهنجي ٻي تحرير ۾ جيڪڏهن پاڻ ئي چون ته سندن نالي ۾ تبديليون آڻبيون۔۔۔۔ پر ادا ته عام رڪنن وانگر رڳو 20 سيپٽمبر تائين ئي محدود رهيو ۔۔۔ خير سندن اچڻ جو انتظار رهندو۔۔۔
سائين ماجد علي گائينچو کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔اميد ته ساٿ سلامت رهندو 1614 اٽيچمينٽ ڏسو