دوستن جي شڪايتن کي سامهون رکندي ڪوشش ڪبي ته گهٽ ۾ گهٽ هر آچر تي ٻارن جي دلچسپي جا ڪجهه موضوع موڪلجن۔۔۔ جن مان يقينن وڏا به فائدو وٺندا ۽ ساڳيا موضوع انهن تائين پهتو ڪندا۔۔۔ ذيشان ۽ شيراز الجهيل آهن جو کين سندن استاد ٻه تصويري خاڪا ڏيندي پڇيو آهي ته انهن ٻنهي خاڪن جي چوڌاري موجود انگن کي ڏسندي هو ٻڌائين ته وچ ۾ ڪهڙو انگ ايندو۔۔۔؟ ڇا توهان سندن مدد ڪندو۔۔۔؟
سائين اڄ وري آچر جو ڏينهن آهي، لڳي ٿو ته ٻارڙن لا اڄ به ڪجھ نئون اچڻ وارو آهي۔ پر هن موضوع ۾ ڪنهن دوست جو جواب نه آيو ته سوچيم ڇو نه ٿورو ڌڪو آ به لڳايان۔ سو سائين پهرين تصوير جي وچ واري خال ۾ انگ جيڪو ايندو منهنجي خيال ۾ اهو 1 (هڪ) آهي، ڇو ته رائونڊ ۾ جيڪو به انگ آهي ان کي جيڪڏهن 1 (وچ واري هڪ انگ) سان ملٽي پلائي ڪبو ته ساڳيو ئي اهو رائونڊ وارو جواب بيهندو۔ باقي ٻئي تصوير جي وچ واري خال جو به هڪ جواب منهنجي ذهن ۾ آيو آهي، پر جيئن چوندا آهن ته دوستن لا به ڪو حساب ڇڏيون، تاڪِ ڪو دوست اچي ان ٻي نمبر واري تصوير جو جواب ڏئي۔ اهڙي ريت اصل ۾ جن لا هي موضوع شروع ڪيو ويو آهي يعني (ٻارڙن لا) کين به گذارش آهي ته هن موضوع ۾ پارٽيسيپيٽ وڄن تاڪِ سندن شڪايت به ختم ٿئي ته ٻارڙن لا سنڌ سلامت تي ڪجھ ڪين هوندو آهي، جيڪا ڳالھ هن موضوع جي شروع ٿيڻ کان پو ختم ٿي وڃي ٿي۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
منهنجن ٻارڙن چيو آهي ته ٻئي تصوير جي خال ۾ 0 (ٻڙي جو انگ) ايندو ۽ + (جوڙ) جو فارمولو لڳائبو، صحيح الاجي غلط دوستن کان پڇون ٿا۔۔۔