ٻارن لاءِ ٻه ذهني آزمائشون...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
دوستن جي شڪايتن کي سامهون رکندي ڪوشش ڪبي ته گهٽ ۾ گهٽ هر آچر تي ٻارن جي دلچسپي جا ڪجهه موضوع موڪلجن۔۔۔ جن مان يقينن وڏا به فائدو وٺندا ۽ ساڳيا موضوع انهن تائين پهتو ڪندا۔۔۔

ذيشان ۽ شيراز الجهيل آهن جو کين سندن استاد ٻه تصويري خاڪا ڏيندي پڇيو آهي ته انهن ٻنهي خاڪن جي چوڌاري موجود انگن کي ڏسندي هو ٻڌائين ته وچ ۾ ڪهڙو انگ ايندو۔۔۔؟

166hfee.jpg
ڇا توهان سندن مدد ڪندو۔۔۔؟
 
سائين اڄ وري آچر جو ڏينهن آهي، لڳي ٿو ته ٻارڙن لا اڄ به ڪجھ نئون اچڻ وارو آهي۔
پر هن موضوع ۾ ڪنهن دوست جو جواب نه آيو ته سوچيم ڇو نه ٿورو ڌڪو آ به لڳايان۔
سو سائين پهرين تصوير جي وچ واري خال ۾ انگ جيڪو ايندو منهنجي خيال ۾ اهو 1 (هڪ) آهي، ڇو ته رائونڊ ۾ جيڪو به انگ آهي ان کي جيڪڏهن 1 (وچ واري هڪ انگ) سان ملٽي پلائي ڪبو ته ساڳيو ئي اهو رائونڊ وارو جواب بيهندو۔
باقي ٻئي تصوير جي وچ واري خال جو به هڪ جواب منهنجي ذهن ۾ آيو آهي، پر جيئن چوندا آهن ته دوستن لا به ڪو حساب ڇڏيون، تاڪِ ڪو دوست اچي ان ٻي نمبر واري تصوير جو جواب ڏئي۔
اهڙي ريت اصل ۾ جن لا هي موضوع شروع ڪيو ويو آهي يعني (ٻارڙن لا) کين به گذارش آهي ته هن موضوع ۾ پارٽيسيپيٽ وڄن تاڪِ سندن شڪايت به ختم ٿئي ته ٻارڙن لا سنڌ سلامت تي ڪجھ ڪين هوندو آهي، جيڪا ڳالھ هن موضوع جي شروع ٿيڻ کان پو ختم ٿي وڃي ٿي۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
منهنجن ٻارڙن چيو آهي ته ٻئي تصوير جي خال ۾ 0 (ٻڙي جو انگ) ايندو ۽ + (جوڙ) جو فارمولو لڳائبو، صحيح الاجي غلط دوستن کان پڇون ٿا۔۔۔
 
Back
Top