• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حديثن روشني ۾ ٻار جو نالو ڪنهن وقت رکجي

Sindhi Media

سينيئر رڪن
حديثن روشني ۾ ٻار جو نالو ڪنهن وقت رکجي​
پئدائش کان پو ستين ڏينهن ٻار جو نالو رکڻ مشهور ۽ معروف آهي پر ڪن حديثن ۾ ان کان به پهرئين نالو رکڻ جا ثبوت ملن ٿا۔ حضرت سمره رضيه بيان ڪن ٿا ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ” هر ٻار پنهنجي عقيقي جي بدلي ۾ گروي هوندو آهي، جنهن کي سندس طرفان ستين ڏينهن ذبح ڪيو وڃي ۽ ان جو مٿو ڪوڙيو وڃي ۽ نالو رکيو وڃي (سنن ابي دائود 2838، جامع ترمذي 1522)۔ هن حديث مان ته خبر پوي ٿي ته ٻار جو نالو ستين ڏهاڙي تي رکجي پر ڪن حدثن ۾ آهي ته پهرئين به رکي سگهجي ٿو۔​
حضرت سهل بن سعد ساعدي رضيه بيان ڪن ٿا ته ” منذر بن ابو اُسيد جڏنهن پئدا ٿيو ته کيس نبي سائين جن جي خدمت ۾ آندو ويو، پاڻ ص کين پنهنجي ران مبارڪ تي وهاريائون ۔ سندس والد ابو اسيد اتي ئي ويٺو هو۔ ان وقت نبي سائين جن پنهنجي سامهون واري پاسي ۾ ڪنهن ڪم ۾ مشغول ٿي ويا ۽ سندن ٻار تان توجه هٽي ويو ته ابو اُسيد ڪنهن کي پنهنجي ٻار جي باري ۾ حڪم ڏنو، پو ان اهو ٻار نبي سائين جن جي ران مُبارڪ تان کڻي ورتو۔ پاڻ صلعم جڏنهن فارغ ٿيا ته پُڇڻ لڳا ته ٻار ڪٿي آهي؟ ابو اُسيد ڳواب ۾ چيو ته يا رسول الله ص اسان ان کي گهر واپس موڪلي ڇڏيو آهي، پاڻ ص کائنس پُڇيو ته ٻار جو نالو ڇا آهي، ابو اُسيد چيو ته ان جو فلان نالو آهي۔ نبي سائين جن فرمايو نه! بلڪه هن جو نالو منذر آهي۔ (صحيح بخاري 6191 و صحيح مسلم 2149)۔​
حضرت انس رضيه بيان ڪن ٿا ته رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو ته ”اڄ رات مون کي پُٽ ڄائو آهي، مون سندس نالو جد امجد ابراهيم عليه السلام جي نالي تي رکيو آهي۔ (صحيح مسلم 2314، سنن ابي دائود 3126)​
مٿين حديثن مان خبر پوي ٿي ته نالو رکڻ ۾ وُسعت آهي يعني ٻار جي ڄمڻ واري ڏينهن به نالو رکڻ جائز آهي، ان کي ٽئي ڏينهن يا عقيقي جي ڏينهن ستين ڏينهن تائين موخر ڪرڻ به جائز آهي، مطلب ته ان کان پهرئين ۽ پو به نالو رکي سگهجي ٿو۔​
 
سائين عبد الرزاق صاحب تمام سٺي معلومات اوهان شيئر ڪري رهيا آهيو، منهنجي خواهش آهي ته جيڪڏهن اوهان انهي ساري معلومات کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي هڪ ئي ڌاڳي ۾ ڳنڍي ڇڏيو ته معلومات جو وڏو ذخيرو هڪ ئي هنڌ ملي ويندو، وڌيڪ اوهان پاڻ راز جا راڻا آهيو۔۔۔
 
تمام سُهڻو مشعورو آهي آئون تائيد ٿو ڪريان۔ هاڻ اهو انتظاميا جو ڪم آهي ته اسانجا مضمون ڪنهن هڪ هيڊ اڪائونٽ ۾ سهڙي ڇڏين۔ اهو ڪم پهرئين محترم دوست رشيد سمون جن ڪندا هُئا پر هاڻ شايد ڪنهن به منتظم جو ان ڏانهن توجه ڪونهين۔ متان هي اوهانجي صلاح سمجهي ان مضمون کي سهڙي سگهن۔ جي نه ته بحرهال مان پنهنجو ريسرچ ورڪ ختم ڪري پو ان کي اليڪٽرانڪ (پي ڊي ايف) فائل ۾ سهڙيندُس۔ ٻي انتظامي ڪوتاهي اها آهي ته ڪي اسانجا ڀلوڙ ميمبر ڪنهن فنڪشن جي تقريب ۾ دل و جان سان بهرو ته وٺن ٿا، ڪنهن فنڪار يا ڳائڻي جي رونمائي ۽ تعارف ڪرائين ٿا پر هو سنڌ جي ڀلوڙ ليکڪن، اديبن، سماجي ماڻهن جيڪي خاص طور فيس بوڪ تي به آهن دعوت ڏئي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي ڪونه ٿا آڻين۔ هي ڪم به جناب رشيد سمون صاحب جن ئي ڪندا هُئا ۽ جن جي ٽيلفون ڪال ۽ سڏ تي مونکي سنڌ سلامت جي خبر پئي ۽ مان پاڻ به جيڪي ادب دوست آهن تن کي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي شامل ٿيڻ جي ترغيب ڏيندو آهيان پر سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام طرفان ڪافي ڪوتاهي آهي۔ مُهنجي صلاح آهي ته سنڌ سلامت جي مئنيجمينٽ جيڪي بهسندن ايڪٽو ڪارڪن آهن هڪ هڪ کي هڪ هڪ شعبي جو سربراه مقرر ڪري ته هو ان ايريا جي ايڊيٽنگ وغيره ڪري سموٿ ۽ سهڙي سگهن باقي سنڌ سلامت جي ٽاپ مئنيجمينٽ هر هڪ شخصيت کي دعوت ڏين ته هو پنهنجي سنڌين لا ۽ ميسيجز لا سنڌ سلامت جو پليٽ فارم استعمال ڪن جيئن فيس بوڪ جو سماجي نيٽ ورڪ آهي، نه صرف پاڪستان ۾ بلڪه هر انهي هنڌ جتي سنڌي ملي ٿو
 
تمام سُهڻو مشعورو آهي آئون تائيد ٿو ڪريان۔ هاڻ اهو انتظاميا جو ڪم آهي ته اسانجا مضمون ڪنهن هڪ هيڊ اڪائونٽ ۾ سهڙي ڇڏين۔ اهو ڪم پهرئين محترم دوست رشيد سمون جن ڪندا هُئا پر هاڻ شايد ڪنهن به منتظم جو ان ڏانهن توجه ڪونهين۔ متان هي اوهانجي صلاح سمجهي ان مضمون کي سهڙي سگهن۔
آءُ پنهنجي طرفان هن ڪم لا سائين عبد الوحيد ڦلپوٽي فقير صاحب جن کي ريڪمنڊيڊ ڪندس، پاڻ سهڻي نموني هي ڪم ڪري سگهن ٿا، ماشا الله سنڌ سلامت انتظاميه جا بهترين عهديدار پڻ آهن۔۔۔
 
Back
Top