Sindhi Media
سينيئر رڪن
حديثن روشني ۾ ٻار جو نالو ڪنهن وقت رکجي
پئدائش کان پو ستين ڏينهن ٻار جو نالو رکڻ مشهور ۽ معروف آهي پر ڪن حديثن ۾ ان کان به پهرئين نالو رکڻ جا ثبوت ملن ٿا۔ حضرت سمره رضيه بيان ڪن ٿا ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ” هر ٻار پنهنجي عقيقي جي بدلي ۾ گروي هوندو آهي، جنهن کي سندس طرفان ستين ڏينهن ذبح ڪيو وڃي ۽ ان جو مٿو ڪوڙيو وڃي ۽ نالو رکيو وڃي (سنن ابي دائود 2838، جامع ترمذي 1522)۔ هن حديث مان ته خبر پوي ٿي ته ٻار جو نالو ستين ڏهاڙي تي رکجي پر ڪن حدثن ۾ آهي ته پهرئين به رکي سگهجي ٿو۔
حضرت سهل بن سعد ساعدي رضيه بيان ڪن ٿا ته ” منذر بن ابو اُسيد جڏنهن پئدا ٿيو ته کيس نبي سائين جن جي خدمت ۾ آندو ويو، پاڻ ص کين پنهنجي ران مبارڪ تي وهاريائون ۔ سندس والد ابو اسيد اتي ئي ويٺو هو۔ ان وقت نبي سائين جن پنهنجي سامهون واري پاسي ۾ ڪنهن ڪم ۾ مشغول ٿي ويا ۽ سندن ٻار تان توجه هٽي ويو ته ابو اُسيد ڪنهن کي پنهنجي ٻار جي باري ۾ حڪم ڏنو، پو ان اهو ٻار نبي سائين جن جي ران مُبارڪ تان کڻي ورتو۔ پاڻ صلعم جڏنهن فارغ ٿيا ته پُڇڻ لڳا ته ٻار ڪٿي آهي؟ ابو اُسيد ڳواب ۾ چيو ته يا رسول الله ص اسان ان کي گهر واپس موڪلي ڇڏيو آهي، پاڻ ص کائنس پُڇيو ته ٻار جو نالو ڇا آهي، ابو اُسيد چيو ته ان جو فلان نالو آهي۔ نبي سائين جن فرمايو نه! بلڪه هن جو نالو منذر آهي۔ (صحيح بخاري 6191 و صحيح مسلم 2149)۔
حضرت انس رضيه بيان ڪن ٿا ته رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو ته ”اڄ رات مون کي پُٽ ڄائو آهي، مون سندس نالو جد امجد ابراهيم عليه السلام جي نالي تي رکيو آهي۔ (صحيح مسلم 2314، سنن ابي دائود 3126)
مٿين حديثن مان خبر پوي ٿي ته نالو رکڻ ۾ وُسعت آهي يعني ٻار جي ڄمڻ واري ڏينهن به نالو رکڻ جائز آهي، ان کي ٽئي ڏينهن يا عقيقي جي ڏينهن ستين ڏينهن تائين موخر ڪرڻ به جائز آهي، مطلب ته ان کان پهرئين ۽ پو به نالو رکي سگهجي ٿو۔