مينهن وسڻ ڪري صرف 7 اوورن تائين محدود ڪيل ڇهين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا 78 اسڪور ڪري ورتو ۽ وري پنهنجي بهترين فيلڊنگ ۽ بالنگ ڪري سري لنڪا جهڙي سٺي ٽيم کي سوگهو ڪري ورتو ۔۔۔ اهي بس 46 رنسون مس جوڙي سگهيا۔۔۔ سو به چوٽي جو زور لڳائي ۔۔۔ ۽ اهڙي طرح ڏکڻ آفريڪا 32 رنسن جي واضح فرق سان ملهه ماري وڌي۔۔۔ ڏکڻ آفريڪا جي اننگ جون جهلڪيونسري لنڪا جي اننگ جون جهلڪيون
ساڳي ڏينهن آسٽريليا کي صحيح ڪٽڪو ڏيندي ويسٽ انڊيز جي ٽيم 191 رنسون جوڙي ورتيون پر موٽ ۾ آسٽريليا پلاند برابر ڪرڻ جو پورو خيال رکيو۔۔۔ ۽ واٽسن جي شاندار بيٽنگ ڪري جڏهن سڪور 100 تائين پهتو ته زوردار مينهن وسڻ شروع ٿيو۔۔۔ اهو مينهن اهڙو وسيو جو ويسٽ انڊيز جي ڪرس گيل جي 33 بالن تي 54 رنسن جي شاندار اننگ کي به لوڙهي ويو ۽ ڊگ ورٿ جي قانون تحت آسٽريليا 17 رنسن سان سوڀاري ٿي وئي۔۔۔ ويسٽ انڊيز جي اننگ جون جهلڪيونآسٽريليا جي اننگ جون جهلڪيون
سائين ذيشان رشيد صاحب مهرباني جو سنڌ سلامت تي ٻين سڀني ڳالهين سان گڏو گڏ اسپورٽس جو احوال به ملي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن لائيٽ نه هوندي آهي ته به فڪر نه ٿيندو آهي، ڇو ته پيرائتو حال احوال اوهان کان ملڻ جي اميد هوندي آهي، لک لائق، ٿورا۔۔ اميد آهي ته سنڌ سلامت اوهان جي سرپرستي ۾ هميشه سنڌين جو مان مٿانهون رکندي۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت