سپر سيٽرڊي تي ڪوبه اپ سيٽ نه ٿيو... ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا ڪامياب

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏24 سيپٽمبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مينهن وسڻ ڪري صرف 7 اوورن تائين محدود ڪيل ڇهين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا 78 اسڪور ڪري ورتو ۽ وري پنهنجي بهترين فيلڊنگ ۽ بالنگ ڪري سري لنڪا جهڙي سٺي ٽيم کي سوگهو ڪري ورتو ۔۔۔ اهي بس 46 رنسون مس جوڙي سگهيا۔۔۔ سو به چوٽي جو زور لڳائي ۔۔۔ ۽ اهڙي طرح ڏکڻ آفريڪا 32 رنسن جي واضح فرق سان ملهه ماري وڌي۔۔۔


    [​IMG]

     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ساڳي ڏينهن آسٽريليا کي صحيح ڪٽڪو ڏيندي ويسٽ انڊيز جي ٽيم 191 رنسون جوڙي ورتيون پر موٽ ۾ آسٽريليا پلاند برابر ڪرڻ جو پورو خيال رکيو۔۔۔ ۽ واٽسن جي شاندار بيٽنگ ڪري جڏهن سڪور 100 تائين پهتو ته زوردار مينهن وسڻ شروع ٿيو۔۔۔ اهو مينهن اهڙو وسيو جو ويسٽ انڊيز جي ڪرس گيل جي 33 بالن تي 54 رنسن جي شاندار اننگ کي به لوڙهي ويو ۽ ڊگ ورٿ جي قانون تحت آسٽريليا 17 رنسن سان سوڀاري ٿي وئي۔۔۔

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين ذيشان رشيد صاحب مهرباني جو سنڌ سلامت تي ٻين سڀني ڳالهين سان گڏو گڏ اسپورٽس جو احوال به ملي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن لائيٽ نه هوندي آهي ته به فڪر نه ٿيندو آهي، ڇو ته پيرائتو حال احوال اوهان کان ملڻ جي اميد هوندي آهي، لک لائق، ٿورا۔۔ اميد آهي ته سنڌ سلامت اوهان جي سرپرستي ۾ هميشه سنڌين جو مان مٿانهون رکندي۔
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو