Sindhi Media
سينيئر رڪن
اهڙن نالن رکڻ کان پرهيز ڪريو جنهن ۾ وقار مجروح ٿئي
سڀني مسلمانن کي اهڙن نالن رکڻ سان پرهيز ۽ احتياط ڪرڻ گهرجي جنهن سان اسلامي قدر و منزلت ۽ وقار مجروح ٿيڻ جو انديشو هُجي، ٻيو ته اهڙن نالن رکڻ کان به پرهيز ڪجي جنهن سان ڪافرن ۽ غير مسلمن جي مشابهت جو شق هُجي يا انهن جي لفظن سان هلاک يا عذاب يا تاوان جهڙي معنى جو اظهار ٿئي۔
مثال طور ”هيام(مستانو، ديوانو، چريو)“، ”هيفا (سنهڙي چيلهه، مُحبت جو پياسي)“، ”سَوسَن(خوشبودار ٻُوٽي)“، ”مياده (جهوم جهوم ڪرڻ، ناز و نخرن سان مٽڪ مٽڪ ڪري هلندڙ عورت)“، ”ناريمان(چمڪ دار چهرو يا روشن جسم واري عورت)“، ”غاده (نرم و نازڪ عورت، چڙهندڙ جواني واري عورت)“ احلام (خراب خواب ڏسڻ واري ذات)“ وغيره۔ اهڙن قسم ني نالن رکڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي۔
حڪمت ڇا آهي؟
اهڙن نالن کان بچڻ جو سبب ۽ حڪمت اها آهي ته امت مسلمه، پنهنجي شخصيت ۽ ذات ۾ ممتاز ۽ نمايان نظر اچي۔ پنهنجي خصوصيتن ۽ ذاتيتن سان سندن تعرف ٿئي۔ جڏنهن ته مٿي ذڪر ڪيل نالن سان نه صرف اسلامي شخصيت جو وقار مجروح يا پامال ٿئي ٿو بلڪه ان جي معتبر ۽ مقبول هُئڻ سان ترقي بجا تنزلي ۽ پُستي جو سامهون ڪرڻ جو انديشو رهي ٿو ۽ حقائق ۽ معننيت سان ڀرپور اسلامي شريعت ۽ نظام ڪمزور ۽ بي معني ڏسڻ ۾ اچي ٿو۔
اڄ جڏنهن امت مسلمه پستي ۽ تنزلي ۽ زوال جو شڪار آهي، سندس شيرازو بکري رهيو آهي ۽ هر دشمن هن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ان جو سبب به اهي نالا ئي آهن۔ با عزت مسلمانن کي ذليل و رسوا ڪرڻ، سندن حرمت کي پامال ڪرڻ، انهن جي عزت و عفت کي ڇيهو ڇيهه ڪرڻ، ان لا ئي آسان ٿي پيو آهي، ته اهڙي صورت ۾ اسانکي اهڙن سڀني خطرن جي مقابلي ۾ هر قدم انتهائي احتياط سان ڦوڪي ڦوڪي رکڻ جي ضرورت آهي، زندگي جي فر پاسي ۾ پنهنجي ڪوتاهين کي ڇڏي پوري توجه سان طريقه نبوي صلي الله عليه وسلم ۽ اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي۔
الله ج کان ئي اسان التجا ڪري ٿا سگهون تيه اي مولا ڪريم! تو ج وٽ هر قوت ۽ طاقت جا خزانا آهن، اسان جي مدد ۽ تعاون نصيب ڪر! ۽ اهڙن قسمن جي نالن رکڻ سان حتي الوسع اجتناب ۽ گريز ڪرڻ ۾ مدد ڪر ۽ ان سلسلي ۾ اسان طرفا ڪيل هر جدوجهد ڪرڻ جي توفيق نصيب فرما۔