Sindhi Media
سينيئر رڪن
اصحاب سڳورن رضيه جو ڪنيت رکڻ جو طريقه ڪار
حضرت انس رضي الله عنه جي ڪُنيت ”ابو حمزه“ مشهور هُئي جڏنهن ته انهن کي اڃا ڪو به اولاد نه ٿيو هو۔
حضرت ابو هريره رضي الله عنه جن کي انهن جي ڪُنيت سان سڏيو ويندو هو، سندن نالو عبدالرحمان هو ۽ حالانڪه ان وقت تائين سندن به ڪو اولاد نه هو۔
ثابت ٿيو ته صاحب اولاد پنهنجي اولاد کان سوا ڪنهن ٻئي نالي سان ڪُنيت به رکي سگهي ٿو، جنهن جا ڪي مثال هيٺ ڏيان ٿو:
حضرت ابوبڪر رضي الله عنه پنهنجي ڪُنيت سان مشهور آهن حالانڪه سندن ڪنهن به پُٽ جو نالو ”بڪر“ ڪونه هو۔
حضرت عمر بن خطاب رضي الله عنه جي ڪُنيت ”ابو حفص“ هُئي، حالانڪه سندن اولاد ۾ ڪنهن جو به نالو ”حفص“ ڪونه هو۔
حضرت ابوذر غفاري رضي الله عنه پنهنجي ڪُنيت ”ابوذر“ سان مشهور هُئا، مگر انهن جي ڪنهن به لخت جگر جو نالو ”ابوذر“ ڪونه هو۔
حضرت خالد بن وليد رضي الله عنه جي ڪُنيت ”ابو سُليمان“ هُئي حالانڪه سندن پُٽن مان ڪنهن جو نالو به ” سُليمان“ ڪونه هو۔
اهڙي طرح الاهي گهڻا مثال ملن ٿا مگر اسان ڪي پيش ڪيا آهن، انهن دليلن کي سامهون رکندي اسان کي ان نتيجي تي پُهچڻ گهرجي ته ته نوين ڄاول ٻار جي ڪُنيت رکڻ ”مستحب“ آهي ۽ نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم پڻ ان کي پسند ڪيو آهي۔ اهڙي طرح وڏن جي ڪُنيت رکڻ به ”مُستحب“ آهي ۽ ٻيو ته ثابت ٿيو ته ”ڪُنيت“ رکڻ لا لازمي به ڪونهين ته انسان صاحب اولاد هُجي، ۽ اهو به ضروري ڪونهين ته هو صرف پنهنجي اولاد جي نالي سان ئي ”ڪُنيت“ رکي۔