نالو، لقب ۽ ڪُنيت جي متعلق ٻيا حڪم ۽ مسئلا

Sindhi Media

سينيئر رڪن
نالو، لقب ۽ ڪُنيت جي متعلق ٻيا حڪم ۽ مسئلا​
ٻار جو نالو تجويز ڪرڻ ۾ جي زال مُڙس جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي وڃي ته پو پي جي را کي ترجيح ڏيڻ گهُرجي، ڇو جو نالي جو انتخاب ڪرڻ پي جي ذمهداري آهي، جيئن ته الاهين حديثن مان به اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ۽ قرآن مجيد ۾ به گهڻي وضاحت سان بيان ٿيل آهي ته ڇوڪري جو سلسله نسب پي جي طرف منسوب ٿيندو نه ڪه ما طرف، ان ڪري الله ذوالجلال به فرمايو آهي ” انهن (غلامن) کي پيئرن طرف نسبت ڏئي آواز ڏيو۔ الله جي ويجهو اهائي انصاف واري ۽ برحق ڳالهه آهي (سوره الاحزاب 33، 5)​
اهڙي طرح پهرين به حديثن جا حولا ڏئي ۾ به بيان ڪري آيا آهيون ته حضرت انس رضيه بيان ڪن ٿا ته رسول الله ص جن فرمايو ته ”اڄ مونن وٽ (ص) پُٽ پئدا ٿيو آهي، مون سندس نالو ”جد امجد“ ابراهيم عليه السلام جي نالي تي رکيو آهي (صحيح مسلم 2315، سنن ابي دائود 3126)​
ٻارن کي خراب ۽ قابل مُذمت لقبن سان پُڪارڻ والدين ۽ ٻين لا قطعي جائز ڪونهين مثال : ڇوٽو، موٽو، ڪاڻو، گونگو، ٻوڙو، ڀئونرو، ڪارو وغيره ارشاد باري تعالى آهي ته ” هڪ ٻئي کي خراب لقبن سان نه سڏيندا ڪريو (سوره الحجرات 49، 11)​
ڇو ته ٻارن تي خراب لقبن جي ڪري سٺو اثر مُرتب ڪونه ٿيندو، سندس دل ۾ احساس ڪمتري ۽ پنهنجي ماحول کان بغاوت پئدا ٿي ويندي جنهن جي نتيجي ۾ معاشرو بري طرح مُتاثر ٿيندو۔​
 
Back
Top