Sindhi Media
سينيئر رڪن
نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو نالو۽ ڪُنيت رکڻ گهرجي؟
عالم سڳورن جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جو نالو پنهنجي اولاد جي لا مُنتخب ڪرڻ جائز آهي۔ ڇو ته حضرت جابر رضي الله عنه فرمائين ٿا ته ” اسان مان هڪ ماڻهو جي گهر ۾ پُٽ پئدا ٿيو، هن پنهنجي پُٽ جو نالو ”مُحمد“ رکي ڇڏيو ته سندس قوم کيس ڌمڪيون ڏيڻ لڳي ته اسان توکي ڪونه ڇڏينداسون ڇو جو تو رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جو نالو پنهنجي پُٽ تي رکيو آهي۔ ان اصحابي پنهنجي پُٽ کي پُٺي تي وهاريو ۽ اچي نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جي خدمت عاليه ۾ حاظر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته اي الله جا رول ص! الله ج مونکي پُٽ ڏنو آهي ته مون هن جو نالو ”مُحمد“ رکيو آهي۔ هاڻ مُهنجي قوم چوي ٿي ته اسان توکي هرگز نه ڇڏينداسون ڇو جو تو رسول الله صلي الله عليه جي نالي تي پنهنجي پُٽ جو نالو رکيو آهي۔ ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايس ته مُهنجو نالو ڀلي رکندا ڪريو پر مُهنجي ” ڪُنيت“ نه رکو ڇو جو مان ص قاسم (پرهائڻ وارو) آهيان الله ج جو ڏنل فضل (وحي جو علم) توهانکي ورهائي ڏيندُو آهيان (صحيح بخاري حديث 3114، صحيح مسلم 2133)
هن حديث ۾ ڪُنيت رکڻ کان جيڪي منع ٿيل آهي، اڪثر عالمن جي ويجهو ان جو تعلق سندن زندگي مُبارڪ ۾ هو۔ ليڪن پاڻ صلي الله عليه وسلم جن جي وفات کان پو ”ابوالقاسم“ ڪُنيت به رکڻ جائز آهي جيئن حضرت علي رضي الله عنه جي حديث ۾ اچي ٿو جنهن ۾ پاڻ فرمائين ٿا ته ” مون چيو ته اي الله جا رسول! جي اوهانجي وفات کان پو مون کي پُٽ ڄمي ته ڇا مان سندس نالو ۽ ڪُنيت توهان ص جي نالي ۽ ڪُنيت تي رکي ڇڏيان ته پاڻ فرمايائون ته ٺيڪ آهي“ (سنن ابي دائود حديث 4967 ۽ جامع الترمذي حديث 2843 ۽ حديث صحيح انظر، صحيح ابي دائود 220، 3)
حميد بن زنجويه ڪتاب الادب ۾ لکي ٿو ته مون ”ابن ابي اويس“ کان سوال پُڇيو ته ڇا امام مالڪ رحه جو ان شخص جي باري ۾ فتوى صادر ٿيل هُئي ته ”جيڪو نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جو نالو ۽ ڪُنيت ٻئي رکي سگهي“ ته اونهن هڪ بزرگ جي طرف اشارو ڪيو جيڪو اسانجي مجلس ۾ شريڪ هو ۽ چوڻ لڳا ته هي ” مُحمد بن مالڪ“ آهي۔ امام مالڪ سندس نالو مُحمد ۽ ڪُنيت ” ابوالقاسم“ رکي هُئي۔ ۽ امام مالڪ رحه فرائيندا رهندا هُئا ته پاڻ ص جونالو ۽ ڪُنيت سندن زندگي ۾ رکڻ جهليل هو ۽ انهن جهل جو سبب هي هو ته جي ڪو شخص ڪنهن کي (مثال پنهنجي پُٽ کي) محمد ابو القاسم چئي آواز ڏي ها ته جي مُحمد صلي الله عليه وسلم اتي ويجهڙائي ۾ هُجن ها ته خوامخواه سندن ص توجه ان ڏانه ٿئي ها ۽ هاڻ اهو خطرو ۽ انديشو موجود ڪونهين تنهنڪري مُنهنجي نزديڪ ائين ڪرڻ ۾ ڪو مضائقه ڪونهين۔ ان ڪري اهو ئي قول رائج آهي۔
بهرحال اڄ جي دئور ۾ نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جو نالو ۽ ڪُنيت” ابو القاسم“ ٻئي رکڻ جائز آهن ڇو ته منع ڪرڻ واري حديث جو تعلق نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي زندگي سان گڏ هو ته اتتباس و اشتباه جي خدشي ۽ انديشن کان بچيو وڃي جيڪو ان مهل سڏڻ وقت پيش اچي سگهيو ٿي۔