لکين قرب سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب جن جا جو انهن پنهنجي ڳوڙهي مشاهدن مان اسان بي سمجهن لا لطيف جي روحاني رمزن بابت ايڏي معلومات ميسر ڪئي، نه ته هوند اسان ته اڳيئي لطيف بابت اٻوجهه ئي رهيا آهيون۔ مون ته اهو تير اڇليو آهي اهو تير وري اهڙي نشاني تي لڳو جو هن مضمون سان ايترا ڏاها ماڻهو سلهاڙجي ويا جو انهن سڄڻن جي ڏاهپ جي ڏنگن سان سنواريل جوابن جا تير منهنجي هنيا ۾ کُپي ويا ته ڄڻ من کي قرار ملي ويو۔ قرب سڀني سڄڻن ساٿين جا۔
سائين گستاخي معاف هڪ ننڍڙو عرض ته لطيف سرڪار کي سمجهڻ لاء عقل جي ضرورت ڪو نه پوندي آهي، ڇو جو عقل جو اتي ڪم ئي ڪونهي۔
لطيف سرڪار کي ڏسڻ ، ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاء عشق جو اچڻ ضروري آهي۔شايد توهان ڪٿي ٻڌو هجي ۔اچو عشق واريون ڪريون سور پچار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڪنين گهڻا ڪنين ٿورڙا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سائين عرض ته دنيا حقيقت لڪائي ،!!!ڇو ۽ ڇا جي ڪري ۔؟ اگر پنهجو احتساب ڪريون ته اسان ڪا به ڳاله ڇو ۽ ڇاجي ڪري لڪائيندا آهيون؟ڪهڙو خوف هوندو آهي جو ايئن ڪندا آهيون ؟
جيڪو به خوف هجي پر يقينن خدا جو خوف ڪو نه هوندو آهي۔
مطلب چوڻ جو ته دنيا جي لزتن ، آسائشن ، خواهشن ۽ حسرتن ۾ جيئڻ جي تمنا، ”عقل “جو سهارو وٺندي آهي۔جنهن ۾ رهي ڪري اهي سڀ ضفتون هڪ ئي وقت موجود رکي پنهجي ربّ کي ڳولڻ ناممڪن بنجي ويندو آهي،
۽ انهن سڀن جو شارٽ ڪٽ عشق هوندو آهي جيڪو پرواني کي باه ۾ گهڙڻ تي بي اختيار بنائيندو آهي۔
۽ پروانو بي صبرو بنا دير جي ڄُر ۾ وڃي پوندو آهي۔
عقل وارن کي الله پاڪ ڏاڍو سمجهايو پر، دليلن تي دليل هجڻ جي با وجود، ڪو نه سمجهي سگهيا،
ڪن سزائون قبوليون ڪي سزائن ۾ اچي ويا،
هلون ٿا ان دور ۾ جڏهن
سيدنا حضرت ابراهيم عليه سلام کي، بتن کي ڀنڃڻ جي سزا، باه ۾ ساڙڻ جي ٻڌائي وئي ۽ الائي ڪيترو وقت وڏي ميدان ۾ ڪاٺيون گڏ ڪندا رهيا،جڏهن باه ٻري ۽ درويش کي وجهڻ جو وقت آيو ته پريشان ٿيا ته هاڻي وجهون ڪيئن ،ڄرون ته پري کان ئي ٿيون ساڙين۔عقل انهن کي گليل وانگر ڪا شئي ٺهرائي جنهن ۾ حضرت ابراهيم عليه سلام کي باه ۾ پري کان اڇلايو ويو۔
ٿورو سوچو۔۔۔۔
ايڏي باه !!!! هڪ انسان ۔۔۔۔۔جيستائين اڇلجي پيو هوندو اها آزمائش ڇا هوندي ؟!!!!!!اهيو ايمان ڇا هوندو؟!!!!عقل ڪم ڪري ٿو ته ان باه ما ڪو بچندو به !ان جو فڪر ان جا خيال ان جون سوچون ڇا هونديون۔
پر الله پاڪ عقل کي تالا هڻي عشق کي مٿي ڪيو ۽ ظاهر ڪيو ۽ باه کي باغ بڻائي ڇڏيو۔
اهيو ئي سيدنا حضرت ابراهيم عليه سلام ،عمر رسيده ٿيڻ لڳا آهن اولاد ڪونهي،پنهجي گهرواري سان بي انتها محبت ۾ مبتلا آهن۔پر اولاد نه هجڻ جو غم ، جنهن کي نظر ۾ رکندي بيبي سائنڻ کين پنهجي خدامه سان نڪاح ڪرڻ لاء مجبور ڪري ٿي ،ٿوري ئي وقت ۾ اولاد جي خوش خبري ملي ٿي،پر اهيا خوشي ٿوري ئي وقت ۾ تناوءَ جو سبب بڻجي ٿي ۽ محبت ۾ حسد پيدا ٿيڻ لڳي ٿوايتري قدر جو بيبي صاحبه جي خواهش تي پنهجي اڳ جي ڪنيز ۽ پوء سيدنا ابراهيم عليه سلام جي گهر واري ان جي معصوم پٽ کي پاڻ کان پري ڪرڻ جي فرمائش ڪري ٿي ، جنهن جي رضا تي کين هڪ وادي ۾ اڪيلو ڇڏي ٿا اچن بغير ڪنهن مرد زات جي سو به رضا سان، نه ڪي جبر سان ،جتي پاڻي به ناهي اڪيلو معصوم اڪيلي عورت رڻ پٽ بيابان ۽ الله جي نبيء جو انهن کي ڇڏي وڃڻ
ڪجه سمجه ۾ اچي ٿو !!!!!؟؟؟؟؟؟ڪا ڳاله ياد اچيو ٿي۔۔۔ٿورو هن منظر کي سچي دل سان پسڻ جي ڪوشش ڪجو،
اها تڪليف ٿوري دير لاء هئي ان کان پوء خدا تعالي ا ان معصوم جي پيرن جي رڳڻڻ سان پٿرن مان پاڻي ڪڍيو،جيڪا خالص خدا جو انعام ڪل دنيا لاء ۽ ان پاڻي جي تلاش ۾ دوڙڻ کي عمري ۽ حج لاء لازمي ڪري ڇڏيو جيئن هر مسلمان کي ياد رهي ته ڇا ڪري رهيا آهيو،
ياد ڪجو اهيا پاڻيء جي تڪليف جيڪو بعد ۾ رڪن بنجي ويو اسلام جو۔
هلو اڳتي
ڪجه وقت کان پوء الله پاڪ سيدنا ابراهيم عليه سلام کي پهرين گهرواري مان اولاد عطا ڪيو،جنهن جو احساس بيبي سائنڻ کي ٿيو ته اولاد ڇا ٿيندو آهي ،تنهن اجازت ڏني ته هلو بيبي صاحبه ڏي هلون۽ اسماعيل سان ملي اچون۔ اتي پهچڻ کان پوء ڪجه ڏينهن ئي مس گذريا ته بار بار خواب اچڻ لڳو ته اسماعيل کي ُڪههُ
عجيب ڪشمڪش ۾ اسماعيل عليه سلام جي امڙ،
جڏهن ڄاوا ته ڪڍي ڇڏيئين،۽ بيابان ۔رڻ ۾ ڇڏي آيو۔ هاڻي مس اڃا جوان ٿيڻ لڳو آهي ته ڪهڻ ٿو گهري !!! ۔خدا چيو هن کي ته ڪهه !!!!
فڪر ڪيو هي لمحو به حڪمت کان خالي ڪونهي،
ڇا ٿيو هوندو ان ماء جو،جيڪا نبيء جي زوجه نبيء جي هٿئون بار بار پاڻ کي ۽ پنهجي معصوم پٽ کي امتحان ۾ ڏسي رهي آهي۔ پنهجي معصوم پٽ لاء ڪيئن نه تڙپي هوندي ۔ ڪيئن نه ربّ کي ٻاڏايو هوندئين۔
۽ ربّ وري به ان جي ٻڌي ۽ هڪ دفعو وري اسماعيل عليه سلام جي امڙ کي اسماعيل سلامت مليو ،
۽ اها ادا پڻ رڪن ٿي ويئي جنهنسان مسلمان حج ڪندا آهن ۔۽ عيد ملهائيندا آهن۔
منهجو نڪتو فڪر جو هي آهي ته
” زمر“ ”زخرف“ سومرا ، حمد جني جو هنڌ
” اهدنا الصراط المستقيم “، ايء پهنوارن پنڌ
باري لاهي بند، ته ملان ماروئڙن کي۔
ڇا لطيف سرڪار هي سٽون ڪربلا جي ميدان ۾ مولا حسين پاڪ جون چيل ڳالهيون نه لکيون آهن،
اهو پاڻي جيڪو هڪ معصوم جي اڃ اجهائڻ لاء هڪ ماء کي هن جبل کان هُن جبل تائين ڊوڙائي ٿي۔۽ الله پاڪ ان پريشاني جو خاتمو زم زم سان ڪري ٿو ۽ ان تڪليف ۽ ان عطا کي تمام دنيا لاء نشاني بڻائي ٿو ته ان تڪليف جو ڇا سلو هوندو جيڪا ٿڃ پياڪ کي اڃ جي بدلي تير جي صورت ۾ پانهجي ماء پيء جي هٿن ۾ ڏني وڃي جنه جو گناه فقط ايترو ته اهي صراط مستقيم ڏانهن سڏڻ وارا هئا،
هو به نبيء جو اولاد هو ،هي به نبيء جو اولاد۔
هُنن کي پنهجي پيء تڪليف ۾ وڌو،
هي خالص پنهجي ربّ جي وحدانيت جي پچار ۾ پيا سهن،
غير الله جي قوت کان انڪاري هجڻ جي تڪليف پيا سهن،
اهي ڊوڙون ڀري مسلمان خوش ٿيندا آهن ته اسان فرض ادا ڪيو
عمرو ڪيو ۽ حج ادا ڪيو
اسماعيل جي امڙ کي ته اسماعيل عليه سلام ۔الله پاڪ موٽائي ڏنو، ان جي بدلي گهّٽو اچي ويو جنهن کي قربان ڪندي فرض سمجهندا آهيون ۽ ڪهي عيد ملهائيندا آهيون،
جنهن نبيء جي اولاد کي ڪهي سر نيزن تي کنيا ويا ان نبيء کي سرن جي بدلي ۾ ڇا ڏيندا آهيو۔
هتي گهٽي جي بدلو گهٽو ڏئي سرخرو ٿيو ٿا
هتي سر جي بدلي سِرُ ڇو نه،!!!!
سائين غور ڪيو اهڙيون ڳالهيون لطيف سرڪار چٽيون چيون آهن۔
سر ڍونڍيان ڌڙ نه لهان ،ڌڙ ڍونڍيان سِرُ ناه
هٿ،ڪرايون ،آڱريون ويا ڪپجي ڪانه
وحدت جي وهانو جي ويا سي وڍيا۔
توهان ٻڌايو لطيف سرڪار ڀلا ڪنهن کي ڪسجندي ڏٺو هو،
”زمر“ ”زخرف“ سومرا۔ مارو مون مهندار
” اولائڪ اصحاب الجنته“۔ماڳ سندن موچار
” وسقاهم ربهم شرابا طهورا“پين پوڄ پهنوار
ويروتا وجود ۾ ۔ پرين جي پچار
سٻاجها ستار ۔ مونکي مارن ميڙيين۔
اهي اڃ جا احساس سوا ڪربلا جي ٻيا ڪا ٿي ٻڌا اٿو
مٿين صورتن کي به پڙهي ڏسو انهن ۾ به کوڙ نشانيون موجود آهن۔
جنهن تحت هنن پاڻي جي طلب تي به پاڻ کي الله جي آٿتن جو دليل ڏنو ۽ صبر ڪيو هنن جي اڳيان هٿ ڪو نه جهليائون۔
۽ پنهجي اصل واڳ ڏانهن ورڻ کي ياد رکيئون۔
” توبه “ جني تن ۾ ، سي ”نمل“ نهارين
”قل يا“ ”قدسمع“ ،”جاثيته“،دل ”دخان“ ڌرين
”تبار“ ”تبت“، ”اذاجاء “، اذا زل“ سين اورين
جيڪين پهنواريون پهرين، سو ميسر سڀ ملير ۾ ۔
هي سڀ ڪم ڪربلا ۾ ٿيا۽ قرآن ۾ پڻ واضع لکيل آهي اهي غور طلب آهن ۔
سائين غلام مصطفي ا اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان هن رنگ کي واضع طريقي سان چٽيو،
۽ لطيف سرڪار جي روحاني رمز کي فقيرن جي نظر ڪيو،الله پاڪ اجر ڏيندو اوهان کي ،اميد ته اڳتي به مستفيد ڪندا هلندو،
دعائن ۾ ياد ،سنڌ سلامت ساٿ سلامت