• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ويسٽ انڊيز ڪابه پهرين مرحلي جي بنا ڪنهن جيت جي سپر 8 ۾ پهڇي وئي...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
آسٽريليا خلاف شاندار راند کيڏڻ باوجود جڏهن مينهن جي وسي پوڻ ڪري ويسٽ انڊيز کي ٻڌايو ويو ته کين شڪست ملي چڪي آهي۔۔۔ اهو سوچي آئرلينڊ خلاف ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ کي ترجيح ڏيندي ڪپتان سمي خيال ڪيو هوندو ته هو به جيڪو ٽارگيٽ ملي تيز رفتاري سان چيز ڪرڻ ويندا ته جيئن مينهن پوڻ سان هو به ڊڪ ورٿ لوئس جي قانون مان فائدو وٺي سگهن۔۔۔ ۽ ذري گهٽ ائين ئي ٿيو جو آئرلينڊ مقرر 19 اوورز ۾ جڏهن رڳو 129 رنسون جوڙي سگهي ته مينهن جو وسڪارو اهڙو وٺو جو ٻيهر کيڏڻ جو موقعو ئي نه مليو ۽ اهڙي طرح ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائينٽ ملي ۔۔۔ رن ريٽ بهتر هجڻ ڪري ويسٽ انڊيز بغير ڪنهن ميچ کٽڻ جي سپر 8 ۾ پهچي وئي۔۔۔

150295.3.jpg
ڪرڪيٽ ڏسڻ جا شوقين آئرلينڊ جي بيٽنگ جو جهلڪيون هتي ڪلڪ ڪري ڏسي سگهن ٿا۔۔۔​
 
ويسٽ انڊيز کي ڏسي مونکي 1992 ۾ پاڪستان جو سيمي فائنل ۾ پهچڻ ياد اچي ويو، جڏهن انگلينڊ خلاف 70 رنسون ڪري پوري ٽيم آئوٽ ٿي وئي پر بارش سبب ميچ ڊرا ٿي ۽ پوء پاڪستان هڪ پوائنٽ سبب سيمي فائنل ۾ پهتو ۽ ورلڊ ڪپ کٽي ويو۔
 
Back
Top