عورتن لا مسڪا ڊش، مڙس هر خواهش پوري ڪرڻ لاِ تيار

Sindhi Media

سينيئر رڪن
عورتن لا مسڪا ڊش، مڙس هر خواهش پوري ڪرڻ لاِ تيار​
سڀ کان پهرئين حسد (ساڙ) جي باه سان چُلهه ٻاريو۔​
هاڻ چُلهه تي خواهشن جي ديڳڙي رکي مسڪي جو مکڻ وجهي تڙڪو ڏيو۔​
پو حسبه ذائقه غيبت جو لوڻ، رقا بت جا مرچ، ۽ انتقام جو پائوڊر تڙڪي واري مکڻ ۾ وجهو۔​
ٿورڙو ڀڃڻ کان پو فڪر، پريشاني، مايوسي، حسرتون ۽ آهن سان گڏ پنهنجي مُڙس جي دل چيري مڙس جي دماغ سان ان مکڻ جي تڙڪي ۾ ڏهن منٽن تائين ڀُڃو۔​
جڏنهن ٿورڙو ڳاڙهو رنگ اچي ته پنهنجا سڙيل ارمان ۽ دم توڙيندڙ آهون وجهي دم تي رکو۔​
جڏنهن مڙس جو دماغ چڱي طرح رڌجي وڃي ته ديڳڙي جو ڍڪڻ لاهي پيار جون ٻه بوندو وجهي شورٻي کي خوشبدار بڻايو۔​
پو مٺي مٺي ڪشش جي گرمي تي دم تي رکو ؤ ڪُجهه دير انتظار ڪريو۔​
جڏنهن ڇسو ته مُڙس جي قوت برداشت جواب ڏئي وئي آهي ته زبان جا نشتر هڻڻ بند ڪري چُلهه کي وجهائي ڇڏيو۔​
پو ان شورٻي کي مسڪا ڊش ۾ وجهي نفرت ۽ مُحبت جي تيلن سان تر ڪريو۔​
پو ڊش کي ٿڌو ڪرڻ لاِ دماغ جي ڊيپفريزر ۾ رکي ڇڏيو۔ جڏنهن ٿڌو يخ ٿي وڃي ته، خواهشن جي پليٽن ۾ وجهي، ڪاميابي جي چمچي سان ٽيسٽ ڪريو،​
مزي وري هُجي ته مُڙس جي اڳيان رکو، توهان ڏسندا ته مسڪا ڊش جي خوشبو سونگهندي هاڻ توهانج مُڙس توهانجي هر خواهش پوري ڪرڻ جي موڊ ۾ نظر ايندو۔​
 
Back
Top