• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ۾ بدامني

سجاد علي سومرو

سينيئر رڪن
اڄ شهر شهدادڪوٽ ۾ صبح ساجهر ڊرب محله ۾ موٽر سائيڪل ڦر جي واردات ٿي۔
گذريل هفتي کان تقريبن شهر ۾ 10 کان 12 موٽر سائيڪل ڦر جون وارداتون ٿيون ۔
هونئن به سنڌ جا سڀئي وڏا شهر ته ڌارين وٽ قيد آهي پر ڇا هاڻ اسان جي سنڌ جا ننڍا شهر به محفوظ ناهن رهيا؟
 
پيارا دوست سجاد سلام

ڌاريا تڏهن ئي قابض ٿيا جڏهن اسان ڀاڙي ٿياسون ۽ هنن جو نه ته مقابلو ڪيوسين نه وري ڪا قانوني رستا روڪ ڪري سگهياسين۔ اهي اسان جا پنهنجا ئي آهن جن ڌارين کي آڻڻ ۾ سندن ساٿ ڏنو۔ اڄ اهي ئي ماڻهو جيڪي اسان جا پنهنجا آهن سي اسان کي ئي لُٽي رهيا آهن، سنڌ ۾ ڦرن، ڌاڙن، اغوا جي وارداتن ۾ ڪو ٻاهريون ناهي پر اسان جا ئي ماڻهو آهن، جيڪي چند ٽڪن عيوض پنهنجن سان ڪلور ٿا ڪن۔

مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا هو ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾
ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾
 
واعليڪم اسلام ادا سليمان وساڻ۔
حقيقت ۾ ادا اسان پاڻ ئي خود ڪمزور ٿي ويا آهيون۔ هاڻ اسان جي سنڌ اها ناهي رهي يا اسان سنڌي اهي ناهيون رهيا بهرحال الله سائين اسان جي سنڌ ۽ سنڌين ۾ وري اهو جوش ۽ جذبو پيدا ڪري ته وري اسين ان منزل تي پهچون ۽ دشمنن سان آمهون سامهون ٿيون ۽ انهن کي جواب ڏئي سگهون ته ها اسين ئي هن ڌرتي جا وارث آهيون اسين هن ڌرتي جي دشمنن کي نيست و نابوت ڪيون۔
 
سائين جيستائين تعليم ۽ بيروزگاري ۽ قانون جا مسئلا حل نه ٿيندا اهي ڳٽ اسان جي ڳچي ۾ ٽنگيل رهندا ۔ اسان ڪيترو به چاهيون اهڙن بدمعاش ماڻهن کي سڌاري نه ٿا سگهون عام ماڻهو ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي، قانون به انهن سان ساٿاري آهي، عام ماڻهو ته اڳيئي ڊنل آهي، وري هر انسان سان پنهنجا ذاتي مسئلا جڙيل آهن ان ڪري اهو ٻئي ڪنهنجو ساٿ ڏيڻ جو سوچي به نٿو۔ سائين اسين نهايت پٺتي پيل قوم آهيون اسان اڃا تائين شعور جي اها منزل پار ئي نه ڪئي آهي جنهن جي پار ڪرڻ سان اسان هڪ مهذب قوم طور سڃاتا وڃون، اسان وٽ حشر اهو آهي ته اسين اڃا تائين پنهنجي پاڻ کي سڃاڻي به نه سگهيا آهيون ته اسين پينو فقير آهيون يا ڪي شاهوڪار سنڌ ملڪ جا مالدار رهاڪو آهيون۔ جيسين اسين پنهنجي قوم کي اهو احساس نٿا ڏياري سگهون ته اهي شاهوڪار ملڪ سنڌ جا مالڪ آهن ٿوري همٿ ڪرڻ سان اسان دنيا ۾ سڃاتا وڃي سگهون ٿا، تيسين اسين پنهنجي ان غلامانه سوچ واري ڌپاري سماج مان ٻاهر نٿا نڪري سگهون۔ ائين پو پنهنجن هٿان ئي لُٽجندا ، ڦُرجندا رهبا سين۔
 
سائين جيسين اسلامي نظام نه ايندو اهي وحشتناڪ ڳالهيون هلنديون رهنديون، اڃان به برو حشر انتظار ۾ آهي۔۔۔ الله جي پناھ
 
Back
Top