• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سپر 8 جي ٻئي مقابلي ۾ ويسٽ انڊيز سرخرو... دفاعي چيمپين انگلينڊ کي شڪست

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ڪمزور بالنگ باوجود ويسٽ انڊيز انگلينڊ کي اڄوڪي ميچ ۾ سوگهو ڪري ورتو ۽ انگلينڊ جي مورگن ۽ ايلڪس چوٽي جو زور لڳائي به انگلستان کي ڪامياب نه ڪري سگهيا۔۔۔
ويسٽ انڊيز جي 180 جهڙي وزنائتي اسڪور جو مقابلو ڪندي 0 تي ئي انگلينڊ جا 2 رانديگر آئوٽ ٿي ويا۔۔۔ جنهن کان انگلينڊ جي ٻنهي رانديگرن توڙي جو 58 بالن ۾ 107 رنسون جوڙي ورتيون پر پهريون وڪيٽون ڪرڻ ڪري سنڀاليندي سنڀاليندا شروع وارا اوور ضايع ڪري ورتا۔۔۔ ۽ پاور پلي جو ضايع ٿيڻ ئي شڪست جو سبب بڻيو جو انگلينڊ وارا ڀرپور ويڙهه ڪندي به 15 رنسون رهجي ويا۔۔۔
ويسٽ انڊيز جنهن گروپ ميچز ۾ ڪابه راند نه کٽيندي سپر 8 ۾ آئي هئي تنهن هن ميچ ۾ سرخرو ٿيندي ثابت ڪيو ته سندن ۾ اڃان دم باقي آهي۔۔ سندن هن جيت کانپوءِ سندن سيمي فائينل ۾ پهچڻ ان ڪري به آسان ٿي ويو آهي جو سندن گروپ ۾ انگلينڊ ۽ مضبوط ٽيم آهي۔۔۔ نيوزيلينڊ ۽ سري لنڪا مان ڪا هڪ ميچ کين سيمي فائينل جي ڏاڪي تائين پهچائي سگهي ٿي۔۔۔

30xk4ls.jpg
ميچ جون جهلڪيون۔۔۔​
 
هي به سٺو مقابلو ٿيو پر الائي ڇو ٽي وڪيٽون ڪرڻ کانپوء بهتر پوزيشن ۾ اچڻ باوجود انگلينڊ پنهنجي ميچ آخري اوورن ۾ ڦاسائي هارجي وئي۔

هن راند ۾ ڇڪن ۽ چوڪن جي بارش ڏسڻ وٽان هئي۔
 
يار مئچ ڦاسڻ کان پوءِ کٽڻ ئي راند جو هسن آهي۔ جيڪو اڄ پاڻ وارن يارن به ڪيو۔ پر يار اڄ ڪٿي ٽي وي تي هڪ جهلڪ ڪرس گيل جا اهي جهٽڪا، ٺمڪا ۽ نچڪا ڏسڻ جو موقعو مليو پر پري کان۔ يو ٽيوب بند آهي سو اهي ڏسڻ جي خواهش بس ّواهش ئي هئي۔ هتي اوهان جون لنڪس (جيڪي وڊيوز) لاءِ آهن سي ڪم نه پيون ڪن۔ ڪيئن ڪجي؟
 
Back
Top