ايس ايم درس
سينيئر رڪن
گذريل ٻن سالن کان مون سان ھلندڙ مسئلو:
دوستو ! جيئن ته مون سان ھڪ مسئلو پيش اچي رھيو آھي جيڪو مون لاءِ ھڪ اھم مسئلو آھي. 2010 کان منھنجي گئس جو بل نه ٿو اچي. ڪنھن مھيني ۾ وقت تي ڊبليڪيٽ لاءِ وڃڻ ٿيندو آھي ته ڪنھن مھيني ڪنھن مصروفيت جي وجھه سان نه وڃڻ ٿئي ٿو. جڏھن به ڊبليڪيٽ بل ٺھرائڻ لاءِ ڪالا بورڊ آفيس ويندو آھيان اتي پنھنجي شڪايت نوٽ ڪرائيندو آھيان پر اڃان تائين ڪو به عمل نه ٿي رھيو آھي. جڏھن ته آفيس مان خبر پوندي آھي ته گئس ڪمپني پاران ھر مھيني بل موڪليو ويندو آھي پر مون تائين ڪو نه پھچندو آھي. ھر دفعي گئس ڪمپني پاران ڏنل دل داري تي يقين ڪري ايندو آھيان ته ھن مھيني مسئلو حل ٿي ويندو. پر افسوس سان ته اڃان تائين ساڳيون مسئلو ھلندو پيو اچي.
Shafi Muhammad Customer Number: 0948023040 – 9
Bill Id: 094802300318
Meter No. 26376743